آگياري
آگياري (Tower of Silence) کي دخمو بہ چوندا آهن. سنڌ ۾ ٻہ زردشتي مذھبي مقام ١٨٤٧ع- ١٨٧٥ع ۾ قائم ٿيا جن مان ھڪ آگياري پاڪستان چوڪ ۽ ٻيو صدر ڪراچيءَ ۾ آهي. ھيءَ اھا جڳھ آھي، جنھن کي پارسي پنھنجي مُردن لاءِ آخري آرام گاھ طور استعمال ڪندا آھن. ھي ھڪ گول پليٽ فارم آھي، جنھن جي درمياني گولائي ٣٠٠ فوٽ ٿئي ٿي. ان جي سطح پٿرن جي بلاڪن ۽ سيمنٽ سان تيار ڪئي ويندي آھي. انن گولائي کي ٽن حصن ۾ ورھايو ويندو آھي. پھرين مردن لاءِ، ٻي عورتن لاءِ ۽ ٽين ٻارن لاءِ. پليٽ فارم تي چڙھڻ لاءِ ھڪ رستو فوٽ پاٿ نموني جو ٿئي ٿو. انھيءَ پليٽ فارم جي وچ ۾ ھڪ اونھو کوھ ٺھيل آھي، جنھن جي اونھائي ١٥٠ فوٽ ٿيندي آھي. ان جون ڀتيون ۽ فرش پڪي بلاڪ جو ٺھيل ھوندو آھي. کوھ جي اندروني سطح تي سوراخ موجود ھوندا آھن. جتان مينھن جو پاڻي اندر داخل ٿيندو آھي ۽ پوءِ اھو پاڻي زير زمين موجود چئن نالين سان ڳنڍيل ھوندو آھي، جيڪي وري چئن کوھن سان ڳنڍيل ٿين. جنھن جي ھيٺين سطح تارڪول ۽ واري سان ڍڪيل ھوندي آھي. مذڪوره کوه جي مٿان مردي کي بنا ڪپڙن جي رکيو ويندو آھي. ٻن ٽن ڪلاڪن ۾ ڳجھون ان جو ماس پٽي وينديون آهن ۽ ھڏين کي کوھ جي سوراخن ۾ اڇلايو ويندو آھي. ھتي ڪراچيءَ ۾ اھڙيون ٻہ آگياريون آھن. ھڪ ننڍي ۽ ٻي وڏي. ڪراچي ۾ ٢٠٠٠ کن زردشتي رھن ٿا.[1]
حوالا[سنواريو]
- ↑ آگياري : (Sindhianaسنڌيانا)، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (ويبسائيٽ)، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد، سنڌ.