آڏت جو دڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آڏت / آڍاٽ جو دڙو جي نالي سان ٻه دڙا سنڌ ۾ آهن.

جبار آزاد منگي[سنواريو]

ماڳ جو نالو:آڏت جو دڙو

ماڳ جو هنڌ: نصيرآباد شهر کان اوڀر ڏکڻ جي ڪنڊ،باڊهه شهر کان ڏکڻ اولهه جي ڪنڊ تعلقو نصيرآباد ضلعو قمبر شهداد ڪوٽ ماڳ جو دور: هڙاپا جو دور

هي ماڳ دڙي جي صورت ۾ آهي.مسٽر ڊڪشٽ 1025ع ۽ مسٽر مجمدار 1927 ۾ کوٽائي ڪئي.هتان اڏواتن جا نشان ڪونه مليا آهن،ڪي وٿون مليون آهن،جيئن عقيق جق مڻڪا، ٺڪراٽو،ٽڪر ٿي ڪتي جي تصوير.ٽڪر چٽيل مليو آهي،ٽامي جي تار ۽ آر .ٽڪر جون چوڙيون،ٽڪر جون مورتين ملن ٿيون وغيره.هي ماڳ هڙاپا جي دور جو ليکجي ٿو.هي دڙو 20 فوٽ اوچو آهي،تازي قبرستان جا به نشان آهن.

قمبر شهدادڪوٽ ۾[سنواريو]

آڏت جو دڙو : جنھن کي مقامي ماڻهو ڌامراهن جا دڙا بہ سڏيندا آهن. هي ماڳ جي ′270◦190 اتر ويڪرائي ڦاڪ ′68◦01اوڀر ڊگھائي ڦاڪ ، تي تعلقي نصيرآباد ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي ديھ گُڪي ۾، نصيرآباد شهر جي اوڀر ڏکڻ ڪنڊ تي اٽڪل 12 ڪلوميٽرن ۽ باڊھ شھر کان ڏکڻ اولھ ھڪ ڪلوميٽر تي آهي.ھڙاپا دور جو هي ماڳ دڙي جي صورت ۾ آھي .مسٽر ڊڪشت 1925 ۽ مسٽر مجمدار 28- 1927 ۾ کوٽائي ڪئي .ھتان اڏاوتن جا نشان ڪونہ مليا آھن .ڪي وٿون مليون آھن ،جيئن عقيق جا مڻڪا ،ٺڪراٺو ،ٺڪر تي ڪتي جي تصوير وغيره .ھي ماڳ ھڙاپا دور جو ليکجي ٿو .ھي دڙو 20 فوٽ اوچو آھي .ٺڪر چٽيل مليو آھي .ٽامي جي تار ۽ آر ،ٺڪر جون چوڙيون ۽ ٺڪر جون مورتيون ملن ٿيون .تازي قبرستان جا نشان بہ آھن.[1]

بدين ۾[سنواريو]

آڏت جو دڙو نالي سان بدين ضلعي ۾ به هڪ دڙو آهي،جيڪو تعلقي ٽنڊي باگي ۾،نندي شھر کان 6 ميل اتر-اوڀر پاسي موجود آھي. اهو دڙو زمين کان لڳ ڀڳ 10 فوٽ مٿي آھي ۽ سنڌ جي آثار قديمه ۾ شمار ٿئي ٿو.[2]


حوالا[سنواريو]

  1. "آڏت / آڍاٽ جو دڙو : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2021-10-05. 
  2. "آڏت جو دڙو : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2021-10-05.