آچاريه ڀڳوان ديو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آچاريه ڀڳوان ديو ھڪ ناميارو سنڌي ليکڪ ۽ سياستدان، جنھن سال 1935ء ۾ ٻيراڻي ضلعي سانگهڙ ۾ جنم ورتو. ورهاڱي کان پوءِ ڀارت ۾ اجمير مان لوڪ سڀا جو ميمبر به ٿيو. ھن پھريون ڀيرو 26 اپريل 1982ء تي لوڪ سڀا ۾ سنڌيءَ ۾ قسم کنيو ۽ تقرير ڪئي ھئي ۽ 18-19 آڪٽوبر 1983ء تي ڀارت جي پھرين ورلڊ سنڌي ڪانفرنس ڪوٺائي هئائين، جنهن جو افتتاح ان وقت جي وزيراعظم مسز اندراگانڌيءَ ڪيو ۽ اختتامي سيشن جي صدارت صدر گياني ذيل سنگھه جي ھئي. ڀارت ۾ وڏي اثر رسوخ واري شخصيت هو. 1999ء ۾ گذاري ويو آهي.[1]