مواد ڏانھن هلو

آيو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
آيو چنڊ (Io)
گليليئو خلائي جھاز تان ورتل آيو جي سچي تصوير
گليليئو خلائي جھاز تان ورتل آيو جي حقيقي تصوير. مرڪز جي بلڪل ويجھو کاٻي پاسي ظاھر ٿيندڙ ڪارو ٽٻڪو پروميوٿس ٻرندڙ جبل جي ڦاٽڻ واري مرحلي کي ظاھر ڪري ٿو. ان جي ھڪ پاسي کان سفيد ميدان ان ٻرندڙ جبل مان نڪتل مادي جو تھ آهي جنھن ۾ سلفر ڊاء آڪسائيڊ موجود آهي.
دريافت
دريافت ڪيو گليليئو گليلئي
دريافت ٿيڻ جي تاريخ 8 جنوري 1610
نالي جي وضاحت
اضافي يا عارضي نالو مشتري 1 (جوپيٽر 1)
نالي جون صفتون آيونيئن
مدار جون وصفون
پيري ايپسس 420,000 km (0.002807 AU)
ايپسس 423,400 km (0.002830 AU)
مدار جي سراسري جو نيم قطر 421,700 km (0.002819 AU)
مدار جي بي قائدگي 0.0041
1.769137786 d (152,853.5047 s, 42.45930686 h)
مدار جي سراسري رفتار 17.334 km/s
مدار ۾ لاٿ 0.05° (مشتري جي استوائي خط ڏانهن)
2.213° ( گرھڻ ڏانھن )
قدرتي سيٽلائيٽ مشتري
طبعي وصفون
ماپ جوڳا پاسا 3,660.0 × 3,637.4 × 3,630.6 km[1]
نيم قطر جي سراسري 1,821.6±0.5 km (0.286 E )
سطح جي ائوري
(Surface aurie)
41,910,000 km2 (0.082 Earths)
مقدار 2.53×1010 km3 (0.023 Earths)
وزن 8.931938±0.000018×1022 kg (0.015 Earths)[2]
گھاٽائي 3.528±0.006 g/cm3[2]
سطحي ڪشش ثقل 1.796 m/s2 (0.183 g)
0.3755±0.0045[3] (estimate)
2.558 km/s
synchronous
  1. Thomas, P. C. (1998). "The Shape of Io from Galileo Limb Measurements". Icarus 135 (1): 175–180. doi:10.1006/icar.1998.5987. Bibcode1998Icar..135..175T. 
  2. 2.0 2.1 2.2 Yeomans, Donald K. "Planetary Satellite Physical Parameters". JPL Solar System Dynamics. 
  3. Showman, Adam P.; Malhotra, Renu (October 1999). "The Galilean Satellites". Science 286 (5437): 77–84. doi:10.1126/science.286.5437.77. PMID 10506564. 
  4. "Classic Satellites of the Solar System". Observatorio ARVAL. وقت 25 August 2011 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 28 September 2007. 


آء او چنڊ يا آيو چنڊ(انگريزي: Io ) مشتري (Jupiter) جو پنجون چنڊ ۽ ٽيون نمبر سڀني کان وڏو چنڊ آھي. ھن لاء ناسا انيڪ مشن موڪليا آھن جن ۾ گليليئو (خلائي جھاز)، ووئيجر (خلائي جھاز) ۽ پايونيئر (خلائي جھاز) شامل آھن . ھن تي ٺھيل وڏا ٻرندڙ جبل ھن کي اسان جي نظام شمسي جي سڀني کان وڌيڪ زميني جوش واري شئي بڻائن ٿا. 7 جنوري 1610ع تي گليليو گليلي 20x ريفليڪس ٽيلي اسڪوپ ذريعي آيو جو تجربو ڪيو. جڏھن ته گھٽ ريزوليشن سبب آيو چنڊ ۽ يوروپا چنڊ ۾ فرق نه ڪري سگھيو. ان کي ٻئي چنڊ ھڪ جاء تي نظر پئي آيا. جيتوڻيڪ ٻئي ڏينھن 8 جنوري 1610ء تي گليليو آيو چنڊ ۽ يورپا چنڊ کي الڳ الڳ پاسن کان ڏٺو . جيئن ته گليليو آيو چنڊ کي 7 جنوري تي ئي معائنو ڪري چڪو ھو پر بين الاقوامي خلائي يونٽ (IAU) اٺ جنوري 1610ء کي ئي آيو چنڊ جي دريافت جي تاريخ مڃي ٿو .

گليليئو گليلئي جنھن ھي چنڊ دريافت ڪيو

جديد ٽيڪنالوجي نه ھجڻ ڪارڻ پٺين اڍائي سؤ سالن تائين آيو چنڊ خلائي ماھرن لاء ھڪ عجيب راز بڻيل ھو. اڻويھين صدي جي آخري ڏھاڪن ۾ دوربيني واري ٽيڪنالوجي ۽ خلائي ٽيڪنالوجي ۾ وڏي ترقي ٿي. ان کان پوء انسان آيو چنڊ جي انيڪ رازن تان پردو هٽايو.

آيو چنڊ مشتري جي سطح کان ساڍا پنج لک ڪلو ميٽر جي مفاصلي کان گول چڪر ھڻندو آھي ۽ پنھنجو ھڪ ڦيرو تقريبا زمين جي ساڍا ٻائيتاليھ ڪلاڪن ۾ پورو ڪندو آھي. آيو چنڊ ۽ يورپا جي چڪر ھڻڻ جو ريشو 2 ، 1 آھي. يعني جنھن وقت ۾ يورپا چنڊ مشتري کي ھڪ چڪر ھڻي ٿو آيو چنڊ انھي دوران ٻه چڪر ھڻي ٿو وڃي. ٺيڪ انھي نموني آيو چنڊ جو گينيميڊ چنڊ سان 4 ، 1 جو ريشو آھي. آيو چنڊ به مشتري جي ٻين چنڊن وانگي ھڪ ھنڌ سڪ آھي. ھن جو ھڪ حصو ھميشه مشتري ڏي رھي ٿو .

آيو چنڊ جي سطح سليڪيٽ پٿر ۽ لوھ سان ٺھيل آھي. جيتوڻيڪ ھي ٻين چنڊن کان بلڪل مختلف آھي جيڪي برف ۽ سليڪيٽ سان ٺھيل آھن. ھن جو اندروني مرڪز لوھ ۽ آئرن سلفائيڊ سان ٺھيل آھي. جيڪو ھن جي جسم جو 20 سيڪڙو آھي . آيو چنڊ جو قطر 1821 ڪلو ميٽر آھي . جيڪو اسان جي زميني چنڊ کان 5 فيصد وڏو آھي.

ھن جي مٿاڇري تي ريگستان ، ميداني علائقا ، وڏيون وڏيون پھاڙيون ننڍا ننڍا کڏا ۽ ٻرندڙ جبل جا لاوا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ھن جي سطح تي شھاب نه آھن ان جو ڪارڻ ھي آھي ته آيو ھڪ ٻرندڙ جبلن وارو چنڊ آھي.

آيو ڏسڻ ۾ رنگين ٿو اچي ڇاڪاڻ ته ھن تي ٻرندڙ جبلن جا لاوا ۾ سليڪيٽ سلفر ۽ سلفر ڊاء آڪسائيڊ جھڙا عنصر موجود آھن. جيڪي ھن جي سطح کي رنگين بڻائن ٿا.

آيو چنڊ تي سؤ کان ڏيڍ سؤ جبل آھن جيڪي ڇھ سو ڪلو ميٽر ايوريج تائين ڊگھا آھن. ھي اونچائي مائونٽ ايورسٽ کان ڪافي زياده آھي. آيو چنڊ جو وايو منڊل ڪافي سنھو آھي جنھن ۾ مک سلفر ڊاء آڪسائيڊ ، سلفر مونوآڪسائيڊ ، سوڊيئم ڪلورائيڊ، ايٽومڪ سلفر ۽ آڪسيجن جا نشان مليا آھن .

آيو چنڊ جي گرم علائقن ۾ گرمي پد تقريبا 200 سينٽي گريڊ تائين ھليو ٿو وڃي جڏھن ته ھن جو ايوريج گرمي پڌ 130 سينٽي گريڊ آھي. آيو جو وايو منڊل لڳاتار ختم ٿيندو وڃي پيو. جيڪڏھن اسان آيو تي زندگي جي ڳولھا ڪيو ٿا ته اھا اسان جي وڏي غلطي ھوندي. ڇو مشتري جي چوڌاري گردش ڪندي ته ھڪ جاء تي بيھڻ جي ڪري يا پنھجي محور تي گول ڦرڻ بند ٿيڻ جي ڪري پاڻي ھن جي سطح کان شروعاتي وقت ۾ ئي اڏري ويو ھو. ھن جي وايو منڊل ۾ زھريلي گيسن کان علاوه آڪسيجن نه ھجڻ برابر آھي. جيڪو آيو چنڊ تي زندگي نا ممڪن بڻائي ڇڏي ٿو. جيڪڏھن خلاباز ھن جي سطح تي بغير خلائي سوٽ جي لھي ته مشتري ، آيو ۽ گينيميڊ جي ڀيانڪ ريڊيئيشن سان ھڪ منٽ کان به گھٽ وقت ۾ ھن جو موت يقيني آھي.

آيو ٽائيڊلي لاڪڊ افيڪٽ ( پنھجي محور تي ڦرڻ بند ٿي وڃڻ) سان پيدا ٿيندڙ گرمي توانائي کان ڪافي زياده واپس ڪندو آھي. پر اھا توانائي ڪٿان ٿي اچي ؟ ان جي تلاش اڃان ھلي پئي. اھا ڪھڙي طاقت آھي جيڪا آيو چنڊ تي ٻرندڙ جبلن کي ھلائي پئي ۽ ٻرندڙ جبلن مان نڪرندڙ شيء ڪھڙي آھي؟ ھي به آيو چنڊ جي رازن منجھان ھڪ راز آھي ته آيو وٽ پنھنجو مقناطيسيت ڇو آھي؟ ھي ڪٿان ۽ ڪيئن ٺھيو؟ ھي ٻين چنڊن کان ڇو وڌيڪ الڳ آھي؟

مستقبل ۾ مشتري جي چنڊن لاء ڪجهه مشن موڪلڻ جي تياري آھي. جونو خلائي جھاز (Juno) 2011ء تي خلا ۾ روانو ڪيو ويو جيڪو ٻرندڙ جبلن جي جاچ وٺندو. يورپي ايجنسي 2023ء تائين مشتري جي برفاني چنڊ جي کوجنا لاء ھڪ خلائي جھاز روانو ڪرڻ جي تياري ڪري پئي جيڪو گينيميڊ چنڊ تائين ويندو ۽ آيو چنڊ وٽان اڏرڻ دوران ان جي جاچ ڪندو. آيو چنڊ لاء ھڪ خاص مشن آيو چنڊ جي ٻرندڙ جبلن جو مشاھدو ڪرڻ لاء 2021 تائين موڪلڻ جي ڳالھ به ھلي پئي. جيڪو ھن جو سٺي نموني جائزو وٺندو ۽ مطالعو ڪندو. شايد مستقبل ۾ انھن سڀني مھمن ذريعي اسان آيو چنڊ جي رازن کان پردو کڻي سگھون. جيتوڻيڪ اسان جي ھي ڪائنات ھميشه ئي رازن سان ڀريل رھندي .

حوالا

[سنواريو]