آفتاب غلام نبي قاضي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آفتاب غلام نبي قاضي اعليٰ سول سروس جو ناميارو ميمبر، نوشھري فيروز ۾ ڄائو. شروعات کان ئي ذهين هو. هميشہ پھريون نمبر ايندو هو. رياضيءَ ۾ ايم. ايس سي ڪرڻ کان پوءِ 1943ع ۾ انڊين سول سروس (آءِ. سي. ايس) جي مقابلي ۾ شريڪ ٿيو ۽ اعزاز سان ڪامياب ٿيو. کيس بھار اڙيسا سول سروس ۾ چونڊيو ويو. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ قاضي صاحب پنھنجون خدمتون پاڪستان لاءِ وقف ڪري ڇڏيون. انهيءَ وقت کان وٺي پاڻ مختلف عھدن تي رهندو آيو. اسسٽنٽ ڪليڪٽر هالا، ڪليڪٽر ٺٽو ۽ اولھ پاڪستان جو سيڪريٽري ماليات رهيو. 1962ع کان 1965ع تائين واشنگٽن ۾ پاڪستان جي اقتصادي کاتي جي نمائندي طور خدمتون سرانجام ڏنائين. ان کان پوءِ اولھ پاڪستان ۾ ترقيءَ ۽ منصوبي بنديءَ واري کاتي جو چيف سيڪريٽري ٿيو. 1966ع ۾ کيس واپڊا جو چيئرمئن بنايو ويو. 1969ع ۾ سيڪريٽري خزانہ مقرر ٿيو ۽ 1979ع ۾ کيس اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جو گورنر مقرر ڪيو ويو.[1]

حوالا[سنواريو]