آغا خان اسپتال حيدرآباد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آغا خان اسپتال حيدرآباد آغا خان يونيورسٽي اسپتال ڪراچيءَ جي انتظام هيٺ هلندڙ هن اسپتال جو مڪمل نالو آغا خان ميٽرنٽي اينڊ چائلڊ ڪيئر سينٽر آهي . هيءَ اسپتال 1989ع ۾ قائم ٿي ، جنهن جو افتتاح پرنس ڪريم آغا خان ڪيو . هن اسپتال ۾ مناسب معاوضي عيوض ماءُ ۽ ٻار جي صحت لاءِ مختلف سھوليتن جو انتظام ٿيل آهي . آغا خان هيلٿ سروسز پاڪستان طرفان ماءُ ۽ ٻار جي صحت جو پھريون مرڪز سلطان آباد (ٽنڊي الھيار) تعلقي ۾ 1956ع ڌاري قائم ڪيو ويو . ٻن سالن کان پوءِ آغا خان ميٽرنٽي هوم حيدرآباد ۾ تلڪ چاڙهي وٽ قائم ٿيو . ٻار ڄمڻ دوران سامھون ايندڙ پيچيدگين کي نظر ۾ رکندي، آغا خان هيلٿ سروسز پاڪستان طرفان 1989ع ۾ هن اسپتال جون خدمتون شروع ڪيون ويون . موجود وقت ۾ هيءَ اسپتال حيدرآباد جي بھترين اسپتالن ۾ شمار ٿئي ٿي ۽ ڄامشورو روڊ تي قاسم چوڪ کان اڳيان آهي.[1]

حوالا[سنواريو]