مواد ڏانھن هلو

آغا خان يونيورسٽي اسپتال، ڪراچي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
آغا ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال
فائل:AKUH Logo.png
لوگو
آغا خان اسپتال نِجي عمارت جو حصو
آغا خان اسپتال نِجي عمارت جو حصو
فائل:2
I
عام معلومات
رتبونجي، منافع بخش
قسماسپتال
طرزِ اڏاوتپاڪستاني فن تعمير
مڪانيتاسٽيڊيم روڊ
پتواسٽيڊيم روڊ، ڪراچي، سنڌ
ملڪ پاڪستان
اڏاوت شروع ٿيڻ جي تاريخ1979ع
مڪمل ٿيل1985ع
افتتاح1985ع
خرچ$5.2 ملين
مالڪآغا خان
Governing bodyآغا خان فائونڊيشن
ڊزائن ۽ تعمير
آرڪيٽيڪٽالحاق: آغا خان يونيورسٽي، [[
آرڪيٽيڪچر فرمڪاليج آف فزيشئين اينڊ سرجنز آف پاڪستان
ٻي معلومات
ويھڪ جو قسمF
ويھڪ جي گنجائشG
سھولتونقسم: تدريسي
پارڪنگها
ويبسائيٽ
Official Website
آغا خان اسپتال نِجي عمارت جو حصو
آغا خان اسپتال نِجي عمارت جو حصو

آغا خان يونيورسٽي اسپتال (AKUH) ڪراچي، پاڪستان ۾ هڪ خانگي اسپتال آهي. سال 1985ع ۾ قائم ڪيل، هي آغا خان يونيورسٽي (AKU) جي فيڪلٽي آف هيلٿ سائنسز جو بنيادي تدريسي اسپتال آهي. اسپتال ثانوي ۽ ٽئين درجي جي صحت جي سنڀال فراهم ڪري ٿو، جنهن ۾ او پي ڊي، بيمارين جي تشخيص ۽ علاج، سرجري ۽ مريضن جي سنڀال جو انتظام شامل آهي.

تاريخ

[سنواريو]

ان جي منظوري حڪومت پاڪستان 16 مارچ 1983ع تي ڏني ۽ ان جو باقاعدي افتتاح 1985ع ۾ پاڪستان جي تڏھوڪي صدر جنرل محمد ضياءُالحق ڪيو. ھن يونيورسٽيءَ جو مقصد نون سائنسي علمن جي واڌاري ۽ اسرندڙ ملڪن کي پيش ايندڙ مسئلن جي حل لاءِ انساني وسيلن جي ترقي آھي. يونيورسٽيءَ جي پھرين فئڪلٽي طب جي آھي، جنھن ۾ ھڪ ميڊيڪل ڪاليج ۽ ھڪ نرسنگ اسڪول آھي. ڪاليج جو بنيادي مقصد ڊاڪٽرن ۽ سرجنن جي تعليم ۽ تربيت آھي. شروعات ايم. بي.بي. ايس لاءِ پنجن سالن جي نصاب موجب تعليم ۽ تربيت جي منصوبي سان ڪئي ويئي. يونيورسٽي ڪئمپس ۾ ھڪ اسپتال به قائم آھي، جنھن جو الحاق ھڪ معاھدي تحت ھن يونيورسٽيءَ سان ٿيل آھي، پر ان جو انتظام ھڪ الڳ ڪاميٽيءَ وٽ آھي. اسپتال ۾ ساليانو 32 ھزار مريضن جي اندرين داخلا، علاج ۽ سھولتن ۽ اڍائي لک کان وڌيڪ ٻاھرين مريضن جي علاج جو بندوبست ٿيل آھي. اسپتال ۾ طب جي گرئجوئيٽ شاگردن جي تربيت کان علاوه نرسن، طبي ڪارڪنن، ٽيڪنيڪل ۽ ٻئي طبي ۽ فني عملي جي تربيت لاءِ به سھولتون مھيا ڪيل آھن.[1]


جاگرافيائي بيهڪَ: 24°53'48" اتر، 67°4'28" اوڀر

حوالا

[سنواريو]