آسٽريليا راڄڌاني علائقو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
آسٽريلين ڪيپيٽل ٽيريٽري
آسٽريلوي گاديءَ وارو خطو
آسٽريلين ٽيريٽري
آسٽريلين ڪيپيٽل ٽيريٽري آسٽريلوي گاديءَ وارو خطو
جھنڊو
{{{official_name}}}}}
قومي نشان
عرفيت: قومي گاديءَ جو هنڌ
نعرو: راڻي، قانون ۽ عوام لاء
آسٽريليا جي نقشي ۾ ڪيپيٽل ٽيريٽري نمايان ڏيکاريل
آسٽريليا جي نقشي ۾ ڪيپيٽل ٽيريٽري نمايان ڏيکاريل
جاگرافي بيهڪ: 35°27′00″S 148°58′50″E / 35.45000°S 148.98056°E / -35.45000; 148.98056مڪانيت: 35°27′00″S 148°58′50″E / 35.45000°S 148.98056°E / -35.45000; 148.98056
ملڪ  آسٽريليا
رياست نيو سائوٿ ويلز ۾ واقع
دولت مشترڪه ڏانھن واپسي 1911
حڪومتي قيام 1988
وڏي ۾ وڏو شھر ڪينبرا
حڪومت
 • قسم آئيني بادشاهت
 • مجلس ٽيريٽري جي حڪومت
 • وزيراعلي اينڊريو بار (اَي اَيل پِي)
پکيڙ
 • ڪل 2,358 ڪ.م2 (910 ميل2)
 • زميني 2,280 ڪ.م2 (880 ميل2)
 • آبي 77.6 ڪ.م2 (30.0 ميل2)
پکيڙ ۾ درجو 8th
بلند ترین  پیمائش (بمبيري جي چوٽي) 1,912 ميل (6,273 ft)
گھٽ ترین  پیمائش (مُرَمبِجِي ندي) 429 ميل (1,407 ft)
آبادي (مارچ 2020)[1]
 • ڪل 429,834
ڪينبرا ھن خطي جي اترئين ڇيڙي ۾ واقع آهي جيڪو منصوبه بندي وارو شھر آھي
ڪينبرا ۾ آسٽريليا جي پارليامينٽ


آسٽريلين ڪيپيٽل ٽيريٽري, آسٽريليائي گادي وارو خطو(انگريزي: Australian Capital Territory) (مختصرن ACT) وفاقي گادي وارو علائقو آھي جنھن ۾ آسٽريليا جو گاديءَ وارو شھر ڪينبرا واقع آهي. اھا نيو سائوٿ ويلز رياست اندر ھڪ اينڪليو آھي. آسٽريليا جي حڪومت جي گادي، پارليامينٽ وغيره سڀ ان ٽيريٽري ۾ واقع آھن.

آسٽريليا جي گادي وارو خطي جو مقام ۽ جَيروِس اپسمنڊ نقشي ۾ ڏيکاريل

آسٽريلين ڪيپيٽل ٽيريٽري جي پکيڙ 2٬280 ڪلوميٽرزچورس (880 sq mi) آھي. آسٽريليا جو پھرين گادي جو هنڌ ميلبورن ھيو. پھرين جنوري 1901ع تي آسٽريليائي وفاق قائم ٿيو تہ آئين جي قلم 125 ۾ اھا شق رکي وئي تہ نيو سائوٿ ويلز رياست ۾ سڊني کان گھٽ ۾ گھٽ 100 ميلن جي فاصلي تي گادي جو تعين ڪيو ويندو. ان لاء پارليامينٽ سيٽ آف گورنمينٽ ايڪٽ 1908ع نافذ ڪيو جنھن ذريعي 1911ع ۾ نيو سائوٿ ويلز جي ياس-ڪينبرا خطي ۾ نئون گادي وارو شھر اڏڻ جي منظوري ڏني وئي.

Five people on stone platform, from left: Man with mustache in military dress uniform and bushy tall black hat with chinstrap; man in military uniform with many medals and old fashioned naval officer's hat; man with white hair in suit with long dark coat and white collar; woman in Victorian dress with white hat; man with beard and wild hair in suit. Crowd and flags in background.
12 مارچ 1913ع تي گادي واري ٺھندڙ شھر جو نالو ڪينبرا رکڻ وقت ڪيل جشن ۾ وزيراعظم اينڊريو فشر وچ ۾ ڪاري سوٽ ۾ بيٺل ، ان جي ساڄي پاسي گورنر جنرل ٿامس ڊينمين ۽ کاٻي پاسي ليڊي ڊينمين بيٺل

1913ع ۾ ان نئين شھر جو نالو ڪينبرا رکيو ويو. ڪيپيٽل ٽيريٽري جي آبادي جو وڏو حصو ڪينبرا شھر ۾ رھي ٿو پر ان کان علاوه ڪجهه ٻيا ننڍڙا شھر پڻ ان خطي ۾ واقع آھن جن ۾ وليمسڊيل, ناس، اريئارا، ٿاروا ۽ ھال شامل آهن. ھن ٽيريٽري ۾ گادي جو هنڌ ھجڻ ڪري تمام اھم اداران جو مرڪز آھي. ھتي آسٽريليا جي پارليامينٽ، آسٽريليا جي ھاء ڪورٽ، آسٽريلين ڊفينس فورس اڪيڊمي، آسٽريلين وار ميموريل، غيرملڪي سفارتخانن جو وڏو تعداد، کوڙ يونيورسٽين جا ڪيمپس پڻ واقع آھن جن ۾ آسٽريلين نيشنل يونيورسٽي،يونيورسٽي آف ڪينبرا، يونيورسٽي آف نيو سائوٿ ويلز ۽ آسٽريلين ڪيٿولڪ يونيورسٽي شامل آهن. ٽيريٽري جي پنھنجي علحده مقننه پڻ آھي جيڪا 1988ع ۾ آسٽريلين ڪيپيٽل ٽيريٽري (سيلف گورنمينٽ) ايڪٽ جي نفاذ سان قائم ٿي. ان ٽيريٽري جي حڪومت جو سربراھ وزيراعلي آھي[3]. مقننه جو نالو ليجسليٽو اسيمبلي آھي جنھن جا ميمبر عوام مان چونڊجندا آھن. ٽيريٽري کي وفاقي پارليامينٽ م پڻ نمائندگي مليل آهي. مٿئين ايوان : سينيٽ ۾ ٻہ رڪن ھن ٽيريٽري لاء مخصوص آھن ۽ ٽي رڪن ھيٺين ايوان: اسيمبلي ھائوس ۾ ھن ٽيريٽري جي نمائندگي ڪندڙ آھن. ھن خطي جي آبادي 2016ع جي آدمشماري مطابق 428,060 آھي. 1934ع ۾ ھن خطي جي پنھجي علحده سپريم ڪورٽ قائم ڪئي وئي[4]

حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. "National, state and territory population – March 2020". Australian Bureau of Statistics. حاصل ڪيل 24 September 2020. 
  2. "5220.0 – Australian National Accounts: State Accounts, 2018–19". Australian Bureau of Statistics. حاصل ڪيل 20 November 2019. 
  3. "Australian Capital Territory (Self-Government) Act 1988 (Cth)". Federal Register of Legislation. حاصل ڪيل 14 June 2019. 
  4. Administration, ACT Law Courts and Tribunal Administration;; PositionTitle=Director; SectionName=ACT Magistrates Court; Corporate=ACT Law Courts and Tribunal. "About the Courts". courts.act.gov.au. حاصل ڪيل 2020-06-18.