آسٽريليا راڄڌاني علائقو
آسٽريلين ڪيپيٽل ٽيريٽري آسٽريلوي گاديءَ وارو خطو | |||||||||||||||||||||||||||
|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|
| Nickname(s): قومي گاديءَ جو هنڌ | |||||||||||||||||||||||||||
| Motto(s): راڻي، قانون ۽ عوام لاء | |||||||||||||||||||||||||||
آسٽريليا جي نقشي ۾ ڪيپيٽل ٽيريٽري نمايان ڏيکاريل | |||||||||||||||||||||||||||
| Coordinates: 35°27′00″S 148°58′50″E / 35.45000°S 148.98056°E | |||||||||||||||||||||||||||
| ملڪ | |||||||||||||||||||||||||||
| رياست | نيو سائوٿ ويلز ۾ واقع | ||||||||||||||||||||||||||
| دولت مشترڪه ڏانھن واپسي | 1911 | ||||||||||||||||||||||||||
| حڪومتي قيام | 1988 | ||||||||||||||||||||||||||
| وڏي ۾ وڏو شھر | ڪينبرا | ||||||||||||||||||||||||||
| حڪومت | |||||||||||||||||||||||||||
| • طرز | آئيني بادشاهت | ||||||||||||||||||||||||||
| • باڊي | ٽيريٽري جي حڪومت | ||||||||||||||||||||||||||
| • وزيراعلي | اينڊريو بار (اَي اَيل پِي) | ||||||||||||||||||||||||||
| مقننه | ليجسليٽو اسيمبلي 25 سيٽون | ||||||||||||||||||||||||||
| عدليه | |||||||||||||||||||||||||||
| Federal representation | آسٽريليا جي پارليامينٽ™۾ ٽيريٽري جي نمائندگي:
| ||||||||||||||||||||||||||
| ايراضي | |||||||||||||||||||||||||||
| • ڪل | 2,358 چورس ڪلوميٽر (910 چورس ميل) | ||||||||||||||||||||||||||
| • زمين | 2,280 چورس ڪلوميٽر (880 چورس ميل) | ||||||||||||||||||||||||||
| • پاڻي | 77.6 چورس ڪلوميٽر (30.0 چورس ميل) | ||||||||||||||||||||||||||
| ايراضي درجو | 8th | ||||||||||||||||||||||||||
| آبادي (مارچ 2020)[1] | |||||||||||||||||||||||||||
| • ڪل | 429834 | ||||||||||||||||||||||||||
| • درجو | 7th | ||||||||||||||||||||||||||
| رهاڪو نالو | ڪَيرِيبن | ||||||||||||||||||||||||||
| وقتي علائقو | UTC+10:00 (AEST) | ||||||||||||||||||||||||||
| • اونهارو (ر.ب.و) | UTC+11:00 (AEDT) | ||||||||||||||||||||||||||
| پوسٽل ڪوڊ | ACT | ||||||||||||||||||||||||||
| آء ايس او 3166 ڪوڊ | AU-ACT | ||||||||||||||||||||||||||
| جي ايس پي ندي | 2018–19 | ||||||||||||||||||||||||||
| گراس اسٽيٽ پراڊڪٽ (ڪروڙ آسٽريلين ڊالر) | $4087.9[2] (6th) | ||||||||||||||||||||||||||
| جي ايس پي في ڪس | $96,456 (3rd) | ||||||||||||||||||||||||||
| ويب سائيٽ | www | ||||||||||||||||||||||||||
| |||||||||||||||||||||||||||


آسٽريلين ڪيپيٽل ٽيريٽري, آسٽريليائي گادي وارو خطو(انگريزي: Australian Capital Territory) (مختصرن ACT)
وفاقي گادي وارو علائقو آھي جنھن ۾ آسٽريليا جو گاديءَ وارو شھر ڪينبرا واقع آهي. اھا نيو سائوٿ ويلز رياست اندر ھڪ اينڪليو آھي. آسٽريليا جي حڪومت جي گادي، پارليامينٽ وغيره سڀ ان ٽيريٽري ۾ واقع آھن.

آسٽريلين ڪيپيٽل ٽيريٽري جي پکيڙ 2,280 چورس ڪلوميٽر (880 mi2) آھي. آسٽريليا جو پھرين گادي جو هنڌ ميلبورن ھيو. پھرين جنوري 1901ع تي آسٽريليائي وفاق قائم ٿيو تہ آئين جي قلم 125 ۾ اھا شق رکي وئي تہ نيو سائوٿ ويلز رياست ۾ سڊني کان گھٽ ۾ گھٽ 100 ميلن جي فاصلي تي گادي جو تعين ڪيو ويندو. ان لاء پارليامينٽ سيٽ آف گورنمينٽ ايڪٽ 1908ع نافذ ڪيو جنھن ذريعي 1911ع ۾ نيو سائوٿ ويلز جي ياس-ڪينبرا خطي ۾ نئون گادي وارو شھر اڏڻ جي منظوري ڏني وئي.

1913ع ۾ ان نئين شھر جو نالو ڪينبرا رکيو ويو. ڪيپيٽل ٽيريٽري جي آبادي جو وڏو حصو ڪينبرا شھر ۾ رھي ٿو پر ان کان علاوه ڪجهه ٻيا ننڍڙا شھر پڻ ان خطي ۾ واقع آھن جن ۾ وليمسڊيل, ناس، اريئارا، ٿاروا ۽ ھال شامل آهن. ھن ٽيريٽري ۾ گادي جو هنڌ ھجڻ ڪري تمام اھم اداران جو مرڪز آھي. ھتي آسٽريليا جي پارليامينٽ، آسٽريليا جي ھاء ڪورٽ، آسٽريلين ڊفينس فورس اڪيڊمي، آسٽريلين وار ميموريل، غيرملڪي سفارتخانن جو وڏو تعداد، کوڙ يونيورسٽين جا ڪيمپس پڻ واقع آھن جن ۾ آسٽريلين نيشنل يونيورسٽي،يونيورسٽي آف ڪينبرا، يونيورسٽي آف نيو سائوٿ ويلز ۽ آسٽريلين ڪيٿولڪ يونيورسٽي شامل آهن. ٽيريٽري جي پنھنجي علحده مقننه پڻ آھي جيڪا 1988ع ۾ آسٽريلين ڪيپيٽل ٽيريٽري (سيلف گورنمينٽ) ايڪٽ جي نفاذ سان قائم ٿي. ان ٽيريٽري جي حڪومت جو سربراھ وزيراعلي آھي[6]. مقننه جو نالو ليجسليٽو اسيمبلي آھي جنھن جا ميمبر عوام مان چونڊجندا آھن. ٽيريٽري کي وفاقي پارليامينٽ م پڻ نمائندگي مليل آهي. مٿئين ايوان : سينيٽ ۾ ٻہ رڪن ھن ٽيريٽري لاء مخصوص آھن ۽ ٽي رڪن ھيٺين ايوان: اسيمبلي ھائوس ۾ ھن ٽيريٽري جي نمائندگي ڪندڙ آھن. ھن خطي جي آبادي 2016ع جي آدمشماري مطابق 428,060 آھي. 1934ع ۾ ھن خطي جي پنھجي علحده سپريم ڪورٽ قائم ڪئي وئي[7]
حوالا
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ "National, state and territory population – March 2020". Australian Bureau of Statistics. 24 September 2020. 24 September 2020 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "5220.0 – Australian National Accounts: State Accounts, 2018–19". Australian Bureau of Statistics. 15 November 2019. 20 November 2019 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Australian Capital Territory". اصل نسخو مان 5 March 2007 تي محفوظ ڪيل. 27 May 2007 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Boden, Anne (23 May 2007). "Floral Emblem of the ACT". محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 1 June 2007 تي محفوظ ڪيل. 27 May 2007 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Time to Talk Canberra. "ACT Flags and Emblems". CMD.act.gov.au. 17 July 2016 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Australian Capital Territory (Self-Government) Act 1988 (Cth)". Federal Register of Legislation. 14 June 2019 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Administration, ACT Law Courts and Tribunal Administration;; PositionTitle=Director; SectionName=ACT Magistrates Court; Corporate=ACT Law Courts and Tribunal (2019-12-16). "About the Courts". courts.act.gov.au (انگريزي ۾). 2020-06-18 تي حاصل ڪيل.
{{cite web}}: CS1 maint: multiple names: authors list (ڳنڍڻو)
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- Coordinates on Wikidata
- سانچا
- Pages using embedded infobox templates with the title parameter
- Pages using infobox settlement with unknown parameters
- CS1 maint: multiple names: authors list
- CS1 انگريزي-language sources (en)