آسوڪا جي ٽڪري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آسوڪا جي ٽڪري، هي دڙو ٻڌ ڌرم واري دور سان تعلق رکي ٿو. ديھ تپو انڙپور، تعلقو ڪوٽڙي، ضلعو ڄام شورو. ھي دڙو انڙپور کان ھڪ ميل جي مفاصلي تي آھي. ھتي ماڻھو وڃڻ کان ڊڄن ٿا، ڇو جو مقامي ماڻھن روايتون قائم ڪري رکيون آھن تہ ھتي جيڪو ويندو اھو مري ويندو. جيئن نالي مان ظاھر آھي تہ ھي ٻڌ ڌرم جو ماڳ آھي. ھتي چوڌاري ٺڪراٺو پکڙيل آھي. ھن وقت ھتي قبرستان ٺھي چڪو آھي. ان ڪري دڙو ختم ٿيندو پيو وڃي.[1]

حوالا[سنواريو]