آزاد گھرجي وطن (ڪتاب)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آزاد گهرجي وطن ڪتاب مشھور شاعر خاڪي جويي جو پھريون شعري مجموعو آهي. هن ڪتاب جي اهميت اها آهي تہ ان ۾ 140 بندن تي مشتمل طويل نظم جو تجربو ٿيل آهي. سنڌ جي حوالي سان حب الوطنيءَ جو ھڪ شاھڪار نظم آھي. ڇاپو پھريون غلام حيدر جويي، پرفيڪٽ پرنٽرس حيدرآباد مان 1973ع ۾ ڇپايو. هن ڪتاب جو مھاڳ برک دانشور محمد ابراهيم جويي جو ”ايءَ خاڪيءَ جو خيال“ عنوان سان لکيو هو. ھن شعري مجموعي جا ڪيترا ڇاپا شايع ٿي چڪا آھن. عنوان واري نظم کي مخصوص ڌن سان جيجي زرينه ڳائي، سڄيءَ سنڌ ۾ مشھور ڪيو ۽ اڪثر قومي جلسن ۾ هي نظم ڳائجڻ لڳو.[1]

حوالا[سنواريو]