آرڙ جي ڍنڍ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آرُڙَ ڍنڍ ديهه ”ٻليدائيءَ“، تپي ٻليدائيءَ، تعلقي ميهڙ جي اتر ۾ ۽ ڌامراهه واهه جي اورئين پاسي تي آهي. نقشي مطابق آرُڙ َٽن ديهن تي پکڙيل آهيِ: (1) ديهه ٻليدائي، (2) ديهه وارياسو ۽ (3) ديهه ڪاملپور. هيءَ ڍنڍ هر سال نيلام ٿيندي آهي. ڍنڍ جي اوڀر ۾ ”ٻلهڙا“ ڳوٺ آهي، جيڪو ڍنڍ جي ڪناري تي آهي. هن ڳوٺ ۾ ٻه ذاتيون رهنديون آهن. (1) ٻلهڙا ۽ (2) ٻَٻر، اهي لاڙڪاڻي ضلعي جي اسراڻ زميندارن جي پوک ڪندا آهن. هيءَ ڍنڍ ملاحن کي ٺيڪي تي ڪانه ملندي آهي، پر سولنگي ذات جا ماڻهو ٺيڪي تي کڻندا آهن. هن ڍنڍ ۾ مڇي به چڱي مرندي آهي ۽ سيپٽمبر کان مارچ مهيني تائين پکي به جام مرندو آهي. ميهڙ ۽ نصيرآباد جي مارڪيٽ ۾ آرُڙَ ڍنڍ جو پکي جام پهچندو آهي، جتان دادو شهر جا پکين جا واپاري به پکي کڻي ويندا آهن. بندوق جو شڪار آفيسر ۽ زميندار ڪندا آهن، نه ته هتي پکين جي اهڙي شڪار تي بندش پيل آهي. مقاطعيدار پاڻ آڏين ۽ ونجهرن ۾ پکي مارائيندا آهن. آڙي خاص ڪري ”پئوَن“ ۾ ڦاسائي مارائيندا آهن. مڇي پکين جي موسم کان پوءِ هر روز ڪافي تعداد ۾ مرندي آهي. آرُڙَ ڍنڍ جو هڪ پاسو ٻه ڪلو ميٽر ٿي ويندو. هيءَ هن دؤر ۾ ميهڙ تعلقي جي وڏي ۾ وڏي ۽ تمام پراڻي ڍنڍ آهي. هن ڍنڍ جي ڪنارن سان پَنِ تمام گهڻي ٿئي، انڪري وڏي مڇي سياري ۾ پَن ۾ لڪي ويندي آهي. پوءِ به مڇي مارڻ وارا هن ڍنڍ ۾ روز رڇ لاهي پهريِ ڪندا آهن. ڍنڍ جي مڇيءَ لاءِ وڏي ۾ وڏي مارڪيٽ ميهڙ شهر آهي، جتان مڇي ريل رستي باڊهه کان ۽ ٽرڪن رستي راڌڻ ۽ ملڪ جي ٻين صوبن ڏانهن به ويندي آهي. آرُڙَ ڍنڍ تي اهو نالو به آڳاٽي دور جو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]