آرين جا خاندان ۽ بيٺڪون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

رڳ ويد (Ragg Ved or Rug Veda) مان ڄاڻ پوي ٿي ته آڳاٽا آريا ستن ندين جا ڪنارا پاڻيءَ جي سهنج ڪري والاري ويٺا هئا، جنهنڪري سندن والاريل ملڪ ”سپت سنڌو“ يعني ست درياهو سڏبو هو. ڪن عالمن کي رگ ويد مان ائين سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته انهن ستن ندين مان پنج نديون پنجاب واريون هيون، ڇهين سرسوتي ۽ ستين سنڌو، جنهن ۾ سنڌونديءَ جون ڀرتي ڪندڙ نديون (Tributaries) يعني ڪابل ندي، گومتي (گومال)، سوات ۽ ڪرم به ليکيون وڃن ٿيون، جي تنهن وقت وهنديون هيون ۽ سنڌو نديءَ سان اچي گڏبيون هيون. ندين جا اهي سڀ نالا رگ ويد جي منڊل ڏهين ۾ ڏنل آهن. ان ۾ گنگا ۽ جمنا ندين جا نالا به ڄاڻايل آهن، پر اهي گهڻو پوءِ نامياريون ٿيون، ۽ پوتر ليکجڻ ۾ آيون- اول رڳو سرسوتي ندي پوتر ليکبي هئي ۽ سنڌو ندي وڏي ۽ مکيه هئي، تنهنڪري رگ ويد ۾ گهڻي ساک رڳو انهن جي لکيل آهي. انهن ندين جي ڪنارن تي آرين جون جيڪي بيٺڪون هيون، تن ۾ سنڌ، پنجاب، ڪشمير ۽ گنڌار (قنڌار) يعني هاڻوڪو پشاور ۽ ان جي آسپاس وارو ملڪ (هاڻوڪو افغانستان ۽ بلوچستان جي حدن تائين) اچي ٿي ويا. آرين جي انهن بيٺڪن کان ئي گهڻو اڳي، سور جونسي گهراڻي وارا ايوڌيا ۾، ۽ جندر ونسي گهراڻي وارا پرتيسٿان) الهه آباد) ۾ راڄ ڪندا هئا، پر اهي پاسا رگ ويد واري هندستان ۾ نه ليکيا اٿن، جو ان وقت شايد اڏهين اڻ آريه لوڪ گهڻا هئا. بنگال، بهار ۽ ٻين هنڌ به اڪثر اڻ آريه قومون رهنديون هيون، جي پڻ پوءِ آرين جي دفعي ۾ ليکجڻ ۾ آيون. سپت سنڌوءَ ۾ رهڻ ڪري آرين جو ملڪ ”سنڌو“ نالي مشهور ٿيو. سنڌ جو پرڳڻو به ”سنڌو“ سڏبو هو، جنهن جو اچار پوءِ ڦري ”هندو“ ٿيو، ۽ آهستي آهستي سڄو علائقو هندستان سڏجڻ ۾ آيو. سرسوتي نديءَ ۽ سنڌونديءَ جي وچ وارو ملڪ رگ ويد جي منڊل ٽئين (4،33) ۾ ديو ڪرت يوني (Davkrta yoni) سڏيو ويو آهي، جنهنجي اکري معنيٰ آهي ”ديويا ڀڳوان جو جوڙيل ملڪ“ (God fashioned Country)، مطلب ته اهو ملڪ اهڙو سرسبز ۽ ڀريو ڀاڳيو هو، جو ڄڻ ته واليءَ خاص طرح ساڻس پنهنجو وڙ ڪيو هو، جنهنڪري آرين کيس اهو نالو ڏنو.

سنڌ ۾ سور جونسي: آرين ۾ هڪڙا سور جونسي ٻيا چندرونسي هئا. سور جونسي گهراڻي مان پهريون راجا اڪشو اَڪو هو، جنهن جي گاديءَ جو هنڌ ايوڌيا هو، جو نالو هاڻ ”ائوڌ“ تي پيل آهي. اڪشو اڪو جي ڀيڻ جو نالو ”اِلا“ هو، جا ٻڌ سان پرڻيل هئي. ٻڌ جي پيءُ جو نالو ”سوم“ (چنڊ) هو، تنهنڪري انهيءَ خاندان وارا چندرونسي سڏبا هئا. چندر ونسي گهراڻي مان پهريون راجا پروروس هو، جنهن جي گاديءَ جو هنڌ ”پرتيسٿان“ (Partisthana) هو، جو هاڻ الهه آباد سڏجي ٿو. راجا پورس ۽ سندس اولاد ”آئل“ (Aila) يعني ”اِلا“ سڏيا ويا آهن. ميرو پربت کان وچ هماليه جبل واري واٽ وٺي اتر هندستان ۾ آيا هئا، جا ڳالهه پراڻن ۾ ڄاڻايل آهي. اها هڪ وڏي سند آهي، جنهن جي آڌار تي اسان چيو آهي ته آريه اصل هندستان جا رهاڪو نه هئا؛ پر ميرو پربت کان آيا هئا.

سنڌ جو واسطو ٻنهي گهراڻن وارن سان آهي. هتي اول ايترو ڄاڻائجي ٿو ته سورجونسي گهراڻي وارا، جن مان راجا اڪشو اڪو، کان گهڻو گهڻو پوءِ راجا دسرٿ ۽ سري رامچندر ڇيدا ٿيا. سي قديم زماني ۾ سنڌ ۾ به هئا. انهيءَ ڳالهه جو پتو هن ريت پيو آهي:

نهايت قديم زماني ۾ سنڌ ۾ پاتال (Paataal Bandar) نالي هڪ ناميارو بندر هو، جنهن جو پراڻن ۾ ذڪر آهي. عيسوي سن کان سوا ٽي سو کن ورهيه اڳي سڪندر اعظم جي وقت ۾ به اهو بندر مکيه هو، تنهنڪري يوناني تاريخ نويسن به ان جو ذڪر ڪيو آهي، ۽ نالو به ساڳيو ”پاتال“ بندر ڄاڻايو اّٿن. ان بابت جيڪي ڏس پتا ڏنا اٿن، تن مان صفا ظاهر آهي ته اهو بندر هاڻوڪي ڪراچي ضلعي واري لاڙ ۾ هو. جتان سنڌوندي ٻه وڏيون شاخون ٿي وهندي هئي. اها ٻه – درياهي اڄ تائين گهوڙا ٻاري تعلقي ۾ آهي، جتان درياهه جي هڪ شاخ ڪيٽي بندر ۽ ٻي شاهه بندر ڏي وڃي ٿي؛ پر اڳي سمنڊ گهڻو اورڀرو يعني ٺٽي طرف يا اڃا به شاهه ڪپور طرف سمجهيو، جتان اڳي درياهه وهندو هو. ميجر جنرل هيگ پنهنجي ڪتاب ”انڊس ڊيلٽا ڪنٽري“ (Indus Delta Country) جي صفحي 20 ۾ انهيءَ پاتال بندر جو ذڪر ڪندي ڄاڻايو آهي ته ٿٻيٽ مان هڪ ڏند ڪٿا ملي آهي، جنهن مان سمجهجي ٿو ته اڪشو اڪو ڪل وارا (سورجونسي) انهيءَ پاتال بندر ۾ رهندا هئا، ۽ آريه لوڪن جون سڀ کان آڳاٽيون بيٺڪون سمنڊ جي ڀر ۾ هيون. مطلب ته سري رامندر جا ابا ڏاڏا ڪنهن وقت سنڌ ۾ به هئا. ميجر جنرل هيگ اهو ڄاڻايو ئي ڪونهي، ته اهي ايوڌيا طرف جا آريه لوڪ سنڌ ۾ ڪهڙي حساب سان آيا، پر پراڻ ۽ اتهاس انهيءَ ڳالهه تي ڪجهه روشني وجهن ٿا.

پراڻن پٽاندر راجا اڪشو اڪوءَ جي مربي پٽ وڪڪسي ششاد (Vikuksi Sasada) ايوڌيا ۾ راڄ ڪيو. ٻيو پٽس نيمي (Nimi) نالي هو، جو ”وديهه“(Videh) به سڏبو هو. اُنهيءَ نيپال کان وٺي مگڌ (بهار جي ڏاکڻي ڀاڱي) جي اتر اڀرندي طرف تائين پنهنجو دڳ ڄمايو هو، ۽ اهو سمورو ملڪ سندس نالي پٺيان ”وديهه“ سڏبو هو. اڪشو اڪوءَ جو هڪڙو ڀاءُ ناڀا نيدشت(Nabahanedishtha) هو، جنهن جي اولاد مان ”وشال“ نالي هڪ راجا هاڻوڪي مظفر پور ضلعي وارو پاسو هٿ ڪيو؛ ۽ اتي جيڪو سندس گاديءَ جو هند هو، سو سندس نالي پٺيان ”وئشالي“ سڏجڻ ۾ آيو. اڪشو اڪوءَ جو ٻيو ڀاءُ شرياتي هو، جنهن جي اولاد مان ”آئرت“ نالي هڪ راجا هاڻوڪي گجرات وارو پاسو پنهنجي قبضي ڪيو، تنهنڪري گجرات وارو پاسو سندس نالي پٺيان ”آنرت“ سڏبو هو. هن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته سورجونسي گهراڻي وارا رڳو پڳو ايوڌيا ۾ ڪين هئا، پر پنهنجي حڪومت جي حد گهڻي قدر وڌائي هئائون، وراڻن ۾ جيتوڻيڪ اهو ڄاڻايل ڪونهي ته سنڌ جو پرڳڻو به سندن تابع هو يا نه، ته به رامائڻ مان ايترو ظاهر آهي ته سري رامچندر جي پيءُ راجا دسرٿ جو سنڌ سان بلڪل گهڻو ناتو هو. وڏي ڳالهه ته راجا دسرٿ کانپوءِ سنڌ جو حاڪم ئي سري رامچندر جو ڀاءُ ڀرت هو. ٻڌ ڌرم واري زماني ۾ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ ”وئشالي“ هو. اهي جيتوڻيڪ پوءِ جون ڳالهيون آهن، ته به انهن مان ايتري پڪ ٿئي ٿي ته سنڌ جو ناتو ڪجهه وقت سورجونسي گهراڻي وارن سان برابر هو.

راجا اڪشواڪو توڙي سندس ڀاڻيجو راجا پروروس ڪنهن نهايت قديم زماني ۾ ٿي گذريا آهن. رگ ويد ۾ راجا پروروس جي پڙ پوٽن ۽ تڙ پوٽن جو ذڪر آهي؛ پر رگ ويد منجهان ئي سڀني آرين جي سڀيتا ۽ ٻين ڳالهين جو ججهو پتو پوي ٿو. اتهاس ۽ پراڻن مان تاريخ لاءِ گهڻو ئي ذخيرو ملي ٿو، تنهنڪري هينئر خود يوروپي لوڪ انهن ڌرمي پستڪن جو ججهو قدر ڪن ٿا، ۽ پنهنجن جوڙيل تاريخن ۾ اول رگ ويد وارا احوال ڏين ٿا. ڪئمبرج هسٽري آف انڊيا ۽ ٻيون تاريخون، جي سند ڪري ليکجن ٿيون، سي سڀ ائين جڙيل آهن. انهن جي جڙڻ کانپوءِ به ڪي وڌيڪ کوجنائون ٿيون آهن، تنهنڪري سنڌو ماٿر جا احوال انهن بنهه تازين کوجنائن پٽاندر هتي ڏجن ٿا.*

رگ ويد ۾ گهڻو ذڪر چندرونسي گهراڻي جي راجائن جو آهي، پر انهن جو پيڙهيءَ به پيڙهيءَ احوال اتهاسن ۽ پراڻن ۾ ڏنل آهي، تنهنڪري اسين اهو به گڏي ڄاڻائينداسين ته سندين تاريخ سمجهڻ سولي ٿئي. پراڻن مان اهو به ظاهر آهي ته جن آرين سنڌو ماٿر ۾ پنهنجو دڳو ڄمايو، سي اصل هماليه جبل جي پريان، بنهه اتر طرف هڪ ٿڌي ملڪ ۾ميرو پربت تي رهندا هئا، ۽ پوءِ جڏهن سنڌو ماٿر ۾ اچي بيٺڪون وڌائون، تڏهن هندستان سندن آسٿان يا ماڳ ليکجڻ ۾ آيو. +

چندر ونسي آرين جا ڪل يا خاندان: رگ ويد ۾ ڄاڻايل چندرونسي گهراڻي وارا آريه لوڪ جدا جدا ڪلن ۾ ورهايل هئا، جن مان پنجن ڪلن يا خاندانن وارا مکيه هئا، جنهنڪري ”پنج جن“ يعني پنج ڄڻا يا پنجن نياتن وارا(Five folds or five peoples) رگ ويد ۾ گهڻا گهمرا ڪمآيل آهي. مطلب ته چندرونسي گهراڻي وارن جون پنج مکيه شاخون هيون، ۽ هر شاخ وارا پنهنجي ڪنهن وڏي ڏاڏي جي نالي پٺيان سڏبا هئا. انهن پنجن شاخن يا نياتن مان هڪڙا سڏبا هئا يدو (يادؤ يا جادؤ ونسي)، ٻيا تروسو، ٽيا پُرو، چوٿان آنُو ۽ پنجان درهيون. اهي ڪير هئا، سا ڳالهه رگ ويد ۾ ڄاڻايل ڪانهي؛ پر اتهاسن ۽ پراڻن مان سندن سربستو احوال ملي ٿو. راجا پروروس، جنهن بابت مٿي اڳي ئي چيو ويو آهي ته چندرونسي گهراڻي جوبنياد وڌو هئائين، تنهن جو پڙ پوٽو راجا يياتي هو، جنهن کي ٻه راڻيون هيون: هڪڙيءَ جو نالو ”ديويائي“ هو، جا آسرن جي گرؤشڪر آچاريه جي نياڻي هئي، ۽ ٻيءَ جو نالو ”سرمشٺا“ هو، جا دئتن، دانون ۽ اسرن جا راجا ”ورس پرون“(Varsparuan) جي نياڻي هئي. راجا يياتيءَ کي راڻي ديويائيءَ مان ٻه پٽ، يڊو ۽ تروسو ۽ راڻي سرمشٺا مان ٽي پٽَ، درهيو، انو ۽ پرو هئا. انهن پنجن پٽن جو اولاد سندن ئي نالن پٺيان سڏبو هو. مطلب ته اهي ”پنج جن“ اصل هڪڙي ئي ڏاڏي جو اولاد هئا؛ پر پوءِ وچ ۾ گهڻيون پيڙهيون پئجي ويون هيون، جنهنڪري رگ ويد ۾ اهي علحديون علحديون شاخون هيون. ڪي پنهنجي ويجهي ڏاڏي تي ڪي ڪنهن ڏورانهين ڏاڏي جي نالي پٺيان پاڻ کي سڏائيندا هئا. ائين جملي چاليهن کن خاندانن جا نالا رگ ويد ۾ ڄاڻايل آهن؛ پر منجهانئن مکيه وري به ”پنج جن“ هئا. اهو ”پنج جن“ وارو خيال هن وقت ”پنچات“ لفظ ۾ سمايل آهي؛ جنهن جي اصل معنيٰ هئي ”پنجڪن ڄڻن جو ميڙ“.*

سنڌ ۾ جادؤ ونسي[سنواريو]

آڳاٽا آريا جدا جدا وقتن تي ٽوليون ٽوليون ٿي هندستان ۾ آيا هئا. ٻولين جي کوجنائن مان عالمن کي ايئن وسهڻ لاءِ سبب پيدا ٿيو آهي ته ڪي آريا وچ ايشيا کان آرمينيا طرفان اول ايران ڏي ويا، ۽ پوءِ جبل جهاڳي ۽ لڪ لتاڙي هندستان ۾ آيا. پراڻن پٽاندر، راجا پروروس جنهن چندر ونسي گهراڻي جو بنياد وڌو، سو وچ هماليه جبل واريءَ واٽ کان آيو هو. سندس ئي ڪل مان راجا بياتيءَ جي ٻن پٽن يدو ۽ تروسو، جي اولاد بابت رگ ويد ۾ ڄاڻايل آهي ته اهي سمنڊ جي رستي آيا هئا، ۽ اندر ديوتا پنهنجيءَ ٻاجهه سان کين سلامتيءَ سان آڻي پهچايو هو. انهيءَ باري ۾ کوجنائن ڪرڻ سان يوروپي عالمن کي يقين ٿيو آهي ته اهي يدو ۽ تروسو آريه لوڪ بابل يا بئبلان (بئبلونيا) کان سمنڊ رستي اول سنڌ ۾ اچي رهيا هئا. اڳي انهيءَ طرف کان ماڻهو دنگين ۽ جهازن ۾ چڙهي، ايراني نار وارو ڪنارو ئي ڪنارو ڏيئي، سنڌونديءَ جي ڇوڙ وٽ اچي لهندا هئا. انهن کوجنائن جا وڏا بيان رايل ايشياٽڪ سوسائٽين جي جنرل ۾ ڏنل آهن. جن مان ٿورو مضمون سن 1910ع ۾ ڪراچيءَ جي ڊي. جي. سنڌ ڪاليج مسيلنيءَ ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. هن مان ائين سمجهجي ٿو ته يدو ۽ تروسو آريه لوڪ وچ ايشيا کان اولالهندي ايشيا طرف ٽڙي پکڙي ويا هئا، ۽ پوءِ اتان سمنڊ جي رستي سنڌ ڏي آيا هئا، يا هيئن به چئجي ته هندستان ۾ اچڻ کانپوءِ ايڏانهن ويا هئا ۽ سمنڊ جي رستي موٽيا هئا. هرحال ايترو پڪ سان چئبو ته رگ ويد واري زماني ۾ ئي آريه لوڪ سمنڊ جو سفر ڪندا هئا، ۽ پروفيسر مئڪڊونيل جو چوڻ ته رگ ويد آرين سمنڊ ڏٺو ئي ڪونه هو، سا بنهه غلط ڳالهه آهي.

يدو آريا[سنواريو]

يدو آريا لوڪ راجا يدوءَ جو اولاد هئا، تنهنڪري يادؤ (جادؤ) ۽ يادؤ ونسي (جادؤنسي) يعني راجا يدوءَ جو اولاد سڏبا هئا. سري ڪرشڻ به جادؤ ونسي ڪل مان هو، جنهنڪري چئبو ته سندس ابا ڏاڏا اصل ڪجهه وقت سنڌ ۾ هئا. جيسلمير جا ڀٽي راجپوت، ۽ سنڌ، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ جا سما راجپوت به جادؤ ونسي ڪل مان آهن.

رگ ويد موجب يدو آرين سان گڏ بيا تروسو آريه لوڪ سمنڊ جي رستي آيا هئا. انهن بابت پراڻن ۾ ڄاڻايل آهي ته هنن پوءِ ڏکڻ هندستان ۾ وڃي پنهنجون بادشاهتون برپا ڪيون جي پانڊيه، چول، ڪيرل وغيره نالن سان مشهور ٿيون. اتر هندستان جي ڪن آرين ۽ ڏکڻ هندستان جي چول لوڪن پوءِ بئبلونيا ۾ ٻين پاسي بيٺڪون وجهي، يورپ تائين وڻج واپار پئي ڪيو، جي ڳالهيون بابت ٻارهين ۾ ڄاڻائبيون.

ٻين آرين جون بيٺڪون: يدو ۽ تروسو آرين کانسواءِ ٻيا ”يرو“ آريه لوڪ هئا. نهايت قديم زماني ۾ انهن مان ڀرت نالي هڪ ناميارو راجا ٿي گذريو آهي، جو راجا دشينت ۽ شڪنتلا جو پٽ هو، جنهن جي نالي پٺيان سارو ڀارت کنڊ سڏجي ٿو. پرو آرين مان ڪي پنهنجي انهيءَ وڏي ڏاڏي جي نالي پٺيان پاڻ کي ”ڀرت“ آريه لوڪ سڏائيندا هئا. رگ ويد واري زماني ۾ منجهانئن ڪي شتدري (ستلج)، ته ڪي سرسوتي نديءَ جي ڪناري تي رهندا هئا. ”پنج جنن“ مان چوٿان ”آنو“ آريه لوڪ هئا، جي ”انو“ يعني راجا انوءَ جو اولاد سڏبا هئا. رگ ويد واري زماني ۾ اهي پرشني نديءَ جي ڪناري تي رهندا هئا، جا پوءِ ”اراوتي“ يعني تازگي بخشيندڙ يا فرحت ڏيندڙ سڏبي هئي. ۽ هاڻ اچار ڦري ”راوي“ ٿيو اٿس.

پنج جنن مان پنجاب ”درهيو“ آريه لوڪ هئا، جي آنو آرين جا ويجها سوٽ هئا. انهن درهيو آرين مان هڪ جو نالو گنڌار هو، جو هاڻوڪي پشاور ۽ ان جي آسپاس وارن هنڌن ۾ راڄ ڪندو هو. سندس جيڪو گاديءَ جو هنڌ هو، سو سندس پٺيان ”گانڌار-گنڌار“ سڏ بو هو، جنهن جو اچار پوءِ ڦري ”قنڌار“ ٿيو. اهي درهيو آريه لوڪ پشاور ۽ ان جي آسپاس سنڌونديءَ جي ڀرتي ڪندڙ ندين (ڪابل ندي وغيره جي ڪنارن تي رهندا هئا. مطلب ته آڳاٽا آريه لوڪ اول رڳو سنڌ، پنجاب ۽ اتر-اولهه سرحد علائقو والاري ويٺا هئا، ۽ اهوئي رگ ويد واري زماني جو هندستان ليکيو ويو آهي. جيئن مٿي اڳيئي چيو ويو آهي. ان وقت سنڌ جون حدون ڪهڙيون هيون، سو پتو ڪونهي. پر سڀيتا سڀني هنڌ ساڳي هئي.

آرين جون بيٺڪون[سنواريو]

رگ ويد مان ڄاڻ ٿئي ٿي، ته آڳاٽا آريا لوڪ جدا جدا خاندانن ۾ ورهايل هئا، جن مان پنجن ڪلن وارا مکيه هئا، جنهنڪري ’پنج جن‘(Five folks or Five people) لفظ رگ ويد ۾ گهڻا گهمرا ڪم آيل آهي، جنهن جي اکري معنا آهي ’پنج ڄڻا‘. انهن مان هڪڙا پروُ، ٻيا آنوُ، ٽيان درهيوُ، چوٿان يدوُ ۽ پنجان تروسوُ هئا. تازين کوجنائن موجب چون ٿا ته سڀ آريا لوڪ وچ-ايشيا کان ايران واري واٽ وٺي، اتر-هندستان ۾ آيا، باقي دوُ ۽ تروسوُ آرين بابت ته پاڻ رگ ويد ۾ لکيل آهي، ته اهي سمنڊ جي رستي آيا هئا ۽ اِندر ديوتا کين سلامتيءَ سان آڻي پهچايو هو. وڌيڪ کوجنائن سان يوروپي لوڪن کي يقين ٿيو آهي،ته ها هي يدوُ ۽ تروسوُ بابل يا بئبلان کان سمنڊ جي رستي اچي، اول سنڌ ۾ رهيا هئا، انهن کوجنائن جا بيان رايل ايشياٽڪ سوسائٽيءَ جي جرنل ۾ ڏنل آهن، جن مان ٿورو مضمون سن 1910ع ۾ سنڌ ڪاليج مسيلني ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو هو. يوروپي عالمن جو چوڻ آهي ته آڳاٽن آرين جي بئبلان (بابل) سان لهه وچڙ هئڻ ڪري، انهيءَ طرف ڪي لفظ سنسڪرت ۾ اچي ويا، مثلاً ’مَڻ‘ (سنسڪرت ’من‘-40 سير) بئبلونيا جو لفظ آهي، جو فارسيءَ ۾ به اچي ويو آهي. اهڙو ٻيو لفظ ’ڪنس‘ آهي جنهن جو اُچار سنڌيءَ ۾ آهي ’ڪنجهو‘(ساڳيءَ طرح ’هنس‘ جو اُچار ڦري ٿيو ’هنجهه‘-هنج پکي).ڀانئجي ٿو ته ڪنجهي جي باسڻ جوڙڻ جو رواج ئي بئبلونيا طرف جي ماڻهن وٽان سکيا آهيون.

رگ ويد ۾ سڀني ڪلن جي آرين بابت ڄاڻايل آهي،ته اهي ستن ندين جا ڪنارا پاڻيءَ جي سهنج ڪري والاري ويٺا هئا، جن مان پنج نديون پنجاب واريون هيون، ڇهين سرسوتي ۽ ستين سنڌو، جنهن ۾ سنڌونديءَ جون ڀرتي ڪندڙ نديون(ڪابل ندي وغيره) به ليکيون وڃن ٿيون. انهن ستن ئي ندين کي گڏي ’سپت سنڌو‘ يعني ست درياء سڏيندا هئا، جنهن جو اُچار پارسين جي زنداويستا ۾’هپت هندو‘ لکيل آهي. * انهيءَ ايراضيءَ ۾ سنڌ، پنجاب ۽ گنڌار (هاڻوڪو پشاور ۽ ان جو آسپاس وارو ملڪ) اچي ٿي ويا. هندستان جي ٻين ڀاڱن (بينگال وغيره ۾) اڻ آريا قومون رهنديون هيون.


رگ ويد جي پهرين ئي پهرين منڊل مان معلوم ٿئي ٿو، ته انهيءَ قديم زماني ۾ سنڌ جو راجا سونيا ڀاويا (Svanya Bhavaya) هو، جنهن جي راڻيءَ جو نالو ”روماسا“ هو. اهو راجا ڪروي (Krivi) آرين مان هو، جي پوءِ ”پنچال“ سڏجڻ ۾ آيا. انهن سان ڪي اسڪني (چناب) نديءَ جي ڪناري تي، ته ڪي سنڌونديءَ جي ڪناري تي رهندا هئا. سندن سؤٽ ’پروُ‘ آريه لوڪ هئا، جن مان ڪي شتدري (ستلج) ته ڪي سرسوتي نديءَ جي ڪناري تي رهندا هئا. اهي سنڌ ۽ پنجاب وارا آريه لوڪ هئا. جن اڻ آريه لوڪن يعني دراوڙن وغيره سان جنگيون جوٽي، پنهنجو دڳو ڄمايو ۽ پنهنجي سنسڪرت ٻوليءَ پکيڙيو ۽ وڌايو، جنهن مان پوءِ سنڌي، هندي وغيره ٻوليون پيدا ٿيون. [1] [2]

آرين جي ٻوليءَ ۾ ڦير[سنواريو]

آڳاٽن سڀني آرين جي مادري زبان سنسڪرت هئي؛ پر هندستان ۾ اچڻ کان اڳ گهڻن هنڌ ڀٽڪيا ٿا ڏسجن ۽ جدا جدا هنڌن جي قومن سان لهه وچڙ ۾ آيا ٿا ڏسجن. هندستان ۾ اچڻ کانپوءِ به منجهانئن ڪي سنڌ ته ڪي پنجاب ته ڪي اتر – اولهه سرحد علائقي ۾ ته ڪي ٻين هنڌ رهندا هئا. انهن ڳالهين جو پهريون ۽ مکيه اثر سندن ٻوليءَ تي ٿيو. هن وقت سڄو هندستان چندرو ونسي گهراڻي جي راجا ڀرت جي نالي پٺيان ڀارت کنڊ سڏجي ٿو، تنهنڪري جيڪو ائين سمجهجي ته اهي ڀرت آريه لوڪ، جي پرو آرين جي شاخ مان هئا، سي پنج جنن ۾ برک هئا؛ ۽ سندين ئي ٻولي ٺيٺ هئي؛ پر رگ ويد ۾ ٻين آرين کين سڏيو آهي. ”مڌ رواچ“ (Mrdhra – Vacha) يعني جن جي ٻولي پوريءَ ريت سمجهڻ ۾ نه اچي (رگ ويد، منڊل ستون 13،18) ۽ منڊل ڏهين (5،23) ۾ اڻ آريه قومن لا3 به ڪم آيل آهي. هن مان ظاهر آهي ته ٻين آرين کان پرو (ڀرت) آريه لوڪ اڻ آريه قومن سان گهڻو لهه وچڙهه ۾ آيا هئا، جنهنڪري ٻيا آريه، جي جيتوڻيڪ سندن ڏورانهان سوٽ هئا، تن کان سندين ٻولي وڌيڪ ڦريل هئي، جنهنڪري اهي ”مرڌ رواچ“ سڏيا نويا آهن.

ڌرم ڪرم ۾ ڦير[سنواريو]

آرين جي نه رڳو ٻوليءَ ۾ ڦير هو، پر ڌرم ڪرم ۾ به ڦير هو. مثلاً سري ڪرشڻ جا ابا ڏاڏا، جي يدو آريه (جادؤ ونسي) هئا، ۽ سندن ويجها سوٽ جي ”تروسو“ آريه سڏبا هئا، تن کي رگ ويد ۾ ٻين آرين ڪار وچان ”داس“ سڏيو آهي، جو اهي ڪجهه وقت ويدن کي ڪين مڃيندا هئا – (رگ ويد، منڊل ڏهون). پوڄا ۾ به ڦير هئن. جيڪي آريه ويدڪ ڌرم جا هئا، سي اندر ديوتا جي پوڄا ڪندا هئا. جيڪي ويدڪ ڌرم جا نه هوندا هئا، سي اندر پوڄا جي برخلاف هوندا هئا. اهي وري لنگ جا پوڄاري هوندا هئا، ۽ ”شيشنه“ ۽ ”شيشنه ديوا“ سڏبا هئا يعني جن جو ”اِشٽ ديو“ (Chosen Deity) ”شيشنه“ (لنگ(Phalus هجي. ويدڪ ڌرم وارا لنگ جي پوڄا جي بنهه برخلاف هوندا هئا، جنهنڪري رگ ويد ۾ لنگ جي پوڄارين لاءِ ڌڪار ظاهر ڪئي اٿن، ۽ کين ”اَڪرمن“ (ڪريا ڪرم کان رهت (Riteless)، ”ابراهمڻ“ (Without devotion) ، ”آديويه“ (In different to Gods) ، ”آيجنيه“ يعني يگيه نه ڪندڙ (Not Sacrificing) ۽ ٻين اُگرن نالن سان سڏيو اٿن. مطلب ته لنگ جي پوڄارين جو ڌرم ڪرم اندر جي پوڄارين کان بنهه علحدو هو.** [3] [4] [5] [6] [7] [8]

حوالا[سنواريو]

  1. Dr. V. A. Smith: Early History of India, 4th Ed: p. 97
  2. سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، پهريون ڇاپو 1956ع، ليکڪ؛ ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي پاران سنڌي ادبي بورڊ
  3. قديم سنڌ (ڀيرومل مھرچند آڏواڻي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر
  4. F.E Pargiter: Ancient Indian Historical Tradition. P.108
  5. The Yadus and the Turbases where designated as Dasas, because they had seceded from the Vedic faith for a time. (Reg. Veda X, 62, 10) quoted by Dr. A.C. Das: Reg. Vedie Culture Pate 128
  6. "The Yadus and the Turbases were designated as Dasas, because they had seceded from the Vedic faith for a time." (Reg. Veda X, 62, 10). Quoted by Dr. A.C. Das: Reg. Vedie Culture Page 157 and 164
  7. Forlong: Rivers of Life, Vol. II, p. 38 et seq
  8. ڪتاب:قديم سنڌ, ليکڪ: ڀيرومل مھرچند آڏواڻي