آريجا (ديهه)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هن نالي سان تعلقي ڏوڪريءَ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ هڪ ديهه. آريجا جي نالي سان لاڙڪاڻي ضلعي ۾ 5 ڳوٺ آباد آهن، جهڙوڪ: سيڙهي وارا آريجا، خيرمحمد آريجا، ۽ باقي تعلقي ڏوڪري ۾ 3 آريجن جا ڳوٺ آهن. هنن ڳوٺن ۾ خيرمحمد آريجا ڳوٺ مشهور آهي، جنهن جو بنياد ڪلهوڙن جي دور کان ڪجهه عرصو اڳ پيو. هن ڳوٺ جي شهرت ٻن شخصيتن علامه محمد آريجوي ۽ مخدوم محمد شهاب الدين جي ڪري آهي. علامه آريجوي پنهنجي دور ۾ ”استادِ ڪل“ جي نالي سان سڏيو ويندو هو، جنهن وٽ ير محمد راشد روضي ڌڻيءَ پڻ تعليم ورتي هئي. جڏهن ته مخدوم شهاب الدين جو تعلق مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ سان هو.گرهوڙي صاحب جي شهادت کان پوءِ سندس ساٿي ۽ لشڪر ڇڙ وڇڙ ٿيا ته مخدوم شهاب الدين اچي آريجن جي ڳوٺ ۾ ويٺو. ٻنهي بزرگن مذهبي تعليم جي حوالي سان وڏو نالو ڪڍيو. بعد ۾ اهو سلسلو کانئن ڦري مولوي تاج محمد کوکر ۽ هدايت الله آريجي جي حوالي ٿيو، جن پڻ مذهبي تعليم جي حوالي سان وڏو نالو ڪڍيو. ڳوٺ خيرمحمد آريجا ۾ نالي واري استاد اديب ۽ تعليمدان ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ ”گل حيات انسٽيٽيوٽ“ قائم ڪيو آهي، جيڪو تحقيقي علم ۽ ادب جي حوالي سان جڳ مشهور آهي. ڊاڪٽر صاحب هيءُ ادارو پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ جي نالي سان قائم ڪيو آهي.[1]