آريا سماج

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آريا مذهب، آرين جي شرڌا ۽ طريقي تي هلڻ واري جماعت، جنھن جو بنياد 1875ع ۾ سوامي ديانند سرسوتيءَ رکيو. ھيءُ پنٿ هندو ڌرم ۾ مذھبي ۽ سماجي روايتن ۾ اصلاح جو علمبردار آھي، جڏهن هندستان تي انگريزن قبضو ڪيو ۽ سندن سيڪيولر روايتن عام هندن کي متاثر ڪيو ۽ اهي عيسائيت طرف راغب ٿيڻ لڳا ته هندو ڌرم جي بچاءَ لاءِ هيءُ پنٿ قائم ٿيو ۽ ان کان سواءِ ديوين ۽ ديوتائن جي پوڄا بدران هڪ ڀڳوان جي پوڄا جي هدايت ڪئي وئي. ھن پنٿ جي تحريڪ ھندن ۾ تيزيءَ سان مقبول ٿي. ھيءُ گروھ بيواھن جي ٻي شاديءَ جي حمايت ۽ ننڍپڻ واري شاديءَ جي مخالفت ۾ سرگرم رھيو آھي.
آريا سماجي، بت پرستيءَ جي خلاف آھن. ھنن جا پنھنجا جدا عبادت خانا آھن. پنٿ (فرقي) جي مقصدن جي تڪميل لاءِ رقم انھن صنعتن مان خصوصي طور مھيا ٿيندي آھي، جيڪي منظم پئماني تي قائم ٿيل آھن. ھن تنظيم جا وسيع پئماني تي تعليمي ادارا پڻ قائم ٿيل آھن. آريا سماجي تحريڪ جي ڏس ۾ سنڌيءَ ۾ ڀيم سين ميگهراج نظم ۾ ”آريا سماج جا ڏهه نيم“، چئنچلداس، کيئلداس، ”آريا سماج جو اتهاس“ ۽ گوبند رام راڄي مل چيلاڻي ”آريا سماج جي جوڙجڪ“ (1942ع) نالي ڪتاب لکيا. آريا سماجي تحريڪ جو سنڌي هندن تي وڏو اثر آهي.[1]