آدم خان رند

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

تحريڪ پاڪستان جو هيءُ سرگرم ڪارڪن، ضلعي جيڪب آباد جي ڳوٺ جعفرآباد ۾ 1908ء ۾ ڄائو. سندس نسبي سلسلو ”مير گگهي رند“ سان ملي ٿو، جيڪو شهنشاهه همايون سان گڏ دهليءَ ويو هو. آدم خان جو ڏاڏو جعفرخان رند انگريزي فوج ۾ رسالدار (هڪ سئو سپاهين جو آفيسر) هو. کيس قابل قدر خدمتن سرانجام ڏيڻ تي انگريزن جاگير عطا ڪئي، جيڪا جيڪب آباد، آباد ٿيڻ کان پوءِ ’جعفرآباد‘ جي نالي سان ڳوٺ طور مشهور ٿي.

آدم خان جو وڏو ڀاءُ خان بهادر سعيد خان به ڪنڌڪوٽ جو وڏو جاگيردار ۽ فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ هو. آدم خان رند، تحريڪ پاڪستان ۾ مسلم ليگ جو ساٿ ڏنو ۽ ڀرپور حصو ورتائين. 1946ء جي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيو. هن جي اثر سبب ڪانگريس کي ڪنڌڪوٽ ۾ پکڙجڻ جو موقعو نه مليو. 1968ء ۾ وفات ڪيائين.[1]

حوالا[سنواريو]