آدرشي ناريون (ڪتاب)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هيءُ ڪتاب ارجنداس بي. ٺارواڻي ”فنا“ جو لکيل آهي ۽ اخلاقي ساهتيه منڊل، بمبئيءَ پاران 1974ء ۾ شايع ڪيو ويو. 143 صفحن جي هن ڪتاب جي قيمت اڍائي روپيا آهي. ليکڪ هن ڪتاب ۾ سنڌ ۽ هند جي 36 آدرشي عورتن جو ذڪر ڪيو آهي، جن مذهب، اخلاق، بهادريءَ، سياست، وطن دوستيءَ ۽ سماجي خدمتن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي، انهن عورتن ۾ جتي ڪلاسيڪي ڪردارن سيتا ۽ مارئيءَ جو ذڪر ڪيو ويو آهي، اتي مهاتما گانڌيءَ جي گهرواريءَ ڪستور ٻائيءَ سان گڏ سنڌ اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر ڄيٺي سپاهيملاڻيءَ جو به ذڪر آهي.[1]

حوالا[سنواريو]