آخوند گل محمد ھالائي خليفو
ڏيک
خليفي گل محمد ھالائيءَ سنه 1226ھ بمطابق 1811ع ۾ پراڻن هالن ۾ جنم ورتو. سنڌي ادب ۾ گل پھريون شاعر آھي، جنھن عروض جي اصولن پٽاندڙ پنھنجو مڪمل ديوان جوڙي، ممبئيءَ مان ڇپائي 1275 هجريءَ ۾ پڌرو ڪيو، انھيءَ ڪري گل کي سنڌي عروضي شاعريءَ جو باني ڪوٺيو وڃي ٿو. خليفو گل محمد وڏو عالم فاضل ۽ عارف ھو. سندس ڪلام مان پڌرو آھي ته ھو عربيءَ جو وڏو عالم ۽ پارسيءَ جو به ڄاڻو ھو، سندس ڪلام ۾ شريعت کان سواءِ طريقت، حقيقت ۽ معرفت جي به اپٽار ملي ٿي. خليفو گل محمد اصغر سائين ”اصغر“ جن جو معتقد مريد ۽ خاص خليفو ھو ۽ خلافت جو اھو سلسلو اڃا تائين آخوندن ۾ ھلندو اچي ٿو. اصغر سائين سندس ھمعصر شاعر ھو. جنھنڪري سندس ڪلام تي تصوف جو عنصر ۽ فقيريءَ جو رنگ غالب آھي. پاڻ سنه 1272ھ بمطابق 1855ع ۾ عربستان ۾ وفات ڪيائين.[1]