آثار الباقية عن القرون الغالية (ڪتاب)
ڏيک
ابوريحان البيرونيءَ جي تصنيف، جنھن ۾ قديم قومن جي حالتن کان علاوه علم رياضيءَ ۽ علم نجوم وغيره جا مسئلا به بيان ڪيل آھن. البيرونيءَ ھيءُ ڪتاب 1000ع (390ھ) ۾ شمس المعالي قابوس بن وشمغير جي لاءِ لکيو ھو. ھيءُ ڪتاب 1878ع ۾ عربي ٻوليءَ ۾ لئپزگ، جرمني) مان شايع ٿيو ۽ ان جو انگريزي ترجمو 1879ع ۾ لنڊن ۾ ڇپيو.[1]