آب ڪوثر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آب ڪوثر ڪوثر چشمي يا حوض جو پاڻي (مذهبي روايتن موجب بهشت ۾ ڪوثر نالي هڪ چشمو آهي، جتان نيڪوڪار ماڻهن کي پاڻي نصيب ٿيندو.) حضرت انس بن مالڪ رضه جي روايت آهي ته رسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايو: ”(معراج جي رات) آءٌ بهشت ۾ گهمي رهيو هئس ته منهنجو گذر هڪ پاڻيءَ جي نهر وٽان ٿيو، جنهن جي ٻنهي طرفن خالي موتين جا گنبذ هئا. مون فرشتي جبرئيل کان پڇيو ته ان وراڻيو ته: ”هي ڪوثر آهي، اهو ڪوثر، جيڪو اوهان کي رب پاڪ عطا ڪيو آهي“. مون ڏٺو ته ان جي مٽي نهايت خوشبودار هئي. حديث شريف ۾ اچي ٿو ته قيامت جي ڏينهن حضرت محمد صلي الله عليه وسلم انهيءَ حوض جو پاڻي پنهنجن امتين کي پياريندو.

حضرت زيد بن ارقم رضه فرمائين ٿا ته اسان سفر ۾ رسول پاڪ صلي الله عليه وسلم جن سان گڏ هئاسون ته پاڻ سڳورن هڪ هنڌ لهي فرمايو ته ”توهان انهن لکن ٽولن مان هڪ جزو آهيو، جيڪي حوض ڪوثر تي مون وٽ ايندؤ.“ ماڻهن زيد بن ارقم رضه کان پڇيو ته ان ڏينهن توهان جو تعداد ڪيترو هو؟ فرمايائون ته ست يا اٺ سؤ.“[1]

حوالا[سنواريو]