مواد ڏانھن هلو

آئزن هاور

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آئزن هاور
(انگريزي ۾: Dwight D. Eisenhower)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
 

معلومات شخصيت
ڄم جو نالو (انگريزي ۾: David Dwight Eisenhower)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيدائشي نالو (P1477) وڪي ڊيٽا تي
ڄم
موت
وجه موت دل جو دورو   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو cause of death (P509) وڪي ڊيٽا تي
شھريت آمريڪا   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
قد
بيماري دل جو دورو
اڌ رنگ
دل جو دورو   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو medical condition (P1050) وڪي ڊيٽا تي
ٻارن جو تعداد
عملي زندگي
پيشو
ڪم جي ٻولي
عسڪري خدمتون
وفاداري آمريڪا   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو allegiance (P945) وڪي ڊيٽا تي
عهدو
لڙائيون ۽ جنگيون
دستخط
 
ويب سائٽ
IMDB تي صفحو  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو IMDb ID (P345) وڪي ڊيٽا تي

آئزن هاور (انگريزي ٻولي: Eisenhower) آمريڪي جنرل ۽ مدبر، آمريڪا جو چوٽيهون صدر رهيو. هو 1890ع ۾ ڊيني من (ٽيڪساس) ۾ پيدا ٿيو.[1]

1915ع ۾ فوج ۾ ڀرتي ٿيو. ٻي جنگ عظيم شروع ٿي ته آمريڪي چيف آف اسٽاف، جنرل مارشل جي آفيس ۾ برگيڊيئر جنرل جي حيثيت سان جنگي منصوبه بنديءَ جو سربراهه مقرر ڪيو ويو. جون 1942ع ۾ يورپ ۾ آمريڪي فوج جو ڪمانڊر بڻايو ويو. نومبر 1942ع ۾ اتر آفريڪا تي اتحادي فوجن جي حملي جي اڳواڻي ڪئي. جنوري 1943ع ۾ مغربي يورپ ۾ اتحادي فوج جو سپريم ڪمانڊر بڻايو ويو. 1944ع ۾ جنرل جي عهدي تي فائز رهيو. 6 جون 1946ع ۾ فرانس تي حملو ڪيائين ۽ پوءِ وري مغربي يورپ ۽ جرمنيءَ تي حملن جي ڪمان سنڀاليائين. 1945ع کان 1948ع تائين آمريڪي فوج جو چيف آف اسٽاف رهيو. ان کانپوءِ رٽائرڊ ٿي ڪولمبيا يونيورسٽيءَ جو صدر ٿيو. 1951ع ۾ نيٽو فوج جو ڪمانڊر بڻايو ويو. [1]

سياست

[سنواريو]

1952ع ۾ ري پبلڪن پارٽيءَ طرفان صدارتي چونڊن ۾ حصو ورتائين. ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي اميدوار کي شڪست ڏئي ڪامياب ٿيو. 1956ع ۾ ٻيهر صدارتي چونڊن ۾ حصو ورتائين ۽ پنهنجي مخالف ايڊلائي سيٽونسن کي ٻيو ڀيرو شڪست ڏئي صدر چونڊجي ويو. 1961ع ۾ سياست تان رٽائرمينٽ ڪيائين. آئزن هاور ويٽنام ۾ ايٽمي هٿيارن جي استعمال جو زبردست حامي هو. هو 1969ع ۾ وفات ڪري ويو.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 3 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.

سانچو:ابتدائی ترتیب:Eisenhower, Dwight D.