ٽالهي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ٽالھي جو وڻ

ٽالهي (انگريزي: Indian Rosewood) هڪ قسم جو وڻ آھي جنھن جي ڪاٺي شيشم وانگر مضبوط ٿيندي آهي. ھن جو سائنسي نالو (انگريزي: Dalbergia latifolia) آھي، کي ان کي سنڌ ۾ ان کي ٽاري پڻ سڏين ٿا. اھو انڊيا ۽ پاڪستان ٻنھي جي پنجاب جو سرڪاري وڻ آھي جنھن کي شيشم (انگريزي: Sheesham) پڻ سڏيو ويندو آهي. ھن مان عمارتي ڪاٺ ملندو آهي.[1] اڪثر واهن جي ڪپن ۽ رستن تي ڇانوري لاءِ ٽالهيءَ جا وڻ پوکيا ويندا آهن. ٽالهيءَ جي وڻ جي ڪاٺيءَ مان فرنيچر ٺهندو آهي.

نالا[سنواريو]

ٽالهي کي جيڪڏهن سنڌ جو سائو سون چئجي تہ ان ۾ ڪو وڌاءُ نہ ٿيندو. هي وڻ سنڌ ۾ واهن، شاخن، واٽر ڪورسن جي ڪنارن ۽ زرعي زمينن ۾ عام جام ملي ٿو . ٽالهي سنڌ کان سواءِ پنجاب، سرحد ۽ پاڪستان جي ٻين ميداني علائقن ۾ ڪافي تعداد ۾ موجود ٽالهي جنهن کي انگريزي ٻوليءَ ۾ (Sisoo, Shisham, Indian Rosewood) چيو وڃي ٿو. ٽالهيءَ جو تعلق ٻوٽن جي فيملي (Leguminosae) سان آهي . دنيا جي مختلف ٻولين ۾ هن وڻ کي الڳ الڳ نالن سان سڏيو وڃي ٿو ، جيئن: فرانسيسي ۾ ” ابنيئر جئاني “، عربي ۾ ” دالبر جيا، سسو “، بنگالي ۾ ” ششو “، هندي ۾ ” شيشم، سيسم، سسائي ۽ سسوَ “، انڊونيشيا ۾ ” دو خائڪ ۽ پرادو خائڪ “، جاوا ۾ ” سونو واسيسو “، نيپالي ۾ ” شيشم ۽ سسائو “، سنسڪرت ۾ ” اگورو ۽ شنشاپا “، اسپينش ۾ ” سِسو “، تامل ۾ ” جيتي، نوڪو ختائي، سسوئتي “، ٿائي ٻوليءَ ۾ ” دو خائڪ ۽ پرادو خائڪ “، اردو ۾ ” شيشم “، پنجابي ۾ ” ٽالي “، سرائيڪي ۾ ” ٽالي ۽ ٽالهي“ ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ ٽالهي سڏيو وڃي ٿو.

سنڌ ۾ ٽالھي جو وڻ

علائقو[سنواريو]

هن وڻ جو اصل ديس هندوستان، پاڪستان ۽ نيپال وارو خطو آهي. هن دور ۾ ٽالهيءَ جو وڻ دنيا ۾ ڪنڊ ڪڙڇ ٽائين پهچي چڪو آهي. خاص ڪري سريلنڪا، ٿائيلينڊ، انڊونيشيا، ملائيشيا، موريشس، گهانا، ڪينيا، سوڊان، نائيجيريا، زمبابوي، قبرص، عراق، فلسطين، اسرائيل، آمريڪا، ڏکڻ آفريقا، تنزانيہ، بنگلاديش، ڀوٽان، ايٿوپيا، ٽوگو، ڪيمرون، آسٽريليا، افغانستان، ايران ۽ فرانس کان سواءِ هي وڻ دنيا جي ڪيترن ئي ٻين گرم موسم وارن خطن تائين پکڙجي چڪو آهي . سٺي واڌ ويجهہ لاءِ ٽالهيءَ کي سج جي روشنيءَ جي گهڻي ضرورت پوي ٿي. سنڌ ۾ هن وڻ جي اوچائي 25 کان 30 ميٽر تائين ٿئي ٿي. ٽالهيءَ جون ٽاريون هيٺ جهڪيل ٿين ٿيون. پن 6 کان 10 سينٽي ميٽر ڊگها ۽ 5 سينٽي ميٽر ويڪرا ٿين ٿا. ٽالهي جا گل اڇا هلڪي گلابي رنگ تي مائل ٿين ٿا. هن ۾ تمام گهڻي خوشبو ٿئي ٿي، گلن جي ڊيگهہ 1. 5 سينٽي ميٽر ٿئي ٿي.

بناوٽ[سنواريو]

ٽالهيءَ جي ڦري عام طور تي هلڪي سائي رنگ جي ٿئي، جنهن جي ڊيگهہ 4 کان 6 سينٽي ميٽر ، پچڻ کانپوءِ ان جو رنگ هلڪو ڀورو، جنھن ۾ 3 کان 6 ٻج ٿين ٿا. عام طور تي هن وڻ کي سٺي واڌ ويجهہ لاءِ 21 کان 28 ڊگري سينٽي گريڊ گرمي جي درجي جي ضرورت پوي ٿي. هي وڻ سخت سيءَ (پارو) بہ برداشت ڪري سگهي ٿو ۽ 50 سينٽي گريڊ جيتري شديد گرميءَ ۾ بہ وڌڻ ويجهڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ٽالهي ڏاڍو سخت جان وڻ آهي، جيڪو 500 کان 2000 ملي ميٽر مينھن جي پاڻي ۾ بہ زنده رهي سگهي ٿو. ڏڪار جي صورت ۾ هي وڻ چار کان 6 مهينا سائو رهي سگهي ٿو. سنڌ جو هي سدا بهار وڻ وارياسي، چيڪي ۽ پٿريلي زمين تي تمام سهڻي ۽ سٺي نموني واڌ ويجهه ڪري ٿو، پر ڪلراٺي ۽ سيلاب واري زمين ٽالهيءَ جي وڌڻ جي صلاحيت تي اثر انداز ٿئي ٿي. هي وڻ بھار جي مند يعني مارچ کان اپريل تائين ڦٽهڙو ڪري تمام خوبصورت ڏيک ڏئي ٿو. اپريل ۽ مئي مهينن ۾ ڦريون جهلي ٿو.

استعمال[سنواريو]

ٽالهي سنڌ جو ڏاڍو خوبصورت، ڇانوريدار ۽ قيمتي وڻ آهي، جنهن کي ڪيترن ئي مقصدن لاءِ استعمال هيٺ آڻجي ٿو:

1 . پنن جو استعمال: سنڌ ۾ ٽالهيءَ جا پن مال جي چاري طور استعمال ڪيا وڃن ٿا. خاص طور تي سياري جي موسم ۾ -ٻڪرار- ۽ ريڍار ٽالهيءَ جون ٽاريون ڇانگي مال کي ڏين ٿا. پنن جو رس سوڄ ، چمڙي جي بيمارين ۽ اکين جي بيمارين لاءِ مفيد سمجهيو وڃي ٿو.

2 . گلن جو استعمال: ٽالهيءَ جا گل انتهائي نازڪ ۽ خوشبودار ٿين ٿا . ماکيءَ جون مکيون ان مان رس چوسين ٿيون ، پر گل نازڪ هجڻ سبب ننڍڙي حرڪت تي ڇڻي پون ٿا . ان لاءِ ماکيءَ جون مکيون انهن مان صحيح فائدو حاصل نه ٿيون ڪري سگهن.

3 . ڦرين جو استعمال: ٽالهيءَ جون ڦريون انتهائي سهڻيون ٿين ٿيون. جيڪي ٻڪريون ۽ رڍون شوق سان کائين ٿيون . سنڌ ۾ ڦرين مان ڀاڄي به تيار ڪئي وڃي ٿي . -ٽالهي- جون ڦريون گرمي ، جگر جي گرمي لاءِ مفيد سمجهيون وڃن ٿيون.

4 . ڇوڏي جو استعمال: ٽالهيءَ جو ڇوڏو ڪيترين ئي بيمارين کان نجات لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو . جيئن گرمي لاءِ ٿاڌل رت جي خرابي ، چمڙي جي بيمارين ، الٽي ، باد فرنگ، خارش، اکين ۽ نڪ جي بيمارين، ڦرڙي ۽ سوري ( پيچش ) لاءِ ڇوڏو مفيد سمجهيو وڃي ٿو.

5 . پاڙن جو استعمال: ٽالهيءَ جون پاڙون ڏندڻ طور استعمال ڪري سگهجن ٿيون.

6 . ڪاٺيءَ جو استعمال: ٽالهيءَ جي ڪاٺي خوبصورت ۽ قيمتي ٿئي ٿي . جنهن جو رنگ اڇي ڀوري رنگ تي مائل ٿئي ٿو . ڪاٺي جو اندريون تھ بادامي رنگ جو ٿئي ٿو.

ٽالهيءَ جي ڪاٺيءَ مان هر قسم جو فرنيچر جنهن ۾ ڪٻٽ، در، دريون، ڪرسيون، ميزون، کٽون، ٻيڙيون ۽ کوکا پيتيون، راندين جو سامان، هاريءَ جي استعمال جون شيون ۽ رڌ پچاءَ ۾ استعمال ٿيندڙ سامان ٺاهيو وڃي ٿو . ان کان سواءِ ٽالهي جي ڪاٺيءَ مان مختلف قسم جون شيون ٺاهي سگهجن ٿيون.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. Tudge, Colin (2005). The Tree. New York: Random House. p. 182. ISBN 978-0-307-39539-9. 
  2. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٻيو، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN 978-969-9098-80-2) سال: 2013