علامہ عنايت الله مشرقي
عنايت الله خان مشرقي | |
---|---|
پيدائش | 25 آگسٽ 1888 امرتسر, پنجاب, برٽش انڊيا |
وفات | 27 آگسٽ 1963 (عمر 75 سال) لاھور, پنجاب، پاڪستان |
ٻيا نالا | علامہ مشرقي |
مادر علمي | پنجاب يونيورسٽي
ڪرائيسٽس ڪاليج، ڪيمبرج |
تنظيم | خاڪسار تحريڪ |
سياسي تحريڪ | ھندستان جي آزادي جي تحريڪ
تحريڪ پاڪستان |
علامہ عنايت الله مشرقي: Inayatullah Khan Mashriqi: جيڪو علامہ مشرقي جي نالي سان مشھور ھو 25 آگسٽ 1888 ۾ پيدا ٿيو ۽ 27 آگسٽ 1963 ۾ وفات ڪيائين.ھي پاڪستان جو ھڪ وڏو رياضيدان، منطق جو ماھر، سياسي مفڪر، اسلامي مفڪر ۽خاڪسار تحريڪ جو باني ھيو [1][2]
نالو
[سنواريو]علامہ مشرقي جي پوٽي ۽ تاريخدان نسيم يوسف مطابق 1926 ۾ قاھرہ جي الازھر يونيورسٽي جي عالمن عنايت الله خان کي علامہ مشرقي جو خطاب ڏنو جنھن جي معني آهي مشرق جو ڏاھو.
تفصيلي تعارف
[سنواريو]ھن جو تعلق امرتسر جي راجپوت خاندان سان هو.[3] ھن جو پيءُ خان عطا محمد خان ھڪ تعليم يافتہ شخص ھو ۽ امرتسر مان پوڪيل نالي سروزہ مئگزين ڪڍندو ھو.ھن جا ابا ڏاڏا مغلن ۽ سکن جي بادشاهي ۾ اھم عھدن تي رھيا.علامہ جي والد جي سماجي پوزيشن جي ڪري علامہ جون ننڍي عمر ۾ اھم شخصيتن سان ملاقاتون ٿيون جن ۾ جمال الدين افغاني ، سر سيد احمد خان ۽ شبلي نعماني شامل ھئا.ھن ابتدائي تعليم امرتسر ۾ حاصل ڪئي [4] ننڍي عمر ۾ ھن جو رياضي سان لڳاءُ ٿي ويو.لاھور جي فورمين ڪرسچين ڪاليج مان بي اي پاس ڪرڻ بعد ھن پنجاب يونيورسٽي مان ميٿميٽڪس ۾ ماسٽرز جي ڊگري ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن حاصل ڪئي [5] 1907 ۾ انگلينڊ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو ۽ ڊسمبر 1912 ۾ انڊيا واپس موٽي آيو.[6] ڪميبريج ۾ ھي پروفيسر سر جيمز جينز (Sir James Jeans) جي خيالن کان ڏاڍو متاثر ٿيو.
حوالا
[سنواريو]- ↑ Nasim Yousaf. "The 'Belcha': Allama Mashriqi's powerful symbol for the Khaksar Tehrik". TwoCircles.net website. حاصل ڪيل 22 January 2018.
- ↑ S. Shabbir Hussain, Al-Mashriqi: The Disowned Genius, Lahore, Jang Publishers, 1991
- ↑ Nasim Yousaf, Pakistan's Freedom & Allama Mashriqi; Statements, Letters, Chronology of Khaksar Tehrik (Movement), Period: Mashriqi's Birth to 1947, page 3.
- ↑ Nasim Yousaf, Pakistan's Freedom & Allama Mashriqi; Statements, Letters, Chronology of Khaksar Tehrik (Movement), Period: Mashriqi's Birth to 1947, page 43.
- ↑ Nasim Yousaf, Pakistan's Freedom & Allama Mashriqi; Statements, Letters, Chronology of Khaksar Tehrik (Movement), Period: Mashriqi's Birth to 1947, page 45.
- ↑ M. Aslam Malik,Allama Inayatullah Mashraqi, page