حرف

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

حرف عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، سنڌيءَ ۽ اردوءَ ۾ بہ عام مروج آهي. سنڌي زبان ۾ حرف کي ”اکر“، سنسڪرت ۽ هنديءَ ۾ ”اڪشر“ چيو ويندو آهي. ”حرف“ جو مطلب آهي ”آواز کي ظاهر ڪرڻ يا اچارڻ وارو نشان“. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي تہ هر هڪ آواز جي لکيل صورت کي ”حرف“ چئبو آهي. دراصل ”حرف“ جي بنيادي معنيٰ آهي ڪنارو يا پاسو“ڇاڪاڻ تہ اهو ڪنارو يا پاسو وٺي بيھي ٿو. مطلب تہ ڪنھن بہ سمجهڻ جهڙي آواز جي بدران ڪا بہ مقرر ٿيل نشاني جيڪا ڪم آڻجي ٿي، تنھن کي ”اکر“ يا ”حرف“ چئبو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.