ترڪي ٻولي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ترڪيءَ 1918ع ۾ انقلاب کان پوءِ، ترڪي ٻوليءَ جي سڌاري لاءِ جيڪو ڪم هٿ ۾ کنيو، تنهن ۾ سڀ کان پهريائين، هنن ترڪي ٻوليءَ جي هڪ لغت جوڙائي، ان کان پوءِ ڏٺائون ته پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڌارين زبانن جا ڪيترا لفظ آهن، ۽ انهن جي معنيٰ وارا لفظ اسان جي لغت ۾ لڀن ٿا يا نه؟ ترڪيءَ ۾ جيڪي ساڳيا هم معنيٰ لفظ کن ملندا ويا، اهي قائم رکندي، باقي ڌارين ٻولين جا لفظ ڪڍندا ويا. پر جڏهن کين اهڙا لفظ نه ملي گهيا، تڏهن ساڳيا عربي، فارسي لفظ، ائين جو ائين قائم رکيائون. ان ريت ترڪي ٻوليءَ کي سوڌي صفا ڪري، هڪ علمي زبان بڻائي ورتائون.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌ ۽ سنڌي ٻولي- مولانا دين محمد وفائي؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ؛ 1962ع