مواد ڏانھن هلو

تخت جمشيد

بيھڪ: 29°56′04″N 52°53′29″E / 29.93444°N 52.89139°E / 29.93444; 52.89139
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
پرسيپولس (Persepolis)
𐎱𐎠𐎼𐎿 پارسا (پراڻي فارسي)
تخت جمشید Takht-e Jamshīd (فارسي)

شاھي محل جو داخلي دروازو
جڳھہ مرودشت, فارس صوبو, ايران[1]
مقانيت 29°56′04″N 52°53′29″E / 29.93444°N 52.89139°E / 29.93444; 52.89139
قسم قديم آثارن وارو ماڳ
تاريخ
ٺاھيندڙ Darius the Great, Xerxes the Great and Artaxerxes I
Material چن جو پٿر, ڪچيون سرون, ديودار جو ڪاٺ
بنياد پيو ڇھين صدي ق.م
دور سلطنت ائڪمنيڊ
ثقافتون فارسي
واقعا * سڪندراعظم جي ڪاھ
  • تخت جمشيد جي تباھي
جڳھہ بابت
حالت کنڊرات
انتظاميا ايران جو ثقافت، ھٿ جي ھنرن ۽ سياحت وارو ادارو
عوامي پھچ کليل
Architecture
اڏاوتي قسم Achaemenid
سرڪاري نالو Persepolis
قسم Cultural
معيار i, iii, vi
عهدو 1979 (3rd session)
حوالا نمبر. 114
State Party Iran
Region Asia-Pacific

تخت جمشيد (انگريزي: Perspolis) ايران جو ھڪ قديم تاريخي ماڳ آھي جيڪو مرودشت جي ميدان ۾ شيراز شھر کان 30 ڪلوميٽر (30 ميل) اتر اوڀر ۾ کنڊرن جي صورت ۾ موجود آھي. اھخامنشي سلطنت جي بادشاھ داريوش اول (Darius I) ۽ سندس جانشين بادشاھن جي گاديءَ جو ھنڌ ھو. ھن ماڳ کي 1979ع ۾ يونيسڪو جو عالمي ورثو قرار ڏنو ويو. ھن جي کنڊرن ۾ داريوش اول (522 - 486) ۽ خشايار (Xerxes) جا مقبرا ۽ ھڪ قلعو شامل آھن. ھي شھر 330 ق.م ۾ سڪندراعظم مڪمل طور تباھ ۽ برباد ڪري ڇڌيو جيڪو وري ڪڏھن بہ آباد نہ ٿي سگھيو. يوناني ھن شھر کي پرسپولس سڏين ٿا جڏھن تہ اڪثر مسلمان مورخ ھن کي تخت جمشيد جي نالي سان ياد ڪن ٿا. ھي شھر تباھ ٿيڻ کان پوءِ ھڪ ڊگھي عرصي تائين زمين جي اندر دٻيل رھيو. 17ھين صدي عيسويءَ ۾ ھن شھر جي کنڊرن کي سڃاتو ويو ۽ دنيا ھن ماڳ جي کوٽائيءَ ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي. البت سائنسي بنيادن تي ھنن کنڊرن تي کوجنا جو ڪم 1931ع ۾ شروع ٿيو جيڪو اڃا تائين جاري آھي[2].

ھن شھر جي چوڌاري زاگروس جبل جون اوچيون پھاڙيون آھن. شھر جي ٽن پاسن کان پھاڙيون ايتريون تہ اوچيون آھن جو ڪير بہ اتان شھر طرف نٿي اچي سگھيو. چوٿين پاسي کان شھر ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ھڪ سوڙھي لڪ ھئي جتي بادشاھ جا پھريدار مقرر ھئا. مطلب تہ ھن شھر جي بيھڪ اھڙي ھئي جو ان تي ٻاھرئين حملي جو تمام گھٽ خطرو ھو. ھي شھر سلطنت جو خزانو رکڻ لاءِ سڀ کان محفوظ ھنڌ ھو.

ھي شھر داريوش اول 515 - 518 ق.م ۾ تعمير ڪرايو. ھن بادشاھ پنھنجي سلطنت جي گاديءَ جو ھنڌ پاسارگار مان ڦيرائي ھتي آندو پر شھر جي آثارن مان ايئن ٿو لڳي تہ ھي ڪو وڏو شھر نہ ھو ۽ ھتي فقط باشاھ جي حويلي ۽ ٻيون بادشاھ جي استعمال ۾ ايندڙ عمارتون اڏيل ھيون. انڪري شايد ھي فقط ھڪ رسمي گاديء جو ھنڌ ھو جتي بادشاھ بھار يا اونھاري جي موسم ۾ پنھنجي ڪٽنب سان گڏ اچي رھندو ھو ۽ فقط امير امراءُ ۽ وزير سندس حاضري ڀرڻ لاءِ ايندا ھئا. ڪن ماھرن جو خيال آھي تہ بادشاھ ھتي بھار جي مند ۾ ايران جو نئون سال ملھائڻ ايندو ھو. ايران ۾ نئون سال عام طور تي 21 مارچ يا ان تاريخ کان ھڪ ڏينھن اڳ يا پوءِ شروع ٿيندو آھي. نئون سال ڌام ڌوم سان ملھايو ويندو آھي جنھن کي نوروز جو جشن ڪوٺيو وڃي ٿو.

داريوش اول ھتان جي ميدان ۾ ھڪ وڏوٿلھو (platform-terrace) ٺھرايو جنھن جي پکيڙ 125،000 چورس ميٽر (1,345,488 چورس فوٽ) ھئي. ھن دِڪي يا ٿلھي جي واچائي 20 ميٽر (66 فوٽ) ھئي. انھيءَ ٿلھي تي ھن پنھنجي درٻار (Council Hall)، حويلي ۽ عاليشان ٿنڀن تي بيٺل استقبالي ھال ٺھرايو. انھيءَ ھال جي ڊيگھ 60 ميٽر (200 فوٽ) ھئي جنھن جي ڇت عاليشان ٿيڀن تي بيٺل ھئي. ھر ٿيڀي جي اوچائي 19 ميٽر (62 فوٽ) ھئي. انھن ٿيڀن جي چوٽيءَ تي ڍڳن، شينھن ۽ ٻين طاقتور جانورن جون شبيھون ٺاھيون ويون ھيون جيڪي بادشاھ جي شان، شوڪت ۽ سگھاري ھئڻ جي اھڃاڻ طور ٺاھيون ويون ھيون. حويليءَ جي چئني ڪنڊن تي چار منارا ٺھيل ھئا ۽ حويليءَ جي ڀتين جو انريون حصو خوبصورتيءَ سان سينگاريو ويو ھو. ٻاھرئين پاسي استقبالي ھال جي ھيٺان ٿلھي (Pateform) جي ڀتين تي اھخامشي سلطنت جي 23 قومن سال واسطو رکندڙ ماڻھن جون مورتيون ٺھيل ھيون جيڪي قيمتي سوکڙيون بادشاھ جي خدمت ۾ پيش ڪندا ھئا.

عمارتن جي تعمير ۾ چن جو پٿر ۽ ڪچيون سرون استعمال ڪيون ويون ھيون. ٿلھي ٺاھڻ مھل ڀر واري جبل جو ڪجهه حصو شاندار طريقي سان ڪاٽيو ويو ھو. انھيءَ جبل کي اڄڪلھ ”ڪوھ رحمت“ ڪوٺيو وڃي ٿو. پيئڻ ۽ وھنجڻ لاءِ مينھن جو پاڻي گڏ ڪرڻ لاٰءِ ٿلھي جي پوئين پاسي ۾ جبل جي اڀرندي دامن ۾ ھڪ حوض ٺاھيو ويو ھو. ٿلھي تي چڙھڻ لاءِ شاندار قسم جون چاڙھيون ٺاھيون ويون ھيون.

جيتوڻيڪ ھي شھر داريوش اول جي حڪم تي تعمير ٿيو. پر ان جون ڪيتريون ئي عمارتون سندس پونئرن خاص طور تي سندس پٽ (Xerxes I)، پوٽي Artaxerxes I ۽ پوءِ وارن بادشاھن جي دور ۾ ٺھيون.

ھي شھر سڪندراعظم 330 ق.م ڌاري فتح ڪري نيست ۽ نابود ڪري ڇڏيو. شھر جي تباھيءَ جو احوال مشھور يوناني ليکڪ ڊيوڊورد (Deodors) تفصيل سان بيان ڪيو آھي. اھو تفصيل پڙھن وقت لڱ ڪانڊارجي ٿا وڃن. ھو لکي ٿو تہ[3]،

”پرسپولس فارسي بادشاھت جي گاديءَ جو ھنڌ ھو. سڪندراعظم ميسيڊونيا وارن (لشڪر) کي ٻڌايو تہ ھي ايشيا جو سڀ کان نفرت انگيز شھر آھي سپاھين کي حڪم ڏنائين تہ بادشاھي محل کي ڇڏي باقي سڄي شھر کي لٽيو ۽ ڦريو. ھي سج جي ھيٺان ھڪ نھايت ئي مالدار شھر ھو ۽ ماڻھن جا گھر سالن کان تمام گھڻي دولت خرچ ڪري سينگاريا ويا ھئا. ميسيڊونيا وارا (سڪندر اعظم جو لشڪر) شھر ۾ ڪاھي پيا ۽ شھر جا سمورا مرد ماري ڇڏيائون . ھر گھر قيمتي فرنيچر ۽ مھانگي سامان سان سينگاريل ھو. ھتي تمام گھڻي چاندي گڏ ڪئي وئي ھئي ۽ سون بہ ڪو گھٽ ڪونہ ھو. ڪيترائي جامني ۽ سونھري ڪڙھائي ٿيل قيمتي ڪپڙا فاتح لشڪر جو انعام بنيا. پر عظيم شاھي محل جيڪو سڄي دنيا ۾ مشھور ھو، ان کي مڪمل طور تي مسمار ڪيو ويو. مقدونيا وارن سڄو ڏينھن لٽ مار ڪئي پر پوءِ بہ سندن حرص پورو نہ ٿيو. ھو عورتن کي سندن زيورن سميت پاڻ سان گڏ گھلي کڻي ويا ۽ قيدين سان غلامن وارو سلوڪ ڪيو. پرسپولس جيڪو پنھنجي خوشحاليءَ ۾ سڀني شھرن کان اڳڀرو ھو سو سڀني شھرن کان وڌيڪ بدقسمت بنجي ويو.

سڪندراعظم قلعي ۾ داخل ٿيو ۽ اتي گڏ ٿيل سموري خزاني تي قبضو ڪري ورتائين. اتي سلطنت جي پھرئين بادشاھ سائرس اعظم جي دولت جو انبار موجود ھو. سون ۽ چانديءَ جا 2500 ٽن موجود ھئا. سڪندر ان رقم جو ڪجهه حصو جنگ جي خرچن لاءِ پاڻ سان گڏ کنيو ۽ باقي سوسا ۾ پنھنجي ڀروسي وارن ماڻھن جي نگرانيءَ ۾ محفوظ ڪيو. ھن سڄو خزانو 3000 خچرن تي کڻائي محفوظ ھنڌن تي پھچايو. ھو مقامي ماڻھن جو وڏو دشمن ھو ۽ ھن علائقي جي خوشحالي ھميشہ لاءِ ختم ڪرڻ جو پڪو پھ ڪيو ھئائين“.

چون ٿا تہ شھر ۾ ڦرلٽ ڪرڻ کان پوءِ سڪندراعظم سڄي رات جشن ملھايو ۽ آخر ۾ سڄي شھر کي باھ ڏئي ساڙي رک ڪري ڇڏيو ۽ ايئن نہ فقط ھي شھر بلڪ اھخامنشي جھڙي عطيم بادشاھت دنيا جي نقشي تان ميسارجي وئي. مشھور يوناني مورخ پلوٽارڇ (Plutarch) مطابق سڪندراعظم ھتان جو خزانو 2000 خچرن ۽ 5000 اٺن تي کڻائي اڳتي روانو ٿي ويو[4].

گئلري

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. Google maps. "Location of Persepolis". Google Maps. حاصل ڪيل 24 September 2013. 
  2. "Persepolis". World History Encyclopedia. حاصل ڪيل 2022-01-12. 
  3. ,Diodorus Siculus The Library of History
  4. Mark, J. J. (2019, November 19). Persepolis. World History Encyclopedia. Retrieved from https://www.worldhistory.org/persepolis