بھاول نگر
بھاولنگر بھاول نگر | ||
---|---|---|
شھر | ||
گورنمينٽ پوسٽ گريجوئيٽ ڪاليج بھاولپور | ||
| ||
Location of Bahawalnagar | ||
جاگرافي بيهڪ: 29°59′34″N 73°15′13″E / 29.99278°N 73.25361°E | ||
ملڪ | Pakistan | |
صوبو | پنجاب | |
ضلعو | بھاول نگر ضلعو | |
تحصيل | بھاول نگر تحصيل | |
ضلعي جون يونين ڪاؤنسلون | 118 | |
حڪومت [1] | ||
• قسم | ميونسپل ڪميٽي | |
• چيئرمين | رانا عاطف رئوف | |
• وائيس چيئرمين | حاجي عبدالمجيد قريشي | |
بلندي | 163 ميل (535 ft) | |
آبادي (2017)[2] | ||
• ڪل | 161,033 |
بھاول نگر(انگريزي: Bahawalnagar) پاڪستان جي صوبي پنجاب جي ڏکڻ اوڀر واري علائقي ۾ واقع هڪ شھر ۽ بھاول نگر ضلعي جو صدر مقام آھي.[3] ھن شھر جو پراڻو نالو روجھان والي/اڀا (Rojanwali/Ubbha) ھيو 1904 ۾ ان جو نالو تبديل ڪري بھاولپور جي پرنسلي اسٽيٽ (جيڪا موجوده بھاولپور، بھاول نگر۽ رحيم يار خان ضلعن تي مشتمل ھئي) جي حاڪم نواب بھاول خان چوٿون جي نالي تي بھاول نگر رکيو ويو.[4] شھر لاھور کان ڏکڻ طرف 192 ميلن جي ۽ بھاولپور کان اوڀر طرف 120 ميلن جي مفاصلي تي واقع آهي. شھر جي اتر طرف 6 ميلن تي ستلج ندي وھي ٿي.[5]
تاريخ
[سنواريو]ھي شھر جيڪو روجھان والي سڏبو ھو.[6] شروع ۾ ھڪ ننڍڙي آبادي تي مشتمل ھيو. اڄ بہ روجھانوالي نالي سان ڳوٺ شھر جي اسٽيشن کان ڏيڍ ميل تي واقع آهي.اسثيشن جو قيام 1895 ۾ بھاول نگر جنڪشن ريلوي اسٽيشن جي نالي سان عمل ۾ آيو. اھا بھاول نگر ۽ ڀاٽنڊا جي وچ ۾ جنڪشن ھئي. ڪراچي کان دھليءَ تائين ريلن جو گذر ھن اسٽيشن کان ٿيندو ھو.[5] شروع ۾ ھتي ڪجهه جھوپڙيون ھونديون ھيون ۽ پوء اسٽيشن جي ڪري دڪان ۽ گھر ٺھندا ويا. فورڊواھ ڪئنال جي ٺھن کان پوءِ علائقي ۾ وڏي زرخيزي آئي.1900 يا 1901 ۾ ھن شھر جي پھرين پوليس پوسٽ قائم ٿي ۽ 1902 يا 1903 ۾ پھريون پرائمري اسڪول قائم ٿيو. 1906 ۾ شھر جي پنچائت ڪميٽي قائم ٿي.1914 ۾ ھن شھر کي تحصيل بنائڻ جي سفارش ٿي.1922 ۾ ھتي ميونسپل ڪميٽي قائم ٿي.
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Municipal Committee Bahawalnagar: Administrative Setup". Local Government Punjab. حاصل ڪيل 2018-04-24.
- ↑ "POPULATION AND HOUSEHOLD DETAIL FROM BLOCK TO DISTRICT LEVEL: PUNJAB (BAHAWALNAGAR DISTRICT)" (PDF). Pakistan Bureau of Statistics. حاصل ڪيل 2018-04-24.
- ↑ Tehsils & Unions in the District of Bahawalnagar – Government of Pakistan آرڪائيو ڪيا ويا 2012-02-09 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- ↑ "Archived copy". وقت 2017-04-21 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2017-04-20.
- ↑ 5.0 5.1 Bahawalnagar – Outline Development Plan, Govt of Punjab, 1978. Accessed 2017-02-24.
- ↑ Nadīm, Fārūq (2005) (en ۾). Chaos: Research Articles on History and Socio Economic Situation of Pakistani Punjab. World Institute of Literature & Culture. https://books.google.com.pk/books?id=CuptAAAAMAAJ&q=Rojhanwali&dq=Rojhanwali. Retrieved 21 April 2017.