بھاول نگر
بھاولنگر
بھاول نگر | ||
|---|---|---|
شھر | ||
گورنمينٽ پوسٽ گريجوئيٽ ڪاليج بھاولپور | ||
| ||
| جاگرافي بيهڪ: 29°59′34″N 73°15′13″E / 29.99278°N 73.25361°E | ||
| ملڪ | ||
| صوبو | ||
| ضلعو | بھاول نگر ضلعو | |
| تحصيل | بھاول نگر تحصيل | |
| ضلعي جون يونين ڪاؤنسلون | 118 | |
| Government | ||
| • Type | ميونسپل ڪميٽي | |
| • چيئرمين | رانا عاطف رئوف | |
| • وائيس چيئرمين | حاجي عبدالمجيد قريشي | |
بھاول نگر(انگريزي: Bahawalnagar) پاڪستان جي صوبي پنجاب جي ڏکڻ اوڀر واري علائقي ۾ واقع هڪ شھر ۽ بھاول نگر ضلعي جو صدر مقام آھي.[3] ھن شھر جو پراڻو نالو روجھان والي/اڀا (Rojanwali/Ubbha) ھيو 1904 ۾ ان جو نالو تبديل ڪري بھاولپور جي پرنسلي اسٽيٽ (جيڪا موجوده بھاولپور، بھاول نگر۽ رحيم يار خان ضلعن تي مشتمل ھئي) جي حاڪم نواب بھاول خان چوٿون جي نالي تي بھاول نگر رکيو ويو.[4] شھر لاھور کان ڏکڻ طرف 192 ميلن جي ۽ بھاولپور کان اوڀر طرف 120 ميلن جي مفاصلي تي واقع آهي. شھر جي اتر طرف 6 ميلن تي ستلج ندي وھي ٿي.[5]
تاريخ
[سنواريو]ھي شھر جيڪو روجھان والي سڏبو ھو.[6] شروع ۾ ھڪ ننڍڙي آبادي تي مشتمل ھيو. اڄ بہ روجھانوالي نالي سان ڳوٺ شھر جي اسٽيشن کان ڏيڍ ميل تي واقع آهي.اسثيشن جو قيام 1895 ۾ بھاول نگر جنڪشن ريلوي اسٽيشن جي نالي سان عمل ۾ آيو. اھا بھاول نگر ۽ ڀاٽنڊا جي وچ ۾ جنڪشن ھئي. ڪراچي کان دھليءَ تائين ريلن جو گذر ھن اسٽيشن کان ٿيندو ھو.[5] شروع ۾ ھتي ڪجهه جھوپڙيون ھونديون ھيون ۽ پوء اسٽيشن جي ڪري دڪان ۽ گھر ٺھندا ويا. فورڊواھ ڪئنال جي ٺھن کان پوءِ علائقي ۾ وڏي زرخيزي آئي.1900 يا 1901 ۾ ھن شھر جي پھرين پوليس پوسٽ قائم ٿي ۽ 1902 يا 1903 ۾ پھريون پرائمري اسڪول قائم ٿيو. 1906 ۾ شھر جي پنچائت ڪميٽي قائم ٿي.1914 ۾ ھن شھر کي تحصيل بنائڻ جي سفارش ٿي.1922 ۾ ھتي ميونسپل ڪميٽي قائم ٿي.
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Municipal Committee Bahawalnagar: Administrative Setup", Local Government Punjab, حاصل ڪيل 24 اپريل 2018۔
- ↑ "POPULATION AND HOUSEHOLD DETAIL FROM BLOCK TO DISTRICT LEVEL: PUNJAB (BAHAWALNAGAR DISTRICT)", Pakistan Bureau of Statistics, 03 جنوري 2018, حاصل ڪيل 24 اپريل 2018۔
- ↑ Tehsils & Unions in the District of Bahawalnagar – Government of Pakistan آرڪائيو ڪيا ويا 2012-02-09 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- ↑ "Archived copy", 21 اپريل 2017 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 20 اپريل 2017۔ اڻڄاتل پيراميٽر
|deadurl=نظر انداز ڪيو ويو (مدد) - ↑ 5.0 5.1 Bahawalnagar – Outline Development Plan, Govt of Punjab, 1978. Accessed 2017-02-24.
- ↑ Nadīm, Fārūq (2005) (en ۾). Chaos: Research Articles on History and Socio Economic Situation of Pakistani Punjab. World Institute of Literature & Culture. https://books.google.com.pk/books?id=CuptAAAAMAAJ&q=Rojhanwali&dq=Rojhanwali. Retrieved 21 April 2017.
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- غيرمددي پيراميٽر سان حوالا تي مشتمل صفحا
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- Pages using infoboxes with thumbnail images
- ٽٽل فائيل ڳنڍڻن وارا صفحا
- Coordinates on Wikidata
- پنجاب جا شهر (پاڪستان)
- پنجاب (پاڪستان) جا آباد مقام
