بيد مشڪ
Heart-leaved silver gum | |
---|---|
Eucalyptus cordata, Melbourne | |
سائنسي درجا بندي | |
نسل: | Eucalyptus |
جنس: | cordata |
E. cordata, field distribution |
بيد مشڪ | |
---|---|
Buds, capsules, flowers and foliage of E. tereticornis | |
سائنسي درجا بندي | |
قسم جنس | |
يوڪليپٽس آبليڪا L'Hér. 1789 | |
Diversity | |
لڳ ڀڳ 700 قسم | |
Natural range | |
هم معنيٰ[1] | |
Aromadendron Andrews ex Steud. |
بيد مشڪ:Eucalyptus
: يوڪلپٽس :ھڪ وچولي سائيز جو لسن ڇوڏن وارو وڻ آهي جنھن ۾ بغير ڏانڊين وارا پن ھوندا آھن. ھن جا گل اڇا ۽ وچ سياري کان بھار جي شروعات واري وقت نڪرندا آهن. ھي وڻ تسمانيا، آسٽريليا ۾ گھڻو ٿين ٿا يا ايئن کڻي چئجي تہ انھن جو ديس تسمانيا آهي.
ھي کئونر وارو وڻ سڏبو آھي ۽ گلن واري وڻن ۾ سڀ کان ڊگهي ۾ ڊگھو ون بہ ھن جي ھڪ جنس وارو وڻ ھوندو آھي جنھن کي Eucalyptus regnans چوندا آهن.[2] آسٽريليا ۾ ھنن وڻن جا ٻيلا 92٬000٬000 هيڪٽر (227٬336٬951 acre) ايراضي تي واقع آھن.[3] بيد مشڪ جا 700 کان مٿي قسم آھن جن مان لڳ ڀڳ سڀ آسٽريليا ۾ ڪثرت سان ملن ٿا. انھن مان ڪجهه قسم آسٽريليا جي ويجھو وارن ملڪن نيو گني ۽ انڊونيشيا ۾ ملن ٿا. ھي وڻ ٽراپيڪل ۽ ٽيمپريٽ موسم وارن علائقن ۾ ٿيندا آهن.ھي وڻ تيزي سان وڏي ٿيندڙ وڻن ۾ شامل آھي.ھن وڻ جا ٽار اڪثر وزن وڌڻ جي ڪري پٽجي ڪري پوندا آھن. ھي وڻ پاڪستان ۾ اڪثر روڊن جي پاسن کان پوکيو ويندو آهي.
بيد مشڪ جو گل
وڻ جي سائيز چئن قسمن جي آھي:
- ننڍي سائيز وارو وڻ جن جي سائيز 33 فٽ يا 10 ميٽر آھي.
- وچولي سائيز جا وڻ 33 کان 98 فٽ يا 10 کان 30 ميٽر آھي.
- ڊگھا وڻ جن جي اوچائي 30 کان 60 ميٽر يا 98 کان 197 فٽ آهي.
- تمام ڊگھا وڻ جي اوچائي 60 ميٽرن کان مٿي يا 200 فٽن کان مٿي ھوندي آھي.
نالو
[سنواريو]بيد مشڪ کي يورپين يوڪلپٽس جو نالو ڏنو.1777 ۾ ھڪ انگريز ماھر نباتات ڊيوڊ نيلسن ڏکڻ تسمانيا جي بروني ٻيٽ (Bruny Island) مان ھن وڻن جا ڪجهه نمونا برٽش ميوزيم، لنڊن، ۾ کڻي آيو ۽ انھن کي سندس ساٿي فرينچ ماھرر نباتات چارلس لوئيس ھيريٽيئر ڊي بروٽيل Charles-Louis L' Héritier) (de Brutelle يوڪلپٽس آبليڪ جو نالو ڏنو.اھو لفظ يوناني ٻوليءَ جي ٻن ڌاتن مان ٺھيل آھي يوجنھن جي معني آهي چڱو ۽ ڪلپٽس جنھن جي معني آهي ڍڪيل اھو نالو ان وڻ جي گلن جي ڪلين (buds)جي بناوٽ کي ڏسي رکيو ويو آبليڪ لاطيني ٻولي جو لفظ آهي جيڪو پاسيري بناوٽ کي ظاھر ڪندو آھي. اھو لفظ نالي ۾ وڻ جي پن جي بناوٽ کي ڏسي ڪري وڌو ويو.[4]
بيد مشڪ جو تيل
[سنواريو]بيد مشڪ جو تيل يا يوڪلپٽس آئل بيد مشڪن جي ڪجهه قسمن جي پنن مان ڪڍيو ويندو آهي. آسٽريليا جي رياست تسمانيا ۾ بيد مشڪ جا 500 کان وڌيڪ قسم ملن ٿا انھن مان ڪجهه قسمن جھڙوڪ سيليسيفوليا (salicifolia ) ۽ يوڪلپٽس گلوبولس (Eucalyptus globulus) جي پنن مان تيل ڪڍيو ويندو آهي جنھن بيمارين جي علاج واريون خاصيتون موجود ھونديون آھن. انھن وڻن جي پنن مان تيل، ڇوڏن مان پنو، ڪاٺي ٻارڻ ۽ عمارتي ڪاٺ طور استعمال ٿيندي آهي[5]. تيل ۾ شفا رکيل آھي اُھو سوزش ۽ سور کي ختم ڪندو آھي. سن ۾ بيڪٽيريل ، وائرل ۽ فنگل انفيڪشن کي کي روڪڻ جي صلاحيت به آھي.[6]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Eucalyptus L'Hér.". Germplasm Resources Information Network. United States Department of Agriculture. حاصل ڪيل 2010-02-28.
- ↑ "The World's New Tallest Tree".
- ↑ "Eucalypt forest". Commonwealth of Australia. حاصل ڪيل 29 January 2017.
- ↑ https://articles.mercola.com/herbs-spices/amp/eucalyptus.aspx. Missing or empty
|title=
(مدد) - ↑ https://www.britannica.com/plant/Eucalyptus. Missing or empty
|title=
(مدد) - ↑ https://draxe.com/eucalyptus-oil-uses-benefits/. Missing or empty
|title=
(مدد)