بانسري
بانسري/ بانسلي/ بئنسري: بانسريءَ کي وينا، ۽ ونجلي به چون. هي بانس، -پتل- ۽ لوهه مان ٺاهي وڃي ٿي. -بانس- ۽ ڪنگوءَ مان ٺهيل بانسريءَ کي پنهنجو ميٺاج ٿئي ٿو. هي ساز هند توڙي سنڌ ۾ چڱو مقبول ساز آهي. ڦوڪ جو هي ساز ڪلاسيڪل توڙي نيم ڪلاسيڪل طرزن ڪڍڻ ۾ دل لڀائيندڙ آهي. سندس ڪوڪ دل ۾ چڀندڙ هجڻ ڪري لوڪ داستانن جو حصو آهي. پنجاب جو لوڪ داستان هير رانجهو سڄو بانسريءَ تي ٻڌل آهي. هندو کيس ڪرشن جي ايجاد چون ٿا. تصويرن ۾ به ڪرشن مهراج کي بانسري هٿ ۾ ڏيکاريل آهي. -ان- مان هن جي قدامت جو -پتو- پوي ٿو. اڄڪلهه طرزن ۾ مينڍ ڏيڻ مهل سندس اثر عجيب آهي. سنڌ ۾ کوڙ بانسري وڄائيندڙ موجود آهن. هن وقت غوث بخش -بروهي-، بانسري وڄائڻ جو شاهه ڪاريگر آهي.
بانس يا ڪنگور جي ڏهن کان ٻارنهن -انچ- ڪاٺيءَ کي اندران پورو ڪري هڪ نلي ٺاهبي آهي. مٿان -انچ- سوا تي ڦوڪ جو سوراخ هوندو آهي، -ان- کي ’مک رنڌا‘ چون. سڄي نليءَ کي ڏانڊي چون. وڄاءَ جا ڇهه سوراخ ڪڍندا آهن. انهن ڇهن سوراخن واري حصي کي ”سوار رسُور رنڌا“ چون. مٿيون کليل حصو ڪنهن -ٻوچ- يا ڪاٺ سان -بند- ڪبو آهي، ڦوڪ واري سوراخ جي جاءِ تي ”-تري-“ هڻي سولي ڦوڪ سان وڄائين. جيئن الغوزن ۾ هوندو آهي. -ان- کي -بين- به چون. وڄائڻ واري سوراخ مان ڦوڪ ڏئي سوار رنڌا جي مٿين -ٽن- ۽ هيٺين هڪ سوراخ کي کولبو ته ساکرج جو آواز بيهندو. ٻه سوراخ هيٺين مان يعني ٻيو ۽ ٽيون سوراخ -بند- ڪبو.
رنڌا سوار جي هيٺين هڪ سوراخ کي کولبو چوٿين جي اڌ ۽ پنجين ڇهين کي کليل رکبو ته ڪومل رکب. هيٺيان کان 3،2 چوٿون سوراخ -بند- ڪبو ته شڌ رکب. هيٺان کان 2،3،4 ۽ پنجن جو اڌ -بند- ڪبو ته ڪومل گنڌار، هيٺيان کن 2،3،4،5 ۽ ڇهين جو اڌ -بند- ڪبو ته شڌ مڌم ۽ اهڙي طرح تيور مڌم ڪڍڻ لاءِ هيٺان کان 2،3 چوٿون کليل 5 ۽ 6 -بند- رکبا.
ڪي وڄائڻ وارا چون ٿا ته سڀ سر -بند- ڪبا ته کرج جو آواز نڪرندو. هيٺ ڇهين سوراخ جو اڌ کولبو رکب ڪومل ۽ سڄو سوراخ کولبو ته رکب تيور، پنجين سوراخ مان گنڌار ڪومل ۽ تيور، چوٿين سوراخ مان ٻئي مڌم، ٽئين سوراخ مان پنچم، ٻئي سوراخ مان ٻئي مڌم ۽ مٿئين 6 ڇهين سوراخ يا صفا پهرين سوراخ مان ٻئي نکاد ڪڍبا آهن. اها ترتيب عام بانسري وڄائڻ جي درست آهي. مگر ڊيگهه واري وڏي بانسري جنهن جو قطر مني -انچ- کان ڏيڍ -انچ- ٿئي ٿو -ان- مان سر نقشي ۾ ڏنل ترتيب سان نڪرندا.
شروع ۾ هي ساز -بانس-، ني، نرسل (نڙ) مان ٺهيو هوندو ۽ اڄ به ٺهي ٿو. تنهنڪري نالو بانسري، ني ۽ نڙ اٿس. هن جا مختلف نالا مختلف علائقن جي ڪري آهن. پنجابيءَ ۾ -بانس- جي بانسري کي ”ونجهه با ونجلي“ به چون، ڇو ته -ٻيڙي- جو ونجهه به -بانس- مان ٺهندو آهي. ڪن فنڪارن بانسري جي ڊيگهه ۽ ساخت ڦيرائي -ان- کي ڪلارينٽ جي سامهون آڻي بيهاريو آهي. سنڌ ۾ نڙ، ڪافي، ۽ بينون انهيءَ ڪٽنب جا ساز آهن، پر اهي وڄت ۾ ٻيءَ طرح آهن. پنجاب ۾ سنهڙي ۽ افقي حالت ۾ وڄائي ويندڙ ڦوڪ واري ساز کي بانسري ۽ ويڪري ۽ عمودي يا -اڀو- جهلي وڄائڻ واري هن ساز کي پنجاب ۾ ’ونجهلي‘ ۽ ڏکڻ هندوستان ۾ بانسري کي وينا چون.[1]