اسڪوپجي
اسڪوپجي Скопје (Macedonian) Shkup / Shkupi (Albanian) | |||
---|---|---|---|
گادي وارو شهر | |||
Град Скопје Qyteti i Shkupit اسڪوپجي جو شهر | |||
| |||
جاگرافي بيهڪ: 41°59′46″N 21°25′54″E / 41.99611°N 21.43167°E | |||
ملڪ | اتر مقدونيا | ||
علائقو | اسڪوپجي شمارياتي | ||
ميونسپلٽي | گريٽر اسڪوپجي | ||
حڪومت | |||
• قسم | مقامي حڪومت جو خاص يونٽ | ||
• مجلس | اسڪوپجي سٽي ڪائونسل | ||
• ميئر | دانيلا ارسوفسکا (آزاد)[1] | ||
پکيڙ | |||
• گريٽر اسڪوپجي | 571.46 ڪ.م2 (220.64 ميل2) | ||
• شھري | 337.80 ڪ.م2 (130.43 ميل2) | ||
• ميٽرو | 1,854.00 ڪ.م2 (715.83 ميل2) | ||
بلندي | 240 ميل (790 ft) | ||
آبادي (2021ع)[2] | |||
• گريٽر اسڪوپجي | 526,502 |
اسڪوپجي (انگريزي: Skopje؛ مقدوني: Скопје؛ البانوي: Shkup، البانوي مخصوص صورت: Shkupi) اتر مقدونيا جي گاديءَ جو هنڌ ۽ وڏو شهر آهي. اهو ملڪ جو سياسي، ثقافتي، اقتصادي ۽ علمي مرڪز آهي. اسڪوپجي شهر اسڪوپجي طاس ۾ واقع آهي.
اسڪوپي (Scupi) جي پهريون ڀيرو ٻي صدي عيسوي ۾ رومن ڊرڊانيا ۾ هڪ شهر جي طور تي تصديق ڪئي وئي آهي.[5] [6] جڏهن رومي سلطنت 395ع ۾ اڀرندي ۽ اولهندي حصن ۾ ورهائجي وئي ته اسڪوپي قسطنطنيه جي بازنطيني حڪومت هيٺ آيو. قرون وسطي جي اوائلي دور ۾ هن شهر لاء بازنطيني ۽ بلغارين سلطنت، جنهن جي گاديءَ جو هنڌ اهو سال 972ع ۽ 992ع جي وچ ۾ هو، جي وچ ۾ مقابلو رهيو. سال 1004ع ۾، جڏهن بازنطيني سلطنت ان تي قبضو ڪيو، ته شهر هڪ نئين صوبي، جن کي بلغاريا سڏيو ويندو هو، جو مرڪز بڻجي ويو. سال 1282ع کان هي شهر سربيائي سلطنت جو حصو هو، جنهن جي گاديءَ جو هنڌ 1346ع کان 1371ع تائين رهيو.[7] سال 1392 ۾، اسڪوپجي کي عثماني ترڪن پاران فتح ڪيو ويو، جن ان کي اسڪوب (Üsküb) سڏيو. اهو شهر 500 سالن کان وڌيڪ عرصي تائين عثماني سلطنت جي قبضي هيٺ رهيو، جيڪو اسڪوپي جي پاشاسنجڪ ۽ بعد ۾ ڪوسوو جي ولائت جي گاديءَ جو هنڌ رهيو. عثماني بلقان ۾ انجي مرڪزي حيثيت ان کي عثماني دور ۾ واپار ۽ انتظاميه جو هڪ اهم مرڪز بڻايو. سال 1912ع ۾، بلقان جنگين دوران سربيا جي بادشاھت طرفان ملايو ويو. پهرين عالمي جنگ دوران هن شهر تي بلغاريا جي بادشاهت قبضو ڪيو ۽ جنگ کان پوءِ اهو يوگوسلاويا جي نئين ٺاهيل بادشاهت جي حصي، ورڊارسڪ بانووينا جي گاديءَ جو هنڌ بڻجي ويو. ٻي عالمي جنگ ۾، شهر ٻيهر بلغاريا جي قبضي هيٽ آيو ۽ 1945ع ۾ يوگوسلاويا اندر هڪ وفاق واري رياست، ايس آر ميسيڊونيا جي گاديءَ جو هنڌ بنيو.[8] شهر تيزيءَ سان ترقي ڪئي، پر 1963ع ۾ هڪ تباهيءَ واري زلزلي جي ڪري ان ۾ خلل پئجي ويو.
اسڪوپجي وارڊر نديءَ جي مٿئين ڪناري تي آهي ۽ بيلگراڊ ۽ ايٿنس جي وچ ۾ هڪ وڏي اتر-ڏکڻ بلقان رستي تي آهي. اهو ڪيميائي شئن، ڪاٺ، ڪپڙي، چمڙي، ڇپائي ۽ دھات جي پروسيسنگ جي صنعتن جو مرڪز آهي. شهر جي صنعتي ترقي سان گڏ واپار، رسد ۽ بينڪن جي شعبن جي ترقي سان گڏوگڏ ٽرانسپورٽ، ثقافت ۽ راندين جي شعبن تي زور ڏنو ويو آهي. سال 2021ع کان آخري سرڪاري مردم شماري مطابق، اسڪوپجي جي آبادي 5,26,502 باشندن جي هئي.[2]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Local Elections 2021 – Mayor of Skopje State Election Commission.". وقت 1 November 2021 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 1 November 2021. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ 2.0 2.1 حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>
tag; no text was provided for refs namedstats2
- ↑ "Skopjan dictionary definition | skopjan defined". YourDictionary.
- ↑ "Sub-national HDI - Area Database - Global Data Lab". hdi.globaldatalab.org. حاصل ڪيل 2018-09-13.
- ↑ Syme, Ronald; Birley, Anthony (1 January 1999). The Provincial at Rome: And, Rome and the Balkans 80BC-AD14. University of Exeter Press. ISBN 9780859896320. https://books.google.com/books?id=D5IxWxCgFFwC&q=scupi+dardania+roman&pg=PA129.
- ↑ Mócsy, András (1 January 1974). Pannonia and Upper Moesia: A History of the Middle Danube Provinces of the Roman Empire. Routledge & K. Paul. ISBN 9780710077141. https://books.google.com/books?id=6L49AAAAIAAJ&q=scupi+&pg=PA65.
- ↑ Ramet 200640.
- ↑ John B., Bell, Martin, Conflict in the former Yugoslavia: an Encyclopedia, ABC-CLIO, 1998, p. 270, ISBN 0874369355.
- اھي صفحا جيڪي سانچن جي سڏن ۾ ٻٽيون شيون استعمال ڪن ٿا
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- صفحا جنم ۾ غير-انگي فارميٽ.نم آرگيومينٽ آھي
- حوالن ۾ چُڪَ وارا صفحا
- غيرمددي پيراميٽر سان حوالا تي مشتمل صفحا
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- بهترين مضمون
- مضمون جن ۾ Macedonian ٻولي جا اکر آھن
- مضمون جن ۾ Albanian ٻولي جا اکر آھن
- سانچا
- Coordinates on Wikidata
- اتر مقدونيا
- راڄڌانيون
- يورپ ۾ راڄڌانيون