مواد ڏانھن هلو

اسڪوپجي

اسڪوپجي

Скопје (Macedonian)
Shkup / Shkupi (Albanian)
گادي وارو شهر
Град Скопје
Qyteti i Shkupit
اسڪوپجي جو شهر
وردار نديءَ سان مرڪزي اسڪوپجي مٿان ڏيک
آرڪيالاجيڪل ميوزيم آف اتر ميسيڊونيا
مقدونيا اسڪوائر
اسڪوپجي قلعو (ڪلي)
پورٽا مقدونيا
چرچ آف سينٽ ڪليمينٽ آف اوھرڊ
پٿر جو پل
Banner of اسڪوپجيCoat of arms of اسڪوپجي
Coordinates: 41°59′46″N 21°25′54″E / 41.99611°N 21.43167°E / 41.99611; 21.43167
ملڪاتر مقدونيا
علائقواسڪوپجي شمارياتي
ميونسپلٽيگريٽر اسڪوپجي
حڪومت
• طرزمقامي حڪومت جو خاص يونٽ
• باڊياسڪوپجي سٽي ڪائونسل
• ميئردانيلا ارسوفسکا (آزاد)[1]
ايراضي
• گريٽر اسڪوپجي571.46 km2 (220.64 sq mi)
• شھري
337.80 km2 (130.43 sq mi)
آبادي
 (2021ع)[2]
• ڪل526,502
• شهري ڪثافتauto
• ميٽرو ڪثافتauto
رهاڪو نالوSkopjan[3]
(سانچو:Lang-mk)
(Albanian: Shkupjan/Shkupjane)
Official Language(s)
وقتي علائقوUTC+1 (CET)
  اونهارو (ر.ب.و)UTC+2 (CEST)
پوسٽل ڪوڊ
МК-10 00
ڊائلنگ ڪوڍ+389 2
آء ايس او 3166 ڪوڊMK-85
Car platesSK
HDI (2021)0.802[4]
very high · 1st of 8
ClimateBSk
ويب سائيٽwww.skopje.gov.mk

اسڪوپجي (انگريزي: Skopje؛ مقدوني: Скопје؛ البانوي: Shkup، البانوي مخصوص صورت: Shkupi) اتر مقدونيا جي گاديءَ جو هنڌ ۽ وڏو شهر آهي. اهو ملڪ جو سياسي، ثقافتي، اقتصادي ۽ علمي مرڪز آهي. اسڪوپجي شهر اسڪوپجي طاس ۾ واقع آهي.

اسڪوپي (Scupi) جي پهريون ڀيرو ٻي صدي عيسوي ۾ رومن ڊرڊانيا ۾ هڪ شهر جي طور تي تصديق ڪئي وئي آهي.[5] [6] جڏهن رومي سلطنت 395ع ۾ اڀرندي ۽ اولهندي حصن ۾ ورهائجي وئي ته اسڪوپي قسطنطنيه جي بازنطيني حڪومت هيٺ آيو. قرون وسطي جي اوائلي دور ۾ هن شهر لاء بازنطيني ۽ بلغارين سلطنت، جنهن جي گاديءَ جو هنڌ اهو سال 972ع ۽ 992ع جي وچ ۾ هو، جي وچ ۾ مقابلو رهيو. سال 1004ع ۾، جڏهن بازنطيني سلطنت ان تي قبضو ڪيو، ته شهر هڪ نئين صوبي، جن کي بلغاريا سڏيو ويندو هو، جو مرڪز بڻجي ويو. سال 1282ع کان هي شهر سربيائي سلطنت جو حصو هو، جنهن جي گاديءَ جو هنڌ 1346ع کان 1371ع تائين رهيو.[7] سال 1392 ۾، اسڪوپجي کي عثماني ترڪن پاران فتح ڪيو ويو، جن ان کي اسڪوب (Üsküb) سڏيو. اهو شهر 500 سالن کان وڌيڪ عرصي تائين عثماني سلطنت جي قبضي هيٺ رهيو، جيڪو اسڪوپي جي پاشاسنجڪ ۽ بعد ۾ ڪوسوو جي ولائت جي گاديءَ جو هنڌ رهيو. عثماني بلقان ۾ انجي مرڪزي حيثيت ان کي عثماني دور ۾ واپار ۽ انتظاميه جو هڪ اهم مرڪز بڻايو. سال 1912ع ۾، بلقان جنگين دوران سربيا جي بادشاھت طرفان ملايو ويو. پهرين عالمي جنگ دوران هن شهر تي بلغاريا جي بادشاهت قبضو ڪيو ۽ جنگ کان پوءِ اهو يوگوسلاويا جي نئين ٺاهيل بادشاهت جي حصي، ورڊارسڪ بانووينا جي گاديءَ جو هنڌ بڻجي ويو. ٻي عالمي جنگ ۾، شهر ٻيهر بلغاريا جي قبضي هيٽ آيو ۽ 1945ع ۾ يوگوسلاويا اندر هڪ وفاق واري رياست، ايس آر ميسيڊونيا جي گاديءَ جو هنڌ بنيو.[8] شهر تيزيءَ سان ترقي ڪئي، پر 1963ع ۾ هڪ تباهيءَ واري زلزلي جي ڪري ان ۾ خلل پئجي ويو.

اسڪوپجي وارڊر نديءَ جي مٿئين ڪناري تي آهي ۽ بيلگراڊ ۽ ايٿنس جي وچ ۾ هڪ وڏي اتر-ڏکڻ بلقان رستي تي آهي. اهو ڪيميائي شئن، ڪاٺ، ڪپڙي، چمڙي، ڇپائي ۽ دھات جي پروسيسنگ جي صنعتن جو مرڪز آهي. شهر جي صنعتي ترقي سان گڏ واپار، رسد ۽ بينڪن جي شعبن جي ترقي سان گڏوگڏ ٽرانسپورٽ، ثقافت ۽ راندين جي شعبن تي زور ڏنو ويو آهي. سال 2021ع کان آخري سرڪاري مردم شماري مطابق، اسڪوپجي جي آبادي 5,26,502 باشندن جي هئي.[2]

حوالا

[سنواريو]
  1. "Local Elections 2021 – Mayor of Skopje State Election Commission". اصل نسخو مان 1 November 2021 تي محفوظ ڪيل. 1 November 2021 تي حاصل ڪيل.
  2. 1 2 حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named "stats2".
  3. "Skopjan dictionary definition | skopjan defined". YourDictionary.
  4. "Sub-national HDI - Area Database - Global Data Lab". hdi.globaldatalab.org (انگريزي ۾). 2018-09-13 تي حاصل ڪيل.
  5. Syme, Ronald; Birley, Anthony (1 January 1999). The Provincial at Rome: And, Rome and the Balkans 80BC-AD14. University of Exeter Press. ISBN 9780859896320 Google Books وسيلي.
  6. Mócsy, András (1 January 1974). Pannonia and Upper Moesia: A History of the Middle Danube Provinces of the Roman Empire. Routledge & K. Paul. ISBN 9780710077141 Google Books وسيلي.
  7. Ramet 2006, p. 40.
  8. John B., Bell, Martin, Conflict in the former Yugoslavia: an Encyclopedia, ABC-CLIO, 1998, p. 270, ISBN 0874369355.