مواد ڏانھن هلو

ساهوارو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(آرگن ازم کان چوريل)
اشڪيريخيا ڪولي (Escherichia coli) خوردبين تي نظر ايندڙ ھڪ جيو گھرڙي وارو جاندار آھي.

ھر جسم رکندڙ جاندار جنھن ۾ ان جي عضون يا حصن جي ڪم جو سرشتو ھجي ان کي ساهوارو (Organism) چوندا آهن. ان جاندار جي جسم جا اھي عضوا يا حصا تاندورن (tissues) تي مشتمل ھوندا آھن جيڪي وري جيو گھرڙن (cells) جا ٺھيل ھوندا آھن. جيو گھرڙا زندگيءَ جا بنيادي ڪمن وارا ايڪا ھوندا آھن.[1]

ساھوارو ھڪ زنده شي کي چيو ويندو آهي. ھي بي جان شين جي ابتڙ ھوندا آھن. ھي هيٺ ڏنل زندگي جا ڏھه خاص عمل ڪري سگهندا آهن جيڪي بي جان شيون نا ڪري سگهنديون آهن:

  1. واڌ ويجھ
  2. چرپر
  3. کاڌ خوراڪ
  4. نيڪال
  5. ساھه کڻڻ
  6. پيدائش
  7. احساس
  8. ھاضمو
  9. ڀڃ ڊاھه
  10. اوسر

جاندارن کي هيٺ ڏنل ٽن ڊومين ۽ پنج ڪنگڊمز ۾ ورهايو ويو آهي.

  1. ڪنگڊم مونيرا
  2. ڪنگڊم پروٽسٽا
  3. ڪنگڊم فنجائي
  4. ڪنگڊم پلانٽائي
  5. ڪنگڊم اينيميليا

ساهوارو يا جيو مختلف سرشتن جو گڏيل مجموعو ھوندو آھي.[2]

حوالا

[سنواريو]
  1. سانچو:Http://stbb.edu.pk/The Text Book of Biology; by: Professor Majeed us Zaffar and others;page 24;Sindh Text Book Board Jamshoro
  2. علم حياتيات درسي ڪتاب ڪلاس نائون