ساهوارو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
اشرڪيا ڪولاء(Escherichia coli) ھڪ خوردبيني تي نظر ايندڙ ھڪ جيو گھرڙي وارو جاندار آھي ۽ پريڪئيريوٽس (prokaryote) به اھي

آرگن ازم__(Organism)___ جاندار: ھر جسم رکندڙ جاندار جنھن ۾ ان جي عضون يا حصن جي ڪم جو سرشتو ھجي ان کي آرگن ازم چوندا آهن. ان جاندار جي جسم جا اھي عضوا يا حصا تاندورن (tissues) تي مشتمل ھوندا آھن جيڪي وري جيو گھرڙن (cells) جا ٺھيل ھوندا آھن .آھي جيو گھرڙا زندگيءَ جا بنيادي ڪمن وارا ايڪا ھوندا آھن.[1]

ساھوارو يا جاندار (انگريزي: organism) ھڪ زنده شي (living thing) کي چيو ويندو آهي. ھي بي جان شين جي ابتڙ ھوندا آھن. ھي زندگي جا ڏھ خاص عمل ڪري سگهندا آهن جيڪي بي جان شيون ناھن ڪري سگهنديون. جيئن: واڌ ويجھ چرپر کاڌ خوراڪ نيڪال ساھ کڻڻ پيدائش احساس ھاضمو ڀڃ ڊاھ اوسر جاندارن کي ٽن ڊومين ۽ پنج ڪنگڊمز ۾ ورهايو ويو آهي. ڪنگڊم مونيرا ڪنگڊم پروٽسٽا ڪنگڊم فنجائي ڪنگڊم پلانٽي ڪنگڊم اينيميليا ساهوارو يا جيو مختلف سرشتن جو گڏيل مجموعو ھوندو آھي[2].


حوالا[سنواريو]

  1. سانچو:Http://stbb.edu.pk/The Text Book of Biology; by: Professor Majeed us Zaffar and others;page 24;Sindh Text Book Board Jamshoro
  2. علم حياتيات درسي ڪتاب ڪلاس نائون