رڍ
ڏيک
(Sheep کان چوريل)
| رڍ Domestic sheep | |
|---|---|
| A research flock at U.S. Sheep Experiment Station near Dubois, Idaho | |
پالتو | |
| سائنسي درجا بندي | |
| ڪنگڊم: | جانور |
| تقسم: | حبليات |
| درجو: | مئمل |
| ترتيب: | Artiodactyla |
| خاندان: | Bovidae |
| ذيلي خاندان: | Caprinae |
| نسل: | Ovis |
| جنس: | O. aries |
| حياتياتي نالو | |
| Ovis aries لني اس، 1758 | |
رڍ گھريلو سطح تي پاليو ويندڙ ھڪ چوپايو جانور آھي، جيڪو جگالي ڪندو آھي. ان کي گوشت، اُنَ ۽ کير جي لاءِ پاليو ويندو آھي. دنيا ۾ رڍن جي پيداوار جو ڪم 11 ھزار قبل مسيح کان شروع ٿيو موجوده دور ۾ رڍن جا 800 کان وڌيڪ قسم ملن ٿا ھي جانور دنيا جي ھر خطي ۾ پاليو وڃي ٿو۔ گرم، ٿڌن، سرسبز يا غيرآباد، جابلو، ريگستاني ۽ دريائي علائقن ۾ ھي جانور ھر جڳھ کي پنھنجو مسڪن بڻائي ڇڏي ٿو۔ دنيا جي 168 ملڪن ۾ ھن کي پاليو وڃي ٿو۔ انھن ملڪن ۾ چين، پاڪستان، ڀارت، عرب ملڪ، آسٽريليا، نيوزيلينڊ، سوڊان، مليشيا ۽ انڊونيشيا شامل آھن ۔08-2007ع جي انگن اکرن مطابق دنيا ۾ 9 ڪروڙن جي لڳ ڀڳ رڍن جي تعداد ملي ٿي۔ ھي جانور گوشت، ان، کل ۽ کير حاصل ڪرڻ لاءِ نھايت اھم آھي۔
| وڪيميڊيا العام ۾ رڍ سان لاڳاپيل ابلاغي مواد ڏسو. |