ڪلاوس ابنر
Klaus Ebner | |
---|---|
پيدائش | 8 آگسٽ 1964 ويانا |
ڌنڌو | ليکڪ، مضمون نگار،شاعر ۽ ترجمه نگار |
قوميت | Austrian |
دور | دورِحاضر |
مُکيه ڪم | (Hominid (novel |
ڪلاس ابنر (Klaus Ebner، پيدائش:8 آگسٽ، 1964ع)، هڪ آسٽرين ليکڪ، مضمون نگار، شاعر ۽ ترجمه نگار آهي. ويانا ۾ پيدا ٿيو ۽ پرورش ٿيس، هن ابتدائي عمر ۾ لکڻ شروع ڪيو. هن سال 1980ع ۾ ميگزين ۾ ڪهاڻيون جمع ڪرائڻ شروع ڪيون ۽ سال 1989ع کانپوءِ سافٽويئر جي موضوعن تي مضمون ۽ ڪتاب پڻ شايع ڪرايائين. ابنر جي شاعري جرمن ۽ ڪيٽالان زبانن ۾ لکيل آهي، هن فرانسيسي ۽ ڪيٽالان ادب جو جرمن زبان ۾ ترجموپڻ ڪيو. هي ڪيترين ئي آسٽرين مصنفين ايسوسيئيشن، بشمول گريزرآٽو رينورساملنگ جو رڪن پڻ آهي.
سندس ڪم ۾ ڪيٽالان موضوعن تي ثقافتي مضمون ۽ يهودي روايتن سان جڙيل ڪهاڻيون شامل آهن. سندس مختصر ڪهاڻين جو پهريون مجموعو 2007ع ۾ ڇاپيو ويو. 2008ع ۾ اِبنر مختصر ناول ھومینائد، انسان نما (Hominide) ڇپايو. هن ڪيترائي ادبي انعام حاصل ڪيا آهن، جن منجهه سال 1982ع ۾ يوٿ انعام، ارستر اوستیریخسخر جوگیندپرائس Erster) Österreichischer Jugendpreis) ۽ سال 2007ع ۾ ويانيز، وینر ورکستاتپرائس Wiener) Werkstattpreis) شامل آهن. آسٽرين تنقيد نگار، جهڙوڪ وولف گنگ رٽز، اِبنر جي نثري انداز جي تعريف ڪئي آهي. مصنف پنهنجي خاندان سان گڏ ويانا ۾ رهندو آهي.
ابتدائي زندگي
[سنواريو]ڪلاوُس اِبنر، ويانا،آسٽريا ۾ 8 آگسٽ 1964۾ پيدا ٿيو هيو[1].[2]. [3]
ڪم
[سنواريو]اسڪول منجهان پڙهائي مڪمل ڪرڻ کانپوءِ اِبنر مختصر نثر،شاعري ۽ ريڊيو ڊراما لکياآهن [1].
لکڻ جو انداز
[سنواريو]خاصطور تي اِبنر مختصر ڪهاڻيون هڪ ڪثير مضمونن احاطو ڪن ٿيون.
ايوارڊ ۽ ڪاميابيون
[سنواريو]1982۾ يوٿ انعام Erster Österreichischer Jugendpreis
ڪتاب
[سنواريو]- Vermells/Shades of Red; poetry, SetzeVents Editorial, Urús 2009, ISBN 978-84-92555-10-9
- Hominide/Hominina; FZA Verlag, Vienna 2008, ISBN 978-3-9502299-7-4
- Auf der Kippe/On the brink; Arovell Verlag, Gosau 2008, ISBN 978-3-902547-67-5
- Lose/Destinies; Edition Nove, Neckenmarkt 2007, ISBN 978-3-85251-197-9
خارجي ڳنڍڻا
[سنواريو]- مصنف جي بابت معلومات ويب سائيٽ
- برتانت, Austrian Writer's Association[مئل ڳنڍڻو] Grazer Autorenversammlung
اصل مضمون انگريزي وڪيپيڊيا تي en:Klaus_Ebner
حوالا
[سنواريو]- ↑ 1.0 1.1 Biographical note on ليکڪ جي سرڪاري ويب سائٽ آرڪائيو ڪيا ويا 2009-03-09 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., retrieved on 2009-02-12.
- ↑ آسٽرين قومي لائبريري; entries about the magazine Texte آرڪائيو ڪيا ويا 2012-04-21 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., retrieved on 2009-02-13, Vienna 1983-1986.
- ↑ GAV members' list, ڪلائوس ابنر جي باري ۾ اندراج, retrieved on 2009-02-12.