ڪلاوس ابنر
Klaus Ebner | |
---|---|
![]() | |
پيدائش | 8 آگسٽ 1964 ويانا |
ڌنڌو | ليکڪ، مضمون نگار،شاعر ۽ ترجمه نگار |
قوميت | Austrian |
دور | دورِحاضر |
مُکيه ڪم | (Hominid (novel |
ڪلايس ابنر (پيدائش 8آگسٽ،1964),هڪ آسٽرين ليکڪ، مضمون نگار،شاعر۽ ترجمه نگار آهي. ويانا ۾ پيداٿيو ۽ پرورش ٿيس،هن ابتدائي عمر ۾ لکڻ شروع ڪيو.هن 1980ء ۾ ميگزين ۾ ڪهاڻيون جمع ڪرائڻ شروع ڪيون.۽ 1989ءکانپوءِ سافٽويئر جي موضوعن تي مضمون ۽ ڪتاب پڻ شايع ڪرايائين.ابنر جي شاعري جرمن ۽ ڪيٽالايان زبانن ۾ لکيل آهي,هن فرانسيسي ۽ ڪيٽالان ادب جو جرمن زبان ۾ ترجموپڻ ڪيو,هي ڪيترين ئي آسٽرين مصنفين ايسوسيئيشن جو رڪن پڻ آهي،بشمول گريزرآٽو رينورساملنگ.
سندس ڪم ۾ ڪيٽالان موضوعن تي ثقافتي مضمون ۽ يهودي روايتن سان جڙيل ڪهاڻيون شامل آهن.سندس مختصر ڪهاڻين جو پهريون مجموعو 2007 ۾ ڇاپيو ويو.2008 ۾،اِبنر مختصر ناول Hominide (انسان نما ) ڇپايو. هن ڪيترائي ادبي انعام حاصل ڪيا آهن، جن منجهه 1982۾ يوٿ انعام Erster Österreichischer Jugendpreis ۽ 2007 ۾ ويانيز Wiener Werkstattpreis شامل آهن.آسٽرين تنقيد نگار، جهڙوڪ وولف گنگ رٽز ، اِبنر جي نثري انداز جي تعريف ڪئي آهي.مصنف پنهنجي خاندان سان گڏ ويانا ۾ رهندو آهي.
ابتدائي زندگي[سنواريو]
ڪلاوُس اِبنر، ويانا،آسٽريا ۾ 8 آگسٽ 1964۾ پيدا ٿيو هيو[1].[2]. [3]
ڪم[سنواريو]
اسڪول منجهان پڙهائي مڪمل ڪرڻ کانپوءِ اِبنر مختصر نثر،شاعري ۽ ريڊيو ڊراما لکياآهن [1].
لکڻ جو انداز[سنواريو]
خاصطور تي اِبنر مختصر ڪهاڻيون هڪ ڪثير مضمونن احاطو ڪن ٿيون.
ايوارڊ ۽ ڪاميابيون[سنواريو]
1982۾ يوٿ انعام Erster Österreichischer Jugendpreis
ڪتاب[سنواريو]
- Vermells/Shades of Red; poetry, SetzeVents Editorial, Urús 2009, ISBN 978-84-92555-10-9
- Hominide/Hominina; FZA Verlag, Vienna 2008, ISBN 978-3-9502299-7-4
- Auf der Kippe/On the brink; Arovell Verlag, Gosau 2008, ISBN 978-3-902547-67-5
- Lose/Destinies; Edition Nove, Neckenmarkt 2007, ISBN 978-3-85251-197-9
حوالا[سنواريو]
- ↑ 1.0 1.1 Biographical note on ليکڪ جي سرڪاري ويب سائٽ, retrieved on 2009-02-12.
- ↑ آسٽرين قومي لائبريري; entries about the magazine Texte, retrieved on 2009-02-13, Vienna 1983-1986.
- ↑ GAV members' list, ڪلائوس ابنر جي باري ۾ اندراج, retrieved on 2009-02-12.
خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]
- مصنف جي بابت معلومات ويب سائيٽ
- برتانت, Austrian Writer's Association Grazer Autorenversammlung
اصل مضمون انگريزي وڪيپيڊيا تي en:Klaus_Ebner