بي بي سي

برطانوي نشرياتي ادارو (British Broadcasting Corporation) المعروف "بي بي سي" (BBC) ٻُڌندڙن ۽ ڏسندڙن جي لحاظ کان دنيا جو سڀ کان وڏو نشرياتی ادارو آهي. بي بي سي جو هيڊ ڪوارٽر لنڊن ۾ آهي.[1] بي بي سي صرف برطانيا ۾ ملازمن جو تعداد 26 هزار آهي ۽ ان جي سالياني بجيٽ 4 ارب برطانوي پاؤنڊ (7.9 ارب آمريڪي ڊالر) کان وڌيڪ آهي.
1936ع ۾ برٽش براڊڪاسٽنگ ڪارپوريشن (BBC) پنھنجو پھريون ٽيليويزن چئنل قائم ڪيو ۽ اهڙي طرح هيا دنيا جو پھريون باقائدہ نشريات شروع ڪرڻ وارو چئنل بڻجي ويو.
1930ع ۾ نيويارڪ ۾ آمريڪا پنهنجي هڪ ٽي وي اسٽيشن نيشنل براڊڪاسٽنگ ڪارپوريشن (NBC) قائم ڪيو هو.[2] لڳ ڀڳ ساڳئي سال بي بي سي لنڊن ۾ پنهنجو هڪ ٽيليويزن اسٽيشن قائم ڪيو، تنهن کانپوءِ فرانس ۽ جرمني به انگلينڊ ۽ آمريڪا جي پيروي ڪندي قومي ٽي وي اسٽيشون ٺاهيون.[2]
1922ء ۾ برٽش براڊڪاسٽنگ ڪمپني لميٽڊ جي قائم ڪيل هن اداري کي بعد ۾ شاهي پروانو جاري ڪيو ويو ۽ 1927ع ۾ هي رياست جي ملڪيت بڻجي ويو. ادارو ٽيليويزن، ريڊيو ۽ انٽرنيٽ تي پروگرام ۽ معلوماتي خدمتون پيش ڪري ٿو. بي بي سي جو هدف "اطلاع، علم ۽ تفريح جي فراهمي" آهي.
ادارو بي بي سي ٽرسٽ جي انتظام هيٺ هلايو وڃي ٿو ۽ پنهنجي منشور جي مطابق "سياسي ۽ اشتهاري اثرن کان آزاد آهي ۽ صرف پنهنجي ڏسندڙن (ناظرين) ۽ ٻُڌندڙن (سامعين) کي حالتن کان واقف رکي ٿو."
ادارو انگريزي سميت سموري دنيا جي 33 ٻولين ۾ پروگرام نشر ڪندو آهي، جن ۾ اردو پڻ شامل آهي. اردو ۾ بي بي سي ريڊيو جي نشريات کانسواءِ هڪ ويب سائٽ پڻ شامل آهي جيڪا تحريري اردو جي اولين ويب سائٽس منجهان هڪ آهي.
بي بي سي نيوز خبرن جو ادارو آهي.
تصويرون
[سنواريو]پڻ ڏسو
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]| وڪيميڊيا العام ۾ بي بي سي سان لاڳاپيل ابلاغي مواد ڏسو. |
- ↑ "بي بي سي : (Sindhianaسنڌيانا)", www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ سنڌي), حاصل ڪيل 27 نومبر 2020۔
- 1 2 "سنڌي ورچوئل لائبريري | ماس ميڊيا", kitab (ٻولي ۾ sd-pk), حاصل ڪيل 27 نومبر 2020۔
ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]- برطانوي نشرياتي ادارو (اردو)
- برطانوي نشرياتي ادارو (انگريزي)