مواد ڏانھن هلو

2022ع سنڌي—افغان مھاڏو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

12 جولاءِ تي حيدرآباد ۾ افغان هوٽل مالڪ طرفان سنڌي نوجوان بلال ڪاڪا جي قتل کانپوءِ پاڪستان جي سنڌ ۽ بلوچستان صوبن ۾ پرتشدد واقعا شروع ٿي ويا. [1] سنڌ جي مختلف شھرن مان ماڻهن غير قانوني افغان مھاجرن جي دڪانن تي چڙهائي ڪري کين ڪاروبار بند ڪرڻ تي مجبور ڪيو. بعد ۾ ماڻهن سوشل ميڊيا تي #JusticeForBilalKaka هيش ٽيگ هلائي مقتول لاءِ انصاف جو مطالبو ڪيو. ان جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ رهندڙ افغانين ۽ پختونن سنڌين کي بلوچستان وڃڻ کان روڪيو ۽ کين زبردستي عوامي بسن ۽ وينن مان ڪڍي ڇڏيو. هنن 14 جولاءِ تي ايم 9 موٽر وي تي چڙهائي ڪري گاڏين کي نقصان پهچايو ۽ کين باھ ڏئي ڇڏي. [2] پشتونن ٽوئيٽر تي هيش ٽيگ #پشتون_کوجينےدیں (پشتون کي جيئڻ ڏيو) پڻ هلايو.

پس منظر

[سنواريو]

سوويت يونين خلاف افغان جھاد کان پوءِ لکين افغان پناهگير پاڪستان ۾ اچي آباد ٿيا. انھن مان ڪيترائي ڪڏهن بہ پنھنجي ملڪ واپس نہ ويا. مبينا طور تي اهي ماڻهو ڪلاشنڪوف ڪلچر ۽ منشيات جي سمگلنگ پاڪستان ۾ کڻي آيا جنھن ملڪ ۾ انتھاپسندي ۽ فرقيواريت کي جنم ڏنو. انھن پناهگيرن جو تعداد 9/11 جي واقعي ۽ افغانستان ۾ دهشت گردي خلاف جنگ کان پوءِ وڌي ويو. سنڌ جا ماڻهو ان وڌندڙ آمد و رفت تي پريشان ٿي ويا ۽ سنڌ ۾ مھاجرن جي وڌيڪ اچڻ خلاف احتجاج ڪيو. [3] فيبروري 2019ع ۾، قومپرست ڪارڪن ارشاد رانجهاڻي کي ڪراچيءَ ۾ پشتون نسل رحيم شاھ هٿان قتل ڪيو، جنھن جي نتيجي ۾ سڄي سنڌ ۾ افغانين خلاف احتجاج شروع ٿي ويو. [4] ان کان پوءِ جولاءِ 2021ع ۾ سنڌي ڳائڻي شمن علي ميرالي جي ڀائٽي کي پشتونن پاران ڪراچي ۾ گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، جنھن تي بہ سنڌين ۾ ڪاوڙ وڌي وئي. [5]

  1. "Restaurant owner kills youth". The Express Tribune (انگريزي ۾). 2022-07-13. 2022-07-15 تي حاصل ڪيل.
  2. "قوم پرست جماعت کے کارکن بلال کاکا کا قتل: حیدرآباد کے بعد کراچی میں بھی لسانی کشیدگی، ہنگامہ آرائی". BBC News اردو (اردو ۾). 2022-07-15 تي حاصل ڪيل.
  3. "No more Afghan refugees: MPAs". The Express Tribune (انگريزي ۾). 2021-09-20. 2022-07-15 تي حاصل ڪيل.
  4. "Main accused in Sindhi nationalist leader's murder arrested". The Express Tribune (انگريزي ۾). 2019-02-11. 2022-07-15 تي حاصل ڪيل.
  5. "Sindh CM, PPP leaders patronising land grabbers: Haleem Adil Sheikh". Latest News - The Nation (آمريڪي انگريزي ۾). 2022-07-15 تي حاصل ڪيل.