ھيونسانگ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

هيونسانگ سڀني چيني سياحن ۾ وڌيڪ مشهور ”هيونسانگ“ آهي جنهن هزارين ميل لتاڙي پندرهن سالن تائين هند ۽ سنڌ جو سير و سفر ڪيو. هن پنهنجي سفرنامي ۾ پنهنجي مشاهدي جو احوال ڏنو آهي. ان ۾ 138 ملڪن جي حڪومتن، ماڻهن، ريتن رسمن، رهڻي ڪهڻي، عقيدن ۽ مذهبن جو احوال ملي ٿو، انهن 138 ملڪن مان 110 ملڪ هن پاڻ گهميا ۽ 28 ملڪن جو احوال ٻڌل ڳالهين مطابق لکيائين. سندس بيان مان معلوم ٿئي ٿو، ته ان وقت هندستان قريباً 70 ملڪن ۾ ورهايل هو. ”هيونسانگ“ حڪومت کان اجازت وٺي چانگان مان نڪتو ۽ ليانگچون (هاڻوڪي ڪانسومينوئي) پهتو. اتي تبت، هند ۽ سنڌ جا واپاري ايندا رهندا هئا. هن اتي رهي واپارين کان معلومات حاصل ڪئي. ”هيونسانگ“ ڏاڍا اڻانگا پنڌ ڪري ڪشمير پهتو. اهو 728ع جو اونهارو هو. هن پنهنجو سفر جاري رکيو ۽ ٻڌ ڌرم جون پوتر جايون گهمندو رهيو ۽ ڌرمي ماڻهن کان ٻڌ ڌرم جي ڌرم جي تعليم حاصل ڪندو رهيو. هن انهي سنڌوندي جي مٿئين حصي ۾ سن 628ع کان 631ع تائين ٽي سال گذاريا. ان کان پوءِ هن اوڀر طرف جي مشهور درسگاهه ”نالندا“ ۾ پهتو، جتي ٻڌ ڌرم جي مشهور عالم ”سلا بهادرا“ وٽ تعليم حاصل ڪيائن ان وقت ”نالندا“ ۾ ڏهه هزار شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا هئا. هن اتي پنج سال رهي ڌرمي ڪتابن جو اڀياس ڪيو. ان کان پوءِ وري هن پنهنجو سير و سفر شروع ڪيو، ۽ اوڀر ۾ ”ڪاماريا“ (هاڻوڪو آسام) ڏکڻ ۾ ”دراوڙدا“ (مدراس) ۽ اولهه طرف ”لانگلا“ (هاڻوڪي بلوچستان جو ڏکڻ اولهه) گهميو. هر هنڌ ٻُڌَ ڌرم جا آسٿان ڏٺائين. جتي به ويو اتي جي عام ماڻهن، ڌرمي ماڻهن، اميرن ۽ راجائن سندس آڌرڀاءُ ڪيو. ”هيونسانگ“ پنهنجي سفر دوران سنڌ ۾ آيو. هو بيان ڪري ٿو: گجرات کان اتر طرف ڀوائتو رڻ پٽ ۽ اوکا لڪ لنگهي اٽڪل 1900 تي (684 ميل) پنڌ ڪري سنڌ ۾ پهتاسون. سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ پي شين- ڦو- پولو (Pi-Shen- Po- Pu- Lo) آهي. دوارڪا پرساد شرما پنهنجي ڪتاب ”سنڌو سڀيتا جو نظارو“ (ص 12) ۾ ايم راينالڊ جي حوالي سان لکيو آهي، ته ”پي- شين- ڦو- پولو،“ ”وجنوپرا“ جي چيني صورت آهي، جيڪو برهمڻ آباد جو اصلوڪو نالو آهي. جيئن ته هيونسانگ گجرات کان سنڌ ۾ داخل ٿيو، انهيءَ ڪري يقيناً هو پهريائين برهمڻ آباد ئي آيو هوندو، جنهن جو نالو البيروني ”بهمنوا“ لکيو آهي. هي شهر اروڙ کان پوءِ ٻيو نمبر گادي هئي، ۽ هن ۾ ٻڌ ڌرم جي اڪثريت رهائش پذير هئي. ”پي- شين- ڦو- پو لو“ ۽ ”بهمنوا“ جي صورت معلوم ٿئي ٿي. ٿي سگهي ٿو، ته ”بهمنوا،“ ”بهمن آباد“ جي سنڌي صورت هجي ۽، ”شو- تو- لو،“ ”شودر“ جي چيني صورت معلوم ٿئي ٿو، هتي جي زمين اناج اپائڻ لاءِ ڏاڍي ڀلي آهي. هتي ڪپهه، جوئر ۽ ٻاجهري تمام گهڻي ٿئي ٿي. هتي سون، چاندي ۽ ٽامو تمام گهڻو آهي، ڍڳن، رڍن، اٺن، خچرن ۽ ٻين جانورن لا3 چارو به هتي جهجهو آهي. ان کان سواءِ اڇو، ڪارو ۽ جابلو لوڻ به جام آهي. مختلف جاين تي اهو لوڻ دوائن ۾ به ڪم اچي ٿو. ماڻهن جو سڀاءُ سخت ۽ پورالو آهي، پر اهي ايماندار ۽ سنوان سڌا آهن. پاڻ ۾ ڪونه ٺهن. پڙهن ٿا، پر بنا مقصد جي. ٻڌمت جا پوئلڳ آهن. هتي ڏهه هزار ڀڪشو ٽڙيل پکڙيل آهن. انهن ٻڌن مان ڪيترا سچ جا ڳولائو سالڪ ويران جاين، جبلن ۽ ٻيلن ۾ دنيا کي تياڳ ڪيو اڪيلا پيا رهن ۽ ارهت واري منزل ماڻڻ جي آس ۾ رات ڏينهن پيا جالين. هتي جو بادشاهه شوتولو (Shu- To- Lo) ذات جو آهي، ۽ نهايت ايماندار، مخلص ۽ ٻڌ ڌرم کي مان ڏيندڙ آهي. هو اهو به ڄاڻائي ٿو، ته ”گوتم ٻڌ سنڌ ۾ به آيو هو. مهاارهت اپاگپتا (Upagupta) به سنڌ ۾ آيو هو، ۽ هتي ٻڌ ڌرم کي وڌيڪ پکيڙيائين جتي جتي هو ويو، اتي اسٽوپا ٺهيل آهن. هونئن ٻيا اسٽوپا سنڌ ۾ جتي ڪٿي نظر اچن ٿا.“ ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي ۽ خوشحالي بابت لکي ٿو: ”سنڌو درياءَ جي ڪنارن سان تمام گهڻا ماڻهو آباد آهن. هو مال چاري گذارو ڪن ٿا. هو نه شاهوڪار آهن، ۽ نه سڃا آهن. هتي جي ماڻهن بابت چيو وڃي ٿو، ته سرڪش هئا؛ پر هڪ ارهت منجهائين ظالمانه رجحان ختم ڪري ڇڏيو. ان ارهت جي پوئلڳي ۾ ماڻهن پنهنجا مٿا ڪوڙائڻ شروع ڪيا ۽ ڌرمي زندگي گذارڻ لڳا. پر ڪيتريون پيڙهيون گذري وڃڻ کان پوءِ هينئر انهن جي اولاد ڌرمي زندگيءَ کان پري ٿي وئي آهي ۽ دنيوي زندگي گذارين ٿا. هيونسانگ موٽي فيبروري 645ع ۾ چانگان پهتو 664ع ۾ گذاري ويو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌ- سياحن جي نظر ۾--ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي (قسط- 1)؛ رسالو:مهراڻ؛ 1991جلد ۱ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ