ھيرڻ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

ھيرڻ
Ricinus March 2010-1.jpg
ھيرڻ جي ٻوٽي جا پن ۽ گل
سائنسي درجا بندي e
Unrecognized taxon (fix): ريڪينس (ٻوٽو)
جنس: Template:Taxonomy/ريڪينس (ٻوٽو)ر. ڪميونس
حياتياتي نالو
ريڪينس ڪميونس
ايل.
رڪينيس ڪميونس يا تلسي جو ھڪ ٻوٽو گلن جي ڦوٽھڙي کان پوء ٻجن سميت


هيرڻ (انگريزي: Castor plant) هن کي هندي ۾ ايرنڊي ۽ انگريزيءَ ۾ ڪاسئر آئل پلانٽ يا پاماڪرسٽاءِ چون ٿا، ڪتابي نالو اٿس رائسينس. هي موچارو وڻ ٿو ٿئي؛ جتي ڪٿي پيدا ٿئي ٿو. پن ساوا وڏا ۽ سهڻا کهنبا گل ٿا ٿينس. باغ ۾ خالي پيل ٽڪر تي چڱو ٺهندو. ڪٿي ته ٻنين ۾ به پوکيندا آهن. هن جو ٻج وڏو ۽ سهڻو ٿو ٿئي، منجهانئس پيڙي تيل به ڪڍندا آهن. منجهس جلاب جو اثر رهي ٿو. اهو ٻج پوکڻ سان پيدا ٿيندو آهي[1] هيرڻ ٿر ۾ هڪ سائيدار درخت سمجهيو وڃي ٿي ۽ ان کي چاهه سان پوکي ان جي پرورش ڪئي وڃي ٿي. ٿر واري ڀاڱي ۾ ٻه- ٽي هيرڻ جا وڻ گهڻو ڪري سڀ ڪنهن تڙ تي پوکيل نظر انداز ايندا آهن. جتي مسافر تڙ تان پاڻيءَ ڍڪ پي، انهن جا ڇانو ۾ گهڙي کن ساهي پٽيندا آهي. پارڪر واري ڀاڱي ڏي ته هيرن جي باقاعدي پوک ٿئي ٿي. ايرنڊن جي فصل مان اتي جا ماڻهو اٽڪل چار دفعا ايرنڊن جا ڏينا ڪڍن ٿا، پوءِ انهن کي سڪائي ڪٽي ڳاهي خرارن جي انداز ۾ هيرڻ جون ککيون ڪڍي گجرات سان واپار ڪن ٿا. ايرنڊن جي پوک مان پارڪرين کي نهايت سٺي پيدائش آهي. پارڪر جا ڪولهي ايرنڊن جي فصل جا ماهر ليکيا ويندا آهن.[2] سنڌ ۾ ايرنڊيءَ جي پوک ننگرپارڪر تعلقي ۾ وڌيڪ ٿيندي آهي. باقي سنڌ ۾ به هيرڻ جو وڻ نظر ايندو آهي. هيرڻ جو ٻج ڇڳن جي صورت ۾ ٿيندو آهي. هيرڻ جي ٻج جي کل کي مختلف مصنوعات، مثال طور؛ نائيلون، پلاسٽڪ، وارنش، مصنوعي چمڙي ۽ ڪپڙي جي صنعت ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو.[3] هي ٻوٽو ٿر ۾ ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ ۽ کوهن تي پوکيندا آهن. اُن کي پاڻيءَ جي ججهي ضرورت ٿيندي آهي ۽ شروع ۾ سنڀال ڪرڻي پوندي آهي. هڪ دفعو اُڀريو ته ٽي سال هلندو آهي، ان بعد سُڪي ويندو آهي. اُن جا پن وڏا، پنجن چهنبن وارا ٿيندا آهن. بدن ۾ ڪٿي به سور هجي ته مٿان پن ٻَڌڻ سان فائدو ٿيندو آهي. اُن جو ٿڙ ۽ ٽاريون ڳاڙهيري رنگ جون ٿينديون آهن. اُن جي ڪاٺي پوچِي هئڻ ڪري ڪنهن به ڪم ڪو نه اچي. اُن جي ٽارين ۾ ڳاڙها گلن جا جهڳٽا ٿين، جن ۾ ڏينا ٿين، جن جي اندر داڻا هوندا آهن. پچڻ بعد ڏينا لاهي ڀڃي اندران داڻا ڪڍندا آهن، اُن کي ٿر ۾ ”ايرنڊا“ چون. انهن داڻن ۾ تيل ٿئي ٿو. ايرنڊن کي پيڙي تيل ڪڍبو آهي، جو ڪيترين دوائن ۾ ڪم ايندو آهي. پارڪر ۾ هيرڻ جو فصل پوکيندا آهن. سموريون ٻنيون ساون هيرڻن سان ڀجر وينديون آهن، جي پريان ائين پيون ڏسبيون آهن جو ڄڻ ته وونئڻن جو فصل آهي. قد به وونئڻن جيڏو هوندو آهي. هن فصل مان ماڻهو پوکڻ بعد چار دفعا ڏينا ڪڍندا آهن. پوءِ کرن ۾ سڪائي ڪُٽي ڳاهي صفا ڪري گڏ ڪندا آهن، جي خرارن جي انداز ۾ ٿيندا آهن. سال بسال هزارين ماڻ ايرنڊا ٻاهر وڪري لاءِ ونيدا آهن، جن مان ججهي پيدائش ٿيندي آهي. پارڪر ۾ ٻانڀڻ ۽ ڪولهي خاص انهيءَ پوک جا ڄاڻو ۽ ماهر آهن[4].

ھيرڻ جا قسم[سنواريو]

هيرڻ جا ٻه قسم ٿين پهرئين قسم جا پن وڏا، سائي رنگ جا، ڏانڊي جو رنگ ڳاڙهو، گل ڳاڙها ۽ ٻجن جو جهڳٽو وڏو، جن ۾ داڻا به ڳاڙهيرا ٿين. اهو قسم ماڻهو گهرن ۾ پوکيندا آهن. ٻئي قسم جا پن، ڏانڊي ۽ گل اڇاڻ تي مائل، ٻجن جو جهڳٽو ننڍو ٿئي، هي قسم جا پن، ڏانڊي ۽ گل اڇاڻ تي مائل، ٻجن جو جهڳٽو ننڍو ٿئي، هي قسم ٻنين ۾ پوکيو ويندو آهي.[4]هن جو هڪڙو قسم آهي، جنهن کي چيني هيرڻ چون ٿا، جو ڳاڙها ۽ پيلا گل ڪندو آهي. انگريزيءَ ۾ ڪورل پلانٽ يا فزڪ نٽ چوندا اٿس. هن جو ٻج ٻيرن جي داڻن جهڙو ٿيندو آهي. ٻيو به هڪڙو قسم اٿس، جنهن کي مغلي هيرڻ چوندا آهن. هن جو انگريزي ڪتابي نالو جاٽر وفا آهي. هيرڻ يوفاربيا جي جماعت ۾ داخل آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  2. ڪتاب:سير ريگستان؛ ليکڪ: محمد اسماعيل عرساڻي؛ ايڊيشن: ۱۹۷۶؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  3. ايرنڊي انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جي ويب-سرزمين)، جلد پھريون، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. سال:2012ع
  4. 4.0 4.1 ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو