ھنبوشي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

هنبوشي __(Hanboshi):

هنبوشي (همبوڇي) بنيادي طرح گجراتي زبان جي ”همچي“ مان نڪتل آهي، جنهن جي لغوي مراد آهي ”حد کان زياده خوشيءَ وچان نچڻ يا ڪڏڻ“. عام اصطلاحي محاوري ۾ عوامي ناچ جو قسم آهي، جنهن ۾ ٻئي هٿ اڀا (مٿي) ڪري تاڙين سان ناچ رچائبو آهي.سنڌ جي عوامي گيتن ۾ هنبوشي به شامل آهي. هي گيت خاص طور تي اتر سنڌ ۾ وڏي چاهه سان ڳايو ۽ ٻڌو ويندو آهي. هنبوشي يا هنبوڇي سنڌ ۾ ڪورين جي گيت کي چئبو آهي. نياز همايونيءَ جي هنبوشي مشهور آهي. [1]کڳن يا هنبوڇي قميص لاءِ پوءِ هڻن،. ڇو، جو ٻنهي ۾ ڪڇون وڄائڻيون ٿيون پون، ۽ جي بت تي ڪپڙو هوندو ته ڪڇون وڄي نه سگهنديون. هنبوڇيءَ جو رواج ٿر ۾ گهڻو آهي. جڏهن سُڪ تڙ کان پوءِ مينهن وسندا آهن ۽ پاڻي جام ٿيندا آهن. تڏهن انهيءَ خوشيءَ ۾ ماڻهو هنبوڇي هڻندا آهن. آخر هنبوڇي لاءِ به کين ڪي لفظ گهڙڻان پيا جيئن هنبوڇي جي لئي قائم رکي سگهجي. اڳي ته هنبوڇي صرف خوشيءَءِ جي اظهار تائين محدود هئي، پر لفظن گهڙڻ کان پوءِ ادائن ۽ انداز جي هڪ صورت اختيار ڪري وئي آهي. هن وقت هنبوڇي هڻن وارو ڇا ڪندو جو قميص لاهي سڄو هٿ ورائي ڪنڌ تي رکندو ۽ کٻو هٿ سڌو جهلندو پوءِ چوندو: ڪاڻڪي ڪوڏي تيل ۾ ڪري- سانول گهوڙي ڪين پلاڻي هنبوڇي- ڇِي او ڇِي- هنبوڇي – ڇي او ڇي ائين چوندو به ويندو ۽ سڄو هٿ ڪنڌ تي، کٻو هٿ سيني تي هڻندو به ويندو. اها ٿي هنبوڇي.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  2. {ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از:سيد منظور نقوي ؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page17.html.  Missing or empty |title= (مدد)}