ھن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ھن

Location of Huns
ھنن جون ٻوليون ھني
گوٿڪ
کوڙ ٻيون قبيلائي ٻوليون
حڪومت قبيلائيڪنفيڊريشن
370ع
• ڪورسخ ۽ باسخ
395ع
400ع کان 409ع
• چاراٽون
412ع
420ع کان 430ع
• روگا
430ع کان 435ع
• آٽيلا ۽ بليڊا
435ع کان 445ع
445ع کان 453ع
453ع کان 469ع
قیام
• گوٿن جي علائقن جي فتح
370ع وارو ڏھاڪو
(حڪومت جي شروعات)
• آٽيلا جي پٽ ڊينزخ جي وفات
469ع (ھنن جي حڪومت جو خاتمو)


ھن(انگريزي: Huns ) ماڻھن جي ھڪ نسل جو نالو آهي. اھي چوٿين ۽ ڇھين صديءَ جي دوران وچ ايشيا، ڪوھ قاف ۽ اوڀر يورپ ۾ رھندڙ خانه بدوش ھيا. يورپي روايتن مطابق اھي اصل ۾ درياء وولگا جي اوڀر طرف واقع سيٿيا يا اسڪيٿيا[1] جي علائقي جا رھاڪو ھئا جتان اھي وولگا تي پھتا ۽ يورپ ۾ داخل ٿي جرمني واري گوٿ ۽ ٻين جرمن قبيلن جي علائقن کي فتح ڪندي انھن قبيلن کي رومن ايمپائر جي سرحدن ۾ ڌوڪي ڪڍيو. انھن پنھنجي بادشاھ آٽيلا[2] جي ڪمان ۾ اوڀر رومن ايمپائر تي تباھ ڪن حملا ڪيا. 451ع ۾ انھن اولھندي رومن صوبي گال فتح ڪيو، جتي انھن رومين ۽ وزگاٿن[3] جي گڏيل فوج سان ڪاٽالؤن جي جي ميدانن تي جنگ ڪئي ھئي جيڪا جنگ مئوريڪا يا جنگ ڪئمپس مئورئيڪس سڏبي آھي. 452ع ۾ اھي اٽلي کي فتح ڪيو. 453ع ۾ آٽيلا جي وفات کان پوءِ تي ھن ڪمزور ٿي ويا ۽ فتح ڪيل علائقا انھن جي تسلط کان نڪري ويا. ڪروئيشيا جي ساوا ندي جي ھڪ معاون شاخ نيڊائو وٽ لڳندڙ جنگ نيڊائو ۾ ھار جي نتيجي ۾ ھنن جي بادشاھت جو خاتمو ٿي ويو. ھن نسل جا جانشين اوڀر يورپ ۽ وچ ايشيا جي آبادي جو حصو ٿي ويا.


نقشي ۾ يوريشيائي چراگاھ وارو علائقو رنگ ۾ ڏيکاريل

ھنن جي شروعات ڪيئن ٿي ان بابت ڪا مستند ڄاڻ ڪانہ آھي پر اسڪالرن جو ان ڳالھ تي اتفاق آهي ته اھي وچ ايشيا سان تعلق رکندڙ آھن. ڪلاسيڪل ذريعن مطابق اھي يورپ ۾ چوٿين صدي عيسويءَ جي پوئين حصي ۾ داخل ٿيا ھئا. گوٿن جو خيال ھيو تہ اھي بد روحن جي اولاد ھئا[4]. ھنن لاء ھڪ خيال اھو بہ آھي تہ انھن جو اصل وطن 205 ق م ۾ مودوشانيو[5] بادشاھ پاران قائم ڪيل شيونگنو[6] ايمپائر ھيو.

205 ق م ۾ مودوشانيو بادشاھ جي دؤر ۾ شيونگنو ايمپائر جو نقشو

حوالا[سنواريو]

  1. Syththia
  2. Attila
  3. Visigoths
  4. Getica 24:121
  5. Modu Chanyu
  6. Xiongnu