مواد ڏانھن هلو

ھدو خان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪلاسيڪي سنگيت جو مايه ناز گويو -استاد- هدو خان، اصل فتح ڳڙهه مشرقي پنجاب جو رهاڪو هو، جيڪو پوءِ سيٺ وشنداس مانجهوءَ واري جي اصرار تي سنڌ ۾ آيو ۽ هتي جي ماڻهن جي محبت ڏسي هميشه لاءِ سنڌ جو ٿي ويو. سيٺ گلاب داس جي پرلوڪ پڌارڻ کان پوءِ به سندس پٽ سيٺ وشنداس وٽ رهي پيو ۽ واپس نه ويو. هي ٻئي سيٺيون سنگيت جا ڄاڻو ۽ دلداده هئا ۽ موسيقارن جي ڏاڍي عزت ڪندا هئا. -استاد هدو خان- گائڪي جي لحاظ کان ڌرپڌي گهراڻي سان تعلق رکندو هو، پر مٿس تلونڊي گائڪيءَ جو اثر به هو ۽ خيال جي گائڪيءَ ۾ کيس سٺي دسترس هئي. سندس پسنديده ساز ستار هو، جنهن تي کيس ڏاڍو عبور حاصل هو.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. آرڪائيو ڪاپي, اصل کان 10 اپريل 2016 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 26 مئي 2016۔ اڻڄاتل پيراميٽر |dead-url= نظر انداز ڪيو ويو (مدد)