مواد ڏانھن هلو

ھائيڊرا (جاندار)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
گلوٽٿائيون جو اضافو ھائيڊرا ۾ ٽينٽاڪلز جي ڦھلاء ۾ ڪمي جو سبب ٿيندو آهي

ھائيڊرا
ھائيڊرا ھڪ جنس
سائنسي درجا بندي e
جنس[1]

ھائيڊرا (Hydra:/ˈhdrə/) ھڪ تازي پاڻيء جو نائڊيريا يا نداريا (Cnidaria) فائلم (phylum) ۽ ھائيڊروزوئا (Hydrozoa) ڪلاس تعلق رکندڙ جاندار آھي. جيڪو ٽيمپريٽ ۽ ٽراپيڪل علائقن ۾ رھندڙ آھي.[2][3] ھي جاندار خوردبيني سان چڱيءَ طرح ڏسي سگهجي ٿو. ان جو جسم سيلينڊر وانگر آهي سندس ھڪ ڇيڙي جي آخر ۾ ھڪ سوراخ آھي جيڪو ان جو وات سڏبو آهي ۽ اھو ڪيترن ئي ڌاڳي نما بناوتن ٽينٽيڪلس سان ويڙھيل ھوندو آھي. ٽينٽيڪلس ۽ ٻاھرين تھ تي ڪيترائي زھريلا ڏنگيندڙ جيو گھرڙا (stinging cells) ٿين ٿا، جن سان ھو پنھنجي حفاظت ۽ شڪار ڪري ٿو. ھن جو وات ھڪ پوري خال يا سيلينٽران (coelenterons) ۾ کلي ٿو ۽ اھو جسم جي اندر ٿئي ٿو جتي شڪار کي ھضم ڪندو آهي. ھائيڊرا جي جسم جو آخري حصو اڪثر پاڻيءَ ۾ ڪنھن جسم سان چنبڙيل ھوندو آھي.

Hydra attached to a substrate


حوالا

[سنواريو]
  1. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named worse
  2. Gilberson, Lance (1999) Zoology Lab Manual, 4th edition. Primis Custom Publishing.
  3. Solomon, E., Berg, l., Martin, D. (2002) Biology 6th edition. Brooks/Cole Publishing.