ڳوٺ دو آٻو ۽ اميناڻي شريف (ڪتاب)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڳوٺ دو آٻو ۽ اميناڻي شريف هڪ سنڌي ڪتاب آهي جيڪو دادو ضلعي جي ٻن تاريخي ڳوٺن دو آٻو ۽ اميناڻي شريف بابت لکيو ويو آهي.[1]

ڪتاب جو مقصد[سنواريو]

ڪتاب جو مقصد ڳوٺن جي طبعي بيهڪ، تاريخ، ان سا وابسته تهذيب، ثقافت ۽ مشاهير بابت ڄاڻ مهيا ڪرڻ آهي. انهن ڳوٺن سان وابسته ناليوران شخصيتن جي ياد به تازي ڪئي وئي آهي. ڄاڻيل ڳوٺن جي اسڪولن، مدرسن، مسجدن، بزرگن، علامن ۽ هنرمندن جي باري ۾ پڻ ڄاڻ فراهم ڪئي وئي آهي.

ڪتاب جو ليکڪ ۽ ٻي معلومات[سنواريو]

ڪتاب جو ليکڪ نياز وگھيو آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل 167 صفحا آهن ۽ قيمت 200 روپيا آھي.

حوالا[سنواريو]