ڳؤنٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هندو ماڻھو ڪن ڪارجن مھل ڳؤنٽ ڪم آڻيندا آهن. اهو ”ڳؤنٽ“ اصل ۾ آهي سنسڪرت لفظ گوموتر (Gaomutar) يعني گانءِ جو مٽ، جنھن جي بدران پارسي چون گومز (Gomez) ۽ اهو ڪن پارسين جو نالو بہ آهي. آڳاٽن آرين گانءِ جي ڇيڻي ۽ ڳؤنٽ ۾ ڪيترا ئي گڻ ڏٺا، تنھنڪري انهن جي ڪم آڻڻ جو رواج وڌائون، ڊاڪٽر مارٽن هاگ چوي ٿو تہ يورپ ۾ هارين نارين جا ويج ڳؤنٽ ۽ ڇيڻو عام طرح دوا طور ڪم آڻيندا آهن.[1][2]

حوالا[سنواريو]

  1. Dr. Martin haug: Essays on the Sacred Language, Writings and Religion of the Parsis, pp 289-90
  2. قديم سنڌ (ڀيرومل مھرچند آڏواڻي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر آرڪائيو ڪيا ويا 2020-10-29 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. پاران سنڌسلامت