گگڻ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

گگڻ جو ٻوٽو ڀٽن جي ڪس(ڪناري) تي ڏيپلي تعلقي ۾ عام طرح جام ٿئي ٿو. هيءُ هڪ خاردار ٻوٽو آهي. ۽ سندس ٽارڙيون ۽ ڪنڊا سفيد رنگ جا ٿين ٿا. ٿڙ لسو ۽ رس سان ڀريل ٿيندو اٿس ڇوڏي جي بجاءِ ان جي مٿان بصر جي پردي وانگر سنهون تهه نظر ايندو آهي. ان ٻوٽي جي رس مان گگر پيدا ٿئي ٿو جا شئي نهايت ڪارائتي آهي. تقريباً 200 ورهيه ٿيا ته ڪي اهڙا گگر جا واپاري ٿر ۾ آيا، هئا جن پاڻ سان هڪ دوا آندي هئي جنهن جي ذريعي ٿر جي ماڻهن کي گگر ڪڍڻ جو هنر سيکاريو ويو. گگلڻ جي ٿڙ کي دوا جو مک ڏيئي چاقوءَ سان ٻه چار ٽڪا(چهڪ) ڏنا ويندا هئا ته چند منٽن ۾ ٻوٽي جي سموري رس نپوڙجي ٻاهر نڪري ايندي هئي ۽ گڏجي کؤنر وانگر ڳنڍا ٿي صاف گگر پيدا ٿي پوندو هو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: سير ريگستان؛ ليکڪ: محمد اسماعيل عرساڻي؛ ايڊيشن: 1976ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو