گڏيل پيداواري ذريعا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪنهن به انساني گروهه جي لاءِ هڪ قوم بنجڻ لاءِ اهم شرط ان قوم جي فردن وچ ۾ پيداواري لاڳاپن جي هڪ جهڙائي جو هجڻ ضروري آهي. هڪ جاگرافيائي خطي ۾ رهندڙ ۽ هڪ ٻولي ڳالهائيندڙ انساني گروهه لاءِ اهڙن پيداواري لاڳاپن ۽ پيداواري قوتن جو هجڻ لازمي شرط آهي، جيڪي ان گروهه جي مختلف حصن ۽ طبقن کي هڪ قوم ۾ سلهاڙي سگهن.

هڪ جاگرافيائي خطي جي رهواسين اندر معاشي اتحاد تڏهن ئي پيدا ٿيندو آهي. جڏهن جاگيرداري ختم ٿيندي آهي ۽ جاگيرداري قبيلائي قوميت جي جاءِ تي گڏيل قوم اڀرڻ لڳندي آهي. جاگيرداري دور ۾ معاشي بي ترتيبي ۽ عدم استحڪام هوندو آهي. معاشي اتحاد نه هجڻ ڪري ڪنهن انساني گروهه جو قومي وطن ظاهري طرح ته هڪ نظر ايندو آهي، پر اندروني طور تي الڳ الڳ حصن ۾ ورهايل ۽ اڻ جٽادار هوندو آهي. جڏهن ان جي جاءِ تي سرمائيداري اسرڻ لڳي ته محنت جي ورهاست ڪري هڪ جاگرافيائي وطن جو ڪوبه حصو ان قابل نه رهيو جو هو پنهنجون ضرورتون اڪيلي سر پوريون ڪري سگهي. ان ڪري سڀني کي هڪ ٻئي جي سهائتا جي ضِرورت پئي ۽ هڪ ٻئي تي آسرو وڌڻ لڳو. اهو ئي آسرو هڪ وطن جي جدا جدا خطن کي هڪ ڪڙي ۾ ڳنڍڻ شروع ڪندو آهي ۽ پوري ملڪ (وطن) اندر معاشي اتحاد ۽ ٻڌي جو رجحان وڌندو آهي. ان ڪري معاشي اتحاد کان سواءِ ڪوبه لساني گروهه، هڪ علائقي ۾ رهندي به قوم ٿي نه ٿو سگهي. مطلب ته زندگي جو معاشي ڳانڍاپو ۽ معاشي سگهه يا گڏيل قومي پيداواري ذريعا (Gaddhiyal Pedaawari Zareeya) قوم جو لازمي جزو هوندو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. قومون ۽ قومي تحريڪ آزادي، ليکڪ؛ رڪ سنڌي آرڪائيو ڪيا ويا 2020-10-29 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. پاران سنڌسلامت ڊاٽ ڪام