گڏيل قومن جو افغانستان جي مدد لاء مشن
گڏيل قومن جو افغانستان جي مدد لاء مشن | |
---|---|
![]() | |
![]() يو اين اي ايم اي جي آفيس جو لوگو | |
مختصر | UNAMA |
تشڪيل | 28 مارچ 2002 |
نوعيت | سياسي مشن |
قانوني حيثيت |
يونائيٽيڊ نيشنز سيڪيورٽي ڪائونسل ريزوليوش 2460 (2019) جنھن تحت ھن مشن جو مدو 15 سيپٽمبر 2019 تائين وڌايو ويو.[1] |
صدر دفتر | ڪابل, افغانستان |
سربراھ |
ٽاڊامچي ياماموٽو[2] |
بنيادي تنظيم |
يونائيٽيڊ نيشنز سڪيورٽي ڪائونسل |
ويب سائٽ | http://unama.unmissions.org/ |
گڏيل قومن جو افغانستان جي مدد لاء مشن يا يونائيٽيڊ نيشنز اسسٽنس مشن ان افغانستان(انگريزي: United Nations Assistance Mission in Afghanistan) مختصر نالو UNAMA گڏيل قومن جو ھڪ سياسي مشن آھي جيڪو افغانستان جي سرڪار جي گذارش تي افغانستان جي امن ۽ ترقي جي بنيادن کي برقرار رکڻ لاءِ 28 مارچ 2002 ۾ گڏيل قومن جي سڪيورٽي ڪائونسل جي قرارداد نمبر 1401 ذريعي قائم ڪيو ويو.[3] ھن مشن جي قيام جو اصل مينڊيٽ ڊسمبر 2001 واري بون واري معاھدي جي پيروي ھيو.
جوڙجڪ[سنواريو]
ھن آفيس جو صدر مقام ڪابل ۾ آھي ۽ مددگار آفيسون سرحد پار پاڪستان ۽ ايران ۾ پڻ آھن.ڊسمبر 2018 جي انگ اکرن مطابق ھن مشن جي آفيس جا 1211 ملازم آھن جن ۾ 833 افغاني شھري آھن، 310 بين الاقوامي عملو 68 گڏيل قومن جا والنٽيئر شامل آهن. علائقائي آفيسون ڪابل، ھرات، باميان، گرديز، قنڌار، جلال آباد ، ڪندوز ۽ مزار شريف ۾ آھن.[4] ھن مشن جو سربراھ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو خاص نمائندو ھوندو آھي ۽ جون 2016 ۾ نڪولس ھيسم جي جاء تي ٽاڊامچي ياماموٽو جي مقرري عمل ۾ آئي.[5]ھن مشن جو سربراھ افغانستان اندر گڏيل قومن جي سمورين مشغولين جو ذميدار ھوندو آھي ۽ مشن جي سمورن بنيادي معاملن، ترقياتي ۽ سياسي معاملن جو پنھنجي عملي جي مدد سان نگھبان ھوندو آھي.[6]
حوالا[سنواريو]
حوالا[سنواريو]
- ↑ "United Nations Security Council Resolution 2460". undocs.org. S/RES/2405(2018).
- ↑ "Leadership - UNAMA". United Nations.
- ↑ سانچو:UN document
- ↑ Peace Operations Monitor, Civilian Monitoring Of Complex Peace Operations
- ↑ "Archived copy". وقت October 31, 2013 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل February 7, 2012. UN History of Afghanistan
- ↑ "Leadership" (en ۾). UNAMA. 2015-03-13. https://unama.unmissions.org/leadership.