مواد ڏانھن هلو

گڏيل قومن جو افغانستان جي مدد لاء مشن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
گڏيل قومن جو افغانستان جي مدد لاء مشن
يو اين اي ايم اي جي آفيس جو لوگو
مخففUNAMA
تشڪيل28 مارچ 2002
قسمسياسي مشن
قانوني حيثيتيونائيٽيڊ نيشنز سيڪيورٽي ڪائونسل ريزوليوش 2460 (2019) جنھن تحت ھن مشن جو مدو 15 سيپٽمبر 2019 تائين وڌايو ويو.[1]
صدر مقامڪابل, افغانستان
جڳھ
جڳھون
سربراھ
ٽاڊامچي ياماموٽو[2]
سنڀاليندڙ تنظيم
يونائيٽيڊ نيشنز سڪيورٽي ڪائونسل
ويب سائيٽhttp://unama.unmissions.org/


گڏيل قومن جو افغانستان جي مدد لاء مشن يا يونائيٽيڊ نيشنز اسسٽنس مشن ان افغانستان(انگريزي: United Nations Assistance Mission in Afghanistan) مختصر نالو UNAMA گڏيل قومن جو ھڪ سياسي مشن آھي جيڪو افغانستان جي سرڪار جي گذارش تي افغانستان جي امن ۽ ترقي جي بنيادن کي برقرار رکڻ لاءِ 28 مارچ 2002 ۾ گڏيل قومن جي سڪيورٽي ڪائونسل جي قرارداد نمبر 1401 ذريعي قائم ڪيو ويو.[3] ھن مشن جي قيام جو اصل مينڊيٽ ڊسمبر 2001 واري بون واري معاھدي جي پيروي ھيو.

جوڙجڪ

[سنواريو]

ھن آفيس جو صدر مقام ڪابل ۾ آھي ۽ مددگار آفيسون سرحد پار پاڪستان ۽ ايران ۾ پڻ آھن.ڊسمبر 2018 جي انگ اکرن مطابق ھن مشن جي آفيس جا 1211 ملازم آھن جن ۾ 833 افغاني شھري آھن، 310 بين الاقوامي عملو 68 گڏيل قومن جا والنٽيئر شامل آهن. علائقائي آفيسون ڪابل، ھرات، باميان، گرديز، قنڌار، جلال آباد ، ڪندوز ۽ مزار شريف ۾ آھن.[4] ھن مشن جو سربراھ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو خاص نمائندو ھوندو آھي ۽ جون 2016 ۾ نڪولس ھيسم جي جاء تي ٽاڊامچي ياماموٽو جي مقرري عمل ۾ آئي.[5]ھن مشن جو سربراھ افغانستان اندر گڏيل قومن جي سمورين مشغولين جو ذميدار ھوندو آھي ۽ مشن جي سمورن بنيادي معاملن، ترقياتي ۽ سياسي معاملن جو پنھنجي عملي جي مدد سان نگھبان ھوندو آھي.[6]

حوالا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. "United Nations Security Council Resolution 2460". undocs.org (انگريزي ۾). S/RES/2405(2018).
  2. "Leadership - UNAMA". United Nations.
  3. سانچو:UN document
  4. Peace Operations Monitor, Civilian Monitoring Of Complex Peace Operations, اصل نسخو مان 2019-06-23 تي محفوظ ڪيل, 2019-06-08 تي حاصل ڪيل {{citation}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  5. "Archived copy". اصل نسخو مان October 31, 2013 تي محفوظ ڪيل. February 7, 2012 تي حاصل ڪيل. {{cite web}}: Unknown parameter |deadurl= ignored (|url-status= suggested) (مدد)CS1 maint: archived copy as title (ڳنڍڻو) UN History of Afghanistan
  6. "Leadership". UNAMA (انگريزي ۾). 2015-03-13. اصل نسخو مان 2022-08-12 تي محفوظ ڪيل. 2017-12-12 تي حاصل ڪيل. {{cite news}}: More than one of |accessdate= and |access-date= specified (مدد); More than one of |archivedate= and |archive-date= specified (مدد); More than one of |archiveurl= and |archive-url= specified (مدد); Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)