گونگي بسنت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Silent Spring

پھرين ڇاپي جو ڪور
مصنف رچل ڪارسن
ملڪ آمريڪا جون گڏيل رياستون
ٻولي انگريزي
موضوعs Pesticides, ecology, environmentalism
ڇاپي جي تاريخ سيپٽمبر 27، 1962ع (ھفٽن مفلن)
ابلاغي ذريعي جو قسم پرنٽ (ھارڊ ڪور ۽ پيپر بيڪ)

گونگي بسنت يا خاموش بهار (انگريزي: ( Silent Spring) هڪ ماحولياتي سائنسي ڪتاب آھي جو 27 سيپٽمبر 1962ع ۾ ھڪ  آمريڪي سامونڊي جيو ودياتي ماهر، ماحولياتي بچائُڪ ۽ ليکڪا ”رچل ڪارسن“ لکيو. هن ڪتاب جو موضوع زهريلين جيت مار دوائن جي ڌڙاڌڙ استعمال سببان فطرت تي پوندڙ ھاڃڪارَوِ اثرن کي چٽو ڪرڻ آھي. هن ڪتاب ۾ ڪارسن ڪئميڪل انڊسٽريءَ  کي عوام کي ان قسم جي خطرن کان بيخبر رکڻ جو ذميوار ڄاڻايو آھي جي زهريلين دوائن جي جهجهي واهپي جي ڪري جنم وٺن ٿا. جڏهن ته عوامي نمائنده ادارن کي ان انڊسٽريءَ جي مارڪيٽنگ دعوائن کي سواءِ سوال جي قبول ڪرڻ جو ذميوار ٺھرايو اٿائين. 1950ع ۾ ھن ڪتاب جي ڇپجڻ کان اڳ ڪارسن پنهنجو سڄو ڌيان ماحولياتي بچاءَ جي بابت ڄاڻ پرائڻ تي کپايو، خاص طور ماحولياتي مسئلن طرف جنهن بابت سندس مڃڻ هيو ته اهي هٿرادو جيت مار دوائن جي ڪري پيدا ٿين ٿا. گونگو بسنت هن جي کوجنا ۽ محنت جو نتيجو هيو، جنهن نه فقط آمريڪي پر پوري دنيا جي عوام ۾ ماحولياتي تحفظ جو شعور آندو. ڪتاب کي ڪئميڪل ڪمپنين جي ڇتي مخالفت سان به ملڻو پيو ڇو ته اهو ڪتاب سندن سيڙپڪاريءَ جي خلاف هيو پر عوامي ساٿ هئڻ ڪري هن ڪتاب ڪيترو ئي بدلاءُ آندو. اصل ۾ ان ڪتاب ئي ”گڏيل آمريڪي رياستن جي پيسٽيسائيڊ پاليسيء“ کي اها سگھ ڏني جو ان ”ڊي ڊي ٽي(DDT)“ کي زرعي استعمال لاءِ هاڃيڪارَوِ ڄاڻائيندي ان جي پوري ملڪ ۾  واهپي تي پابندي مڙھي. هن ئي ڪتاب ”آمريڪي ماحولياتي بچاءُ واري ايجنسي“ جو بنياد وجهڻ ۾ مدد ڪئي. 1996ع ۾ ”گونگي بسنت“ جي پوئواريءَ ۾ ”گونگي بنست جو ٻيو پاسو“ نالي ڪتاب ڇپيو، جنهن جا ليکڪ ايڇ ايف وئن ايمڊن ۽ ڊئويڊ پيڪال هئا. 2006ع ۾ ”ڊِسڪَور مئگزين“ پاران ھن ڪتاب کي هر دور جي پنجويھ سٺن ترين سائنسي ڪتابن ۾ شامل ڪيو ويو.